مواد ڏانھن هلو

شاھ سلام الله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاھ سلام الله:(انگريزي: Shah Salamullah) شاھ عنايت شهيد جو ٽيون فرزند هو، سندن ولادت سنه 1130ھ ۾ يعني شاهه عنايت جي شهادت واري سال ٿي، ان وقت سندن عمر مهينو سوا هئي، انيس المساڪين ۾ آيل آهي ته ” جڏهن صوفي صاحب جي شهادت جو وقت ويجهو آيو ته تڏهن پاڻ اندر صوبلي ۾ ويا ته ان وقت شاهه سلام الله پينگهي ۾ ستل هو، سندن ڀرسان بيهي پنهنجو تاج مبارڪ لاهي سندن سيراندي رکيائون ۽ پنهنجي گودڙي پڻ سندن پاسي ۾ رکيائون. شاهه سلام الله جڏهن پندرهن سورهن ورهين جا ٿيا ته ٺٽي وڃي شاهه عبداللطيف ٺٽوي سان مليا، جنهن کين الله واري واٽ ڏسي، پوءِ اتان موٽي ميرنا پور آيا، جتان بنان ڪنهن کان موڪلائڻ جي سير سفر تي نڪتا، ڪجهه فقير به سندن پويان هلندا رهيا، تان جو رياست خيرپور ۾ ڏير آوريءَ واري ڀٽ تي اچي ويهي رهيا، اها ڀٽ روهڙيءَ کان اٽڪل هڪ سئو ڪلو ميٽر اوڀر طرف ناري جي ويجهو آهي، 12 ورهيه اتي رهي رياضتون ڪيائون، پوءِ هاڻوڪي تجل شريف واري هنڌ آيا. جڏهن سندن وصال جو وقت ويجهو آيو، تڏهن پنهنجن مريدن کي چيائون ته ” اسان کي هتي دفن ڪجو“ اسان جا عزيز ااسن جا لاش ميرانپور کڻائي ويندا پر اسان جو روح هتي هوندو، يعني گڏ ميرانپور ۾ سڏ تجل ۾، سندن وصال 1183ھ ۾ ٿيو، مريدن وصيت موجن کين اتي دفن ڪيو، پر ٿوري عرصي کانپوءِ سندين عزيز لاش ڪڍي ميران پور کڻي ويا، مير سهراب خان ٽالپر والي خيپور سندن وهڻ واري هنڌ ( ٿلهي) جي مٿان قبول ٺهرايو، ان ٿلهي تي صوفي صاحب جا ويس ۽ حال ڌاڳا رکيل هئا، هر سال تجل ۾ 25 کان 27 ذوالحج تئاين ميلو لڳندو آهي، جتي هزارين عقيدت مند اچي حاضر ٿيندا آهن[1][2].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. انيس المساڪين(قلعي) قاضي غلام مهدي ص -9 ۽ 10، 1340ھ/ 1932 ع