شاھجھاني مسجد ٺٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(شاھجھان مسجد ٺٽو کان چوريل)

View from the gardens مسجد شاهجهاني، هن مسجد جي مسقف حصن ۽ ان جي گنبذن اندران ٽائيلس جو جيڪو خوبصورت ڪم ڪيو ويو آهي، اهو اسلامي فنڪاريءَ جي تمام اوچن چند نمونن مان هڪ آهي.مسجد جو اوڀاريون ۽ اولاهيون حصو ڇت هيٺ آهن، جنهن تي ٽي وڏا گنبذ مرڪزي آهن. اتر ۽ اولهه جي ديوارن سان پڻ ڇتائيون رواق آهي، جيڪو غالباً مدرسن جي مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ٻيئي رواق ونگن تي آهن ۽ متعدد ونگون هرڪ رواق هيٺان آهن. مسجد جو رقب 305x170 فوٽ آهي. وچ ۾ تمام ڪشادع صحن آهي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ ئي ٽي هزار عبادتگذار، نماز پڙهي سگهن ٿا. رواقن مٿان، ننڍا ننڍا جملي 92 گنبذ آهن.

محڪمـﮧ آثار قديمـﮧ جي رپورٽ (نمبر 8- طبع بمبئي 1879ع) مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ مسجد تي شاهجهاني دؤر جا نَوَ لک رپيا خرچ ٿيو هو. مسجد جي ڪرسي پٿر جي آهي، ۽ باقي عمارت ننڍين سرن جي آهي. اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڏکڻ کان دروازو آهي، ۽ اوڀارين مسقف عمارت جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ کان پڻ هڪ ننڍو دروازو آهي، جنهن مان نڪري اميرخاني محلي ۾ داخل ٿجي ٿو. مسجد جي ٻنهي ڇتائن عمارتن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وچ تي هڪٻئي جي سامهون عاليشان ۽ بلند ونگن تي دروازا آهن، اتريون ۽ ڏاکڻيون رواق ٻاهر کليل آهي ۽ دروازن جي بجاءِ منجهس ٺل آهن.

انهيءَ جامع جي داخلي دروازي اڳيان ڏکڻ کان جيڪو ڪشادو ميدان پيو آهي، انهيءَ ۾ ٺٽي جو ”قلعـﮧ حاڪم نشين“ هو، ۽ مسجد خود غالباً ڀائي خان جي محلي ۾ هئي. اوڀر کان مير احمد بيگ جو محلو هو، جنهن جاءِ تي بعد ۾ امير ابوالبقا امير خان پنهنجو محلو آباد ڪيو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. اهو مسجد وارو علائقو، شهر جو مرڪزي ۽ اهم حصو هو، ڇاڪاڻ ته ارغوني دؤر کان وٺي مغل نوابن تائين، بادشاهه، حاڪم ۽ انهن جا امير امراءَ انهيءَ ايراضيءَ ۾ رهندا هئا. شهر خواه سنڌ جي سياست انهيءَ ايراضيءَ ۾ فيصل ٿيندي هئي. انهيءَ حصي ۾ مغلن جا فرمان پهچندا هئا، ۽ انهيءَ حصي مان ملڪ تي حڪم صادر ٿيندا هئا. لٽ مار، ڦر ڌاڙي، قتل ۽ غارتگريءَ جا واقعات، جيڪي ٺٽي شهر خواه ملڪ ۾ ڌارين حڪامن ڪرايا، تن سڀني جو منبع شهر جو اهو حصو هو، ۽ اهو ئي شهر جو حصو اڄ برباد ۽ ويران آهي_ اهي آهن خدا جي قدرت جا رنگارنگي کيل!

اها مسجد، شاهجهان بادشاھ ٺهرائي، مسجد ۾ ڪتبا هيٺينءَ ريت آهن، جن مان مختلف تاريخن جو پتو پوي ٿو.

اولهائين، ڇتائين عمارت جي داخلي دروازي تي، ٻاهران ٽن ڪنارن تي، بخط ثلث:

  • ”لقد صدقالله رسولـﮧ الرؤيا_ تا_ مغفرة و اجرا عظيما_ کتبـﮧ سيد علي بن عبدالقدوس 11044هه“.
  • ”اقم الصلواة_ تا_ زهوقا_ مشقـﮧ العبدالفقير بنڀو بن حسن.“

انهيءَ حصي جي وڏي مرڪزي گنبذ هيٺان عمارت مثمن آهي، انهيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث هي ڪتبو آهي:

  • ”سب مان الذي اسرا_ تا_ عذابا اليما_ ڪتبـﮧ فقير طاهر بن حسن ڪاتب“.

اوڀاري عمات ۾ اندر، داخلي دروازي جي ڏاکڻي پاسي کان هي ڪتبو ٽن پٿر جي ٽڪرن تي آهي:

بادشاه زمانـﮧ شاه جهان جامعِ تتـﮧ دلکشا پرداخت
مرتفع جامعي کـﮧ گنبد او سايـﮧ برقبـﮧ سما پرداخت
خاصـﮧ بهرِ خداي ظل خدا خانـﮧ رحمت خدا پرداخت
خوش جامع بحکم شاهجهان زبده آل مصطفيٰ پرداخت
رضوي انتساب مير جلال کـﮧ وزارت ازو صفا پرداخت
گشت فرشي کـﮧ سنگ آن ز صفا رشک جام جهان نما پرداخت
ســــــال تعمير آن دبير خرد ”فرش مطبوع و دلکشا“ پرداخت

هيءُ ڪتبو عبدالله ڪاتب جو لکيل آهي، ۽ ان مان 1068ھ فرش هڻائڻ جو سال معلوم ٿئي ٿو، جيڪو مير سيد جلال رضويءَ وزير(؟) هڻايو. اهو سال شاهجهان جي حڪومت جو آخري سال هو. انهيءَ اوڀارين حصي ۾ طاق جي اندرئين طرف خط ثلث ۾ هي ڪتبو آهي:

  • ”تبارک الزي نزل الفرقان_ تا_ انـﮧ غفورالرحيم. صدق الله، صدق الله اعلي العظيم_ شيخ محمد فاضل“ .

انهيءَ اوڀارين حصي جي داخلي دروازي جي ٻاهران هيٺيا ٻه ڪتبا دروازي جي ڏاکڻي ۽ اترئين پاسي کان پٿر جي ٻن سرن تي اڪريل آهن، ڏکڻ کان بخط نستعليق.

  • چون ز صاحب قِران شاهجهان يافت ترتيب مسجد اعليٰ

اترئين طرف کان ٻن سٽن ۾ مٿئين ڪتبي وانگر:

  • هاتفم گفت سال اتمامش ”گشت زيباچو مسجد: اقصيٰ“ 1057ھ مشقـﮧ عبدالغفور

ڏکڻ کان جيڪو رواق آهي، ان ۾ داخلي دروازي جي اولهائين طرف ٻئي نمبر ونگ جي مٿان هي ڪتبو آهي:

نديده چشمِ فلڪ مسجدي بدين خوبي
کـﮧ آمدند ملايک براي ديدن فيض
بجستم از خرد و عقل سال تعميرش
بديد، کرد اشارت کـﮧ ”هست معدنِ فيض“1054ھ

مسجد ۾ هن وقت ڪل اهي ڪتبـﮧ آهن، جن جا سال ترتيبوار هيٺينءَ طرح آهن: 1054، 1057، 1068، 1104_ محڪمه آثار قديمـﮧ وارن مٿين ڪتبن جي سالن مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سال 1054ھ ۾ مسجد ٺهڻ شروع ٿي؛ 1057ھ ۾ جُڙي راس ٿي؛ شاهجهان جي آخري سال 1068ھ ۾ مير سيد جلال رضويءَ وزير (؟) فرش هڻايو، ۽ عالمگير جي پوئين دؤر ۾ 1104ھ ۾ مسجد ۾ ڪي ترميمون ٿيون.انگريزن پنهنجي دؤرِ حڪومت ۾ ان جي ٻه دفعا مرمت ڪرائي. پهروين دفعو سر بارٽل فريئر 1272ھ (1855ع) ۾ ، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر 1311ھ (1894ع) ۾ ٿي(3). هن وقت تائين مسجد جي حالت بلڪل زبون ٿي چڪي هئي. مسجد آثار قديمـﮧ جي تحفظ ۾ آهي، ليڪن ان جي مرمت پي.ڊبليو.ڊي وارا ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ان جي تاريخي ۽ تعميري روش خواهه خوبي ختم ٿي چڪي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو