شاڪي خان جو محل
| شيڪي خان جو محل | |
|---|---|
| آذربائيجاني: Şəki xanlarının sarayı | |
محل جو ٻاهريون ڏيک (نظارو) | |
| عام معلومات | |
| قسم | شاهي محل |
| مڪانيت | شاڪي, آذربائيجان |
| اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ | 1789/1790[1] |
| مڪمل ٿيل | 1797 |
| ٻيھر اڏاوت | 1848-51, 1955-65, 2002-2004 |
| ڊزائن ۽ تعمير | |
| آرڪيٽيڪٽ | عباسگلو (مڃڻ لائق)[2] |
| سرڪاري نالو | خان جي محل سان گڏ شيڪي جو تاريخي مرڪز |
| معيار | ثقافتي: (ii), (v) |
| عهدو | 2019 (43هون سيشن) |
| حوالا نمبر. | 1549 |
| اسٽيٽ پارٽي | |
| ريجن | الهندي ايشيا |
شاڪي خان جو محل (آذربائيجاني: Şəki xanlarının sarayı ) (انگريزي ٻولي: Palace of Shaki Khans) شيڪي ۾ موجود شاهي محل آذربائيجان ۾ شڪي شاهي خاندان جو اونهارو (گرميءَ جي مُند) جي رهائش گاهہ هئي. اهو 1797 ۾ محمد حسن خان پاران ٺهرايو ويو هيو.
شيڪي خان جي محلات کي يونسڪو عالمي ورثو ماڳ جي فهرست لاءِ ICOMOS-انٽرنيشنل ڪائونسل آن مانيومينٽس ائنڊ سائٽش جي آذربائيجان نيشنل ڪميٽي صدر گلنارا مهمندارواروفا پاران 1998 ۾ نامزد ڪيو ويو[3]. هي آذربائيجان ۾ شڪي شهر جي ڀرسان آهي. محلات 18 صدي عيسوي جو آهي.[4] 7 جولاءِ 2019 تي باڪو ڪنونشن سنٽر ۾ منعقد ٿيل عالمي ورثو ڪاميٽي جي 43 هين گڏجاڻي (سيشن) ۾ شاڪي جو شاهي محل ۽ شاڪي تاريخي مرڪز کي يونيسڪو عالمي ورثو فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.[5]
شيڪي خان محل هڪ آڱڻ آهي جيڪو شيڪي خان جي دؤر ۾ شهر ٺاهيو ويو هيو. اڄ، هي ثقافتي ڪامپليڪس هڪ ميوزيم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو آهي. شاڪي خان محلات 8 هين صدي عيسوي ۾ قلعي جي ڀتين اندر تعمير ڪئي وئي. فن تعمير ۽ فن تعمير جو سڀ کان اهم يادگار هي محلات ٻئي سال ۾ محمد حسن خان ٺهرايو. شاڪي خان محل ايڪوومس آذربائيجان نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين گلنيار مهمندارووا پاران تجويز ڪئي هئي، ته هن محل کي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي. شاڪي خان محل 7 جولاءِ 2011 تي يونيسڪو عالمي ورثو طور رجسٽرڊ ڪئي وئي.
تحفظ ۽ بحالي
[سنواريو]1955 کان 1965 تائين نيازي رضائف جي نگراني بحاليءَ جو ڪم ۾ پُورو ڪيو ويو.
شاهي محلات جي تاريخ
[سنواريو]
شاڪي وٽ شاهي محل 1761 کان 1762 جي وچ واري زماني ۾ حسين خان مشتاق ٺهرايو هيو. شاهي محل شاندار قلعو اندر پرسڪون ڪامپليڪس جي اڪيلو باقي بچيل ڍانچو آهي جنهن ۾ خان خاندان، اردلي (خادمن، نوڪرن) ۽ عملو جي رهائش رکيل هئي. اهو محل خاصيتن ۾ پنهنجي نرالي ٽائيل، ڦوهارن، ڪيترن ئي شيشن ۽ عمده درين جو ٺهيل آهي.
چترشالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ شاڪي خان جو محل سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
- ↑ Adalat Tahirzade.,23
- ↑ آذربائيجان سوويت انسائيڪلوپيڊيا (1987), vol. 10, p. 502
- ↑ "شيڪي، خان جو محل", Официальный сайт ЮНЕСКО., 2001, اصل کان 15 مئي 2012 تي آرڪائيو ٿيل۔
- ↑ Centre, UNESCO World Heritage, "Historic Centre of Sheki with the Khan’s Palace", UNESCO World Heritage Centre (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 16 نومبر 2019۔
- ↑ Centre, UNESCO World Heritage, "Six cultural sites added to UNESCO’s World Heritage List", UNESCO World Heritage Centre (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 16 نومبر 2019۔
- Articles containing non-English language text
- مضمون جن ۾ آذربائيجاني ٻولي جو متن شامل آهي
- سانچا
- آذربائيجان ۾ محلات
- شيڪي، آذربائيجان
- آذربائيجان ۾ عالمي ورثو ماڳ
- آذربائيجان ۾ شاهي رهائش گاهون
- ايشيا ۾ عمارتون ۽ ساختون
- ايشيا جون عمارتون ۽ اڏاوتون
- يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ
- ايشيا ۾ يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ