شاهه پنجو سلطان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاھ پنجو سلطان جي مزار

شاھ پنجو سلطان (انگريزي ٻولي :Shah Panjo Sultan) اصل ۾ ذات جو ڏهوٽ هو، سندس لاڳاپو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ ميانوال تحريڪ سان هو. هن ۽ گاجي شاهه گڏجي مغلن خلاف تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن ۽ اڳواڻ جي حيثيت ۾ ويڙھ ۾ حصو ورتو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي کيس سلطانجو خطاب ڏنو هو. هن بزرگ جو مقبرو سنڌ جي دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقي جي راڌڻ اسٽيشن شهر کان اوڀر طرف اٽڪل 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي شاھ پنجو ڳوٺ ۾ واقع آهي.[1][2][3]

حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-31. 
  2. "درگاهه شاهه پنجو سلطان : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-31. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-12-31.