شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود
عبدالعزيز بن عبدالرحمٰن آل سعود (عربي: عبدالعزيز بن عبدالرحمن آل سعود؛ 15 جنوري 1876 - 9 نومبر 1953ع)، مغربي دنيا ۾ "ابن سعود" (عربي:ابن سعود) جي نالي سان مشهور آهي. ابن سعود عربستان جي علائقي، نجد سان تعلق رکندڙ هڪ سياستدان ۽ مذهبي اڳواڻ هو، جيڪو سعودي عرب جو باني ۽ پهريون بادشاهه بڻيو ۽ 23 سيپٽمبر 1932ع کان سال 1953ع ۾ پنهنجي وفات تائين سعودي عرب تي حڪومت ڪيو. هو سال 1902ع کان وٺي بادشاهت جي ڪجهه حصن تي اڳ ۾ امير ۽ سلطان جي لقب سان حڪومت ڪندو رهيو ۽ نجد جو بادشاهه ۽ حجاز جو بادشاهه رهيو.[1]
ابن سعود نجد جي امير عبدالرحمان بن فيصل ۽ ساره بنت احمد السديري جو پٽ هو. خاندان کي سال 1890ع ۾ رياض شهر ۾ سندن رهائشگاهه کان عثماني سلطنت پاران جلاوطن ڪيو ويو. ابن سعود سال 1902ع ۾ رياض تي ٻيهر قبضو ڪيو ۽ پنهنجي 30 سالن تي محيط فتحن جي شروعات ڪيو، جنهن کيس سڄي مرڪزي ۽ اتر عربستان جو حڪمران بڻايو. هن سال 1921ع ۾ نجد تي پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪيو، پوءِ سال 1925ع ۾ حجاز فتح ڪيو. هن پنهنجي سلطنت کي سال 1932ع ۾ هن حدن تائين وڌايو، جيڪا اڃ سعودي عرب جي بادشاهت آهي. ابن سعود جي فتح ۽ اسلامي احياء پسندن لاءِ سندس حمايت اسلامي دنيا ۾ پان اسلامزم کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو.[2] محمد بن عبدالوهاب جي پيروڪار طور تي، هنن جنت البقيع ۽ جنت المعليٰ جي قبرستانن ۾ ٺاهيل ڪيترن ئي قبرن تي پڪي عمارتن کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو. بادشاهه جي حيثيت سان، سال 1938ع ۾ سعودي عرب ۾ پيٽروليم جي دريافت ۽ ٻين مھاڀاري جنگ کان پوءِ وڏي پيماني تي تيل جي پيداوار جي شروعات جو سهرو هنن کي ڏيو وڃي ٿو. هن جا ڪيترائي ٻار ٿيا، جن ۾ 45 پٽ شامل هئا، جيڪا سڀني هنن کان پوء سال 2026ع تائين سعودي عرب جا بادشاهه ٿيا.
حوالا
[سنواريو]- ↑ . 5 November 2021.
{{cite encyclopedia}}:|archive-url=requires|archive-date=(مدد); Missing or empty|title=(مدد) - ↑ Muhamad Ali. Islam and Colonialism: Becoming Modern in Indonesia and Malaya. Tun.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪي قول ۾ شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود جي متعلق قول موجود آھي۔ |
وڪيميڊيا العام تي شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود بابت مواد
شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود آل سعود Born: 1877ع Died: 1953ع | ||
| Regnal titles | ||
|---|---|---|
| پيشرو عبدالعزيز بن مطيب الراشد |
Emir of Nejd 1902–1921ع |
جانشين پاڻ بطور نجد جو سلطان |
| پيشرو پاڻ بطور نجد جو امير |
نجد جو سلطان 1921–1927ع |
جانشين پاڻ بطور نجد جو شاهه |
| پيشرو پاڻ بطور نجد جو سلطان |
نجد جو شاهه 1927–1932ع |
جانشين پاڻ بطور سعودي عرب جو شاهه |
| پيشرو علي بن حسين، شريف مڪه |
حجاز جو شاهه 1926–1932ع | |
| پيشرو پاڻ بطور حجاز ۽ نجد جو شاهه |
سعودي عرب جو شاهه 1932–1953ع |
جانشين Saud bin Abdulaziz |
| پيشرو امير عبدالرحمان بن فيصل |
آل سعود جو سربراهه 1901–1953ع | |
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: archive-url
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- شاهه عبدالعزيز بن عبدالرحمان آل سعود
- سعودي شخصيتون
- سعودي عرب
- آل سعود
- سعودي عرب جا شاهه
- 1876ع جون پيدائشون
- 1953ع جون فوتگيون
- 1876 پيدائشون
- 1953 موت
- 20 صدي جي سعودي عرب جي بادشاهن
- عثماني سلطنت جا عرب ماڻهو
- العود قبرستان ۾ تدفين
- ليجن آف ميرٽ جا چيف ڪمانڊر
- ليجن آف ميرٽ جا پرڏيهي وصول ڪندڙ
- ايشيا ۾ باني بادشاه
- اعزازي نائيٽس گرينڊ ڪمانڊر آف دي آرڊر آف دي انڊين ايمپائر
- اعزازي نائيٽس گرينڊ ڪراس آف دي آرڊر آف دي غسل
- مسلم فاشسٽ مخالف
- رياض جا ماڻهو
- 1948 جي عرب-اسرائيلي جنگ جا ماڻهو
- سعودي عرب سني مسلمان
- سلطان
- دهشتگردي حملن مان بچيل
- ٻي عالمي جنگ جا سياسي اڳواڻ
- 19هين صديءَ جا عرب ماڻهو
- 20هين صديءَ جا عرب ماڻهو