شانيد ايئرن
ڏيک
آئرلينڊ جي سينيٽ شانيد ايئرن Seanad Éireann | |
|---|---|
| قسم | |
| قسم | جيڪو اريڪتاس جو حصو آهي |
| اڳواڻي | |
ڪاھيئرلخ | مارڪ ڊئلي، (فيئانا فئل) 29 جون 2020ع کان |
ليئس ڪاھيئرلخ | خالي |
شانيد جو ليڊر | ريگينا ڊوھرٽي، (فائين گئل) 27 جون 2020ع کان |
ڊپٽي ليڊر | ليزا چيمبرز، (فيئانا فئل) 29 جون 2020ع کان |
مخالفت ڌر جا ليڊر | ايوانا باچڪ (ليبر پارٽي)
۽ نيئل او ڊونگئلي (شن فئين) 29 جون 2020 کان |
| ڍانچو | |
| سيٽون | 60 |
| چونڊون | |
پويون چونڊون | آئرش شانيد جون چونڊون، 2020ع |
| گڏجاڻيءَ جو ھنڌ | |
| شانيد چيمبر
لينسٽر ھائوس، ڊبلن | |
| ويب سائيٽ | |
| oireachtas | |
شانيد ايئرن (Seanad Éireann)،[1] جيڪا آئرلينڊ جي سينيٽ ۽ آئرلينڊ جي اريڪتاس (پارليامينٽ) جو مٿيون ايوان آھي. ان جا رڪن سينيٽر سڏبا آهن. اريڪتاس جي ھيٺين ايوان ڊائل ائيرن جي برعڪس ھن ايوان جي رڪنن جي سڌي چونڊ ڪانہ ٿيندي آهي. ان جا اختيار بہ دائل ائيرن جي ڀيٽ ۾ محدود آهن. ان کي ويٽو جو اختيار ڪانہ آھي. ڪو بہ بل ڊائل ائيرن کان منظور ٿي پوء شانيد ۾ ايندو آهي ۽ سينيٽ جي رد ڪرڻ بعد ٻيھر ڊائل ائيرن ۾ پيش ٿيندو آهي جنھن جي منظوري حتمي ھوندي آھي. ان جي رڪنن جي چونڊ مختلف طريقن سان عمل ۾ ايندي آھي. 43 سينيٽرن کي ڪائونسلر يا پارليامينٽر چونڊيندا آهن. 11 جي چونڊ تشيخ (وزيراعظم) ڪندو آهي. 6 سينيٽرن جي چونڊ ٻن يونيورسٽين وارن تڪن ذريعي ٿيندي آهي. اھڙي طرح شانيد جا ڪل 60 رڪن ھوندا آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Seanad". ڊڪشنري (آڪسفورڊ ليڪسيڪو) UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. 30 November 2013 تي حاصل ڪيل.