مواد ڏانھن هلو

شاد عظيم آبادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شاد عظیم آبادی
پيدائشسيد علي محمد
8 جنوري 1846(1846-01-08)
عظيم آباد (موجوده پٽنا، بهار)
وفات7 جنوري 1927(1927-01-07) (عمر 80 سال)
پٽنا، بهار
ٻيا نالاشاد
لقبخان بهادر

شاد عظيم آبادي (8 جنوري 1846 – 7 جنوري 1927)[1] هندستاني شاعر ۽ اديب هو، جيڪو عظيم آباد، پٽنا، بهار سان لاڳاپيل هو.[2][3] هن پنهنجي مذهب اسلام سان گڏوگڏ هندومت ۽ عيسائيت جو پڻ مطالعو ڪيو. هن غزل ۽ مرثيو نگاريءَ ۾ خاص مهارت حاصل ڪئي.[4] اردو عالم علي جواد زيدي کيس ”غزل جو نجات ڏيندڙ“ قرار ڏنو، جنهن غزل کي نئين مٺاس، احساس جي تازگي ۽ شعري حقيقت نگاري عطا ڪئي.[5] پنهنجي سماجي حيثيت ۽ درباري شاعر طور سڃاڻپ سبب، هن پٽنا ۾ ڪيترائي انتظامي عهدا سنڀاليا، جن ۾ اعزازي مجسٽريٽ ۽ پٽنا جي ميونسپل ڪمشنر جا عهدا پڻ شامل هئا.[6]

زندگي ۽ ادبي سفر

[سنواريو]

شاد عظيم آبادي 1846ع ۾ پنهنجي ناناڻي گهر ۾ ڄائو. سندس خاندان نهايت دولتمند هو ۽ پٽنا جي اعليٰ سماجي حلقن ۾ معزز حيثيت رکندڙ هو۔ شاد عظيم آبادي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ ڏانهن لاڙو ڏيکاريو. هن اسڪولي دور ۾ عربي، فارسي ۽ اردو سکيا. کيس پنهنجي زماني جي ڪيترن مشهور شاعرن کان شاعريءَ جي تربيت ملي، جن ۾ شاه اُلفت حسين فرياد به شامل هو، جنهن کي ڪي ماڻهو سندس استاد تسليم ڪن ٿا۔ سندس شاعري پنج جلدن ۾ شايع ٿي.[7] بسمل عظيم آبادي، شاد عظيم آبادي جو شاگرد هو.[8]

اردو بابت رويو

[سنواريو]

عظيم آبادي اردو ٻولي بابت قدامت پسند رويو اختيار ڪيو. هن جو خيال هو ته اردو رڳو اعليٰ طبقي جي ماڻهن جي ٻولي آهي.[6] سندس هن رويي سبب اردو اخبار ال پنچ سان سندس اختلاف ٿيو، ڇاڪاڻ⁠ته اها اخبار عام ماڻهن کي اردو ۾ لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندي هئي، جيڪو سندس نظرئي جي خلاف هو ته اردو تي رڳو اشراف جو حق آهي.[6]

ڪتابيات

[سنواريو]
  • Irshad, Naqi Ahmad (1967). Shad Azeemabadi: Kalam aur Sharah-e-Kalam (اردو ۾). Lucknow: Naseem Book Depot.
  • Fatmi, Zeeshan (1996). Shad Azimabadi: Hindustani Adab Ke Memar [Shad Azimabadi: The Maker of Indian Literature] (اردو ۾). Delhi: ساھتيا اڪيڊمي.
  • Haider, Syed Raza (2011). Shad Azimabadi: Hayat-e-Khidmat [Shad Azimabadi: Life and Works] (اردو ۾). New Delhi: Ghalib Institute.
  • Azimabadi, Hameed (1937). Shad Azimabadi Ke Sau Sher (اردو ۾).
  • Shad Azimabadi: Chand Mutale [Shad Azimabadi: Some Researches] (اردو ۾). Patna: خدا بخش اورينٽل لائبريري. 1996.
  • Irshad, Naqi Ahmad (1967). Shad Azimabadi (اردو ۾). Lucknow: Naseem Book Depot.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Life and death". Hindustan Times (انگريزي ۾). 1 April 2013. 2022-10-26 تي حاصل ڪيل.
  2. "Shad Azimabadi – Profile & Biography". Rekhta (انگريزي ۾). 2022-10-26 تي حاصل ڪيل.
  3. TwoCircles.net (9 January 2008). "Bihar remembers Shad Azimabadi". TwoCircles.net (آمريڪي انگريزي ۾). 2022-10-26 تي حاصل ڪيل.
  4. Mukherjee, Sujit (1998). A Dictionary of Indian Literature: Beginnings-1850. Orient Blackswan. ص. 357. ISBN 9788125014539.
  5. Ali Jawad, Zaidi (1993). A History of Urdu Literature. Sahitya Akademi. ص. 333–336. ISBN 978-81-7201-291-5.
  6. 1 2 3 Paiker, Ufaque (2022). "Remembering Malan: reading representations of domestic servants in colonial Bihar". South Asian History and Culture 13 (4): 498–513. doi:10.1080/19472498.2022.2120245. https://doi.org/10.1080/19472498.2022.2120245.
  7. Kanda, K.C (1995). Urdu Ghazals: An Anthology, from 16th to 20th Century. Sterling Publishers Pvt. Ltd. Copyright. ص. 208–209. ISBN 9788120718265.
  8. "तमन्नाओं में उलझाया गया हूं...जानिए मशहूर शायर शाद अजीमाबादी को". Dainik Jagran (هندي ۾). 2022-10-26 تي حاصل ڪيل.