سید علی محمد باب
سيد علي محمد باب (پيدائش: 1820ع — وفات: 1850ع)، بابي يا بھائيت جو باني هو. سندس والد محمد رضا شيراز جو هڪ واپاري هو. سيد علي محمد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪربلا ويو ۽ پوءِ شيراز واپس اچي 24 سالن جي عمر ۾ “بابِ خدا تائين پهچڻ جو دروازو” هجڻ جو دعويٰ ڪيو. اصفهان جو گورنر منوچهر سندس پيروڪار بڻيو. مرزا يحيٰ نوري، جيڪو پوءِ “صبح ازل” جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ مرزا حسين علي نوري، جيڪو بہاءُ الله جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، گڏوگڏ آيت الله ملا برغاني جي حسين و جميل ڌيءَ زرّين تاج، جيڪا قرۃ العين طاهره سڏبي هئي، هن مذهب جا سرگرم مبلغ هئا. عالمن باب جي سخت مخالفت ڪئي ۽ کيس ڪافر قرار ڏنو. بادشاهه ناصرالدين قاچار جي حڪم تي آخرڪار تبريز جي چوڪ تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو ۽ سندس لاش شهر کان ٻاهر اڇلايو ويو. سندس پيروڪارن جو عقيدو آهي ته سندس مريدن لاش لڪائي ڇڏيو ۽ لڳ ڀڳ پنجاهه سال پوءِ عبدالبهاء جي دور ۾ فلسطين کڻي وڃي جبل ڪرمل تي دفن ڪيو ويو. بهائي هن کي “مقام اعلىٰ” چون ٿا. باب ٻه ڪتاب “بيان” ۽ “دلائل السبعہ” لکيا، جن مان سندس مذهبي عقيدن جو مختصر اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔