سڻ
سِڻَ (انگريزي: Sinna plant ) سنڌ ۾ جام ٿئي ٿي، مگر اهڙي ڪار آمد نہ آهي جهڙي ٿر ۾.[1]هي ٻوٽو ڀٽن تي ڪونه ٿئي، پر هيٺاهينءَ زمين ۽ ڏهرن جي ڏاڍي زمين ۾ جام ٿئي، سڄي ٿر ۾ عام آهي. هن کي يڪو تڙ هوندو آهي پر سڄو زمين سان لاڳو ۽ اندر ٿيندو آهي. ٻاهر سنهيون سنهيون شاخون ٿي گول دائري ۾ جهڳٽي وانگر ٿي بيهندو آهي. ڇڪڻ سان بعضي پاڙ سميت پَٽجي ايندو آهي. جيستائين ڪچو هوندو آهي تيستائين اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائين، ٻڪري کير وڌائي ٻيڻو ڪندي آهي. هن ۾ ننڍا اڇا ۽ پيلا گُلڙا ٿيندا آهن، ٻيو ڪو خاص ڪمائتو ڦل ڪونه ٿئي. سڻ وڍي ڪجهه ويرا ڪري هڪٻئي مٿان سَٿي ڍنگهرن ۽ ڪاٺين جو ڏَپَ ڏيئي ڇڏبو آهي. پنجن- ستن ڏينهن کان پوءِ سڪڻ بعد ماڻهو چونرن، لانڍين ۽ ڇنن جي ڇتين تي ڇاڄو ڏين ۽ پوءِ ان مٿان وري مُرٽون يا کپ ڏيئي نوڙين سان قابو ڪري ڇڏين. ڇاڄي ڏيڻ وارا اهڙا ڪاريگر آهن، جو جاءِ جي اندران سِڻن جو ڪوبه گوڍ يعني تڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو[2]. ساوا سڻ وڍي اُن مان نوڙيون وٽين، جي جاين لاءِ ڇاڄي جي مٿان ٻڌڻ جي ڪم اچن. سُڪل سڻ پسائي اُن مان به نوڙيون وٽين. وسڪاري جو يا جڏهين وجهه لڳي، تڏهين نوڙيون وٽي گول ويڙهي سُٿي ٺاهي گڏ ڪندا ويندا آهن. ضرورت وقت پاڻيءَ ۾ پسائين ته گهمجيو نرم ٿيو پون، جي پوءِ ڪم آڻين. نوڙين مان ڇِڪا ٺاهي گهرن جي ڇتين ۾ ٽنگي ڇڏين، جن ۾ کير، مکڻ، اتو، مانيون يا ٻيون شيون رکن ته ماڪوڙين، ٻلين ۽ جيتن کانبچيل رهن. نوڙين جا گول سُٿيا ٺاهي رکن، جي مَٽن، دلن ۽ ڪُنن جي هيٺ ڪم اچن. انهن تي رکيل ٿانءُ ڦٻي بيهندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن اُلڙهه ڪندو ڪونه. جهنگ ۾ بيٺل سِڻ نيٺ سُڪي ڪار اٿي ويندا آهن، جي ڍڳيون ڪونه کائينديون آهن، پر ڏڪار وقت گاهه جي نه هئڻ ڪري کائينديون آهن. پوءِ جڏهن برسات پوندي آهي ۽ پَلر پاڻي ٿيندو آهي جو ڍڳيون پيئنديون آهن ته بعضي ڪي مريو وڃن، چوندا آهن ته ”هن کي سِڻ لڳا آهن.“ غريب ماڻهو سڪل سِڻ آڻي گهر ۾ رکندا آهن. باهه ٻارڻ وقت زالون ٿورو مُچو ڪري تيليءَ سان يا منجهس ٽانڊو وجهي ڦُوڪ ڏيئي باهه ٻارينديون آهن.[2].
فائدا
[سنواريو]سڻ بلڪل ڪمائتي آهي. ٻڪريءَ لاءِ ته معجون آهي. سايون سڻون کائي ٻڪري ٻيڻو کير پيدا ڪندي آهي. اٺ لاءِ به ياقوتيءَ کان گهٽ نه آهي. سبز سڻيءَ جي کيٽ ۾ اُٺ کي ڇڏڻ اٺ لاءِ ڀلو آھي. سڪل سڻون ويتر ڪمائتيون ٿين. ٿرين جي لانڍين ۽ چؤنرن جي ڇتين لاءِ سڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به ڇپر ڪونهي. ٿري ماڻهو سڻون ڪپي آڻي ڍير ڪن ۽ پوءِ پنهنجي ڪکائين گهرن جون ڇتون سڻن سان ڍڪي کپ جي ٻنڌڻ سان ٻڌي اهڙيون ته مضبوط ڪيو ڇڏين جو عمدن بنگلن جون سڪون لهيو وڃن.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ ايڊيشن: 1976؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو