سڪندر عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سڪندر عباسي پٽ محمد رمضان عباسي هجري 1393 ذوالحج جي 6 تاريخ ڏينھن اڱارو، عيسوي 1974ع جنوري جي تيرهين تاريخ بکرمي 2030 پوه مھيني جي 18 تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. نوڪري انڪم ٽيڪس آفيس لاڙڪاڻو. تعليم ايم اي پوليٽيڪل سائنس. لکڻ جو شوق 1993ع کان ٿيو. پھرين ڪھاڻي ”واپسي“ جيڪا ماهوار رسالي ”بختاور“ حيدرآباد ۾ ڇپي. ڪھاڻين جا ٻہ ڪتاب 1. ”پيار جو پھريون نظم“ جنھن ۾ 10 ڪھاڻيون آهن، 1998ع ۾ انڊلٺ پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو. ٻيو ڪتاب ”ڪوجهي چنڊ جو غم“ مئي 2002ع ۾ سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن لاڙڪاڻي شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ 4 ڪھاڻيون ۽ هڪ ناوليٽ ”مون ۾ آهين تون“ جي عنوان سان ڏنل آهن. هي ڪتاب 80 صفحن تي مشتمل آهي. سڪندر عباسي ڪھاڻيڪار کان علاوه، ڪالم نويس، ٽي.وي ڊراما رائيٽر ۽ ريڊيو ڪمپيئرر آهي.