سڪرنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سکرنڈ کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سڪرنڊ
تعلقو
صوبو سنڌ
ضلعو شهيد بينظير آباد
اوچائي 25 ميل (82 ft)
ٽائيم زون پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)
فون ڪوڊ 0244

سڪرنڊ (Sakrand) پاڪستان جي صوبي سنڌ جو ھڪ شهر آهي. سڪرنڊ ضلع شھيد بينظير آباد (پراڻو نوابشاهه) جو تعلقو آھي. سڪرنڊ قومي شاهراه جي ٻنهي پاسن کان آباد آهي نوابشاهه ڪان سڪرنڊ 18 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. جيڪو نئي ون وي روڊ جي زريعي ادھ ڪلاڪ جو آھي سڪرنڊ کان الهندي طرف اٽڪل 18 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياءُ آهي ڪراچي ڪان سڪرنڊ 250 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي ءِ نيشنل هائي وي (N-5) جي زريعي ساڍهي ٽن ڪلاڪن جو سفر آھي جڍھين ته حيدرآباد ڪان تقريبا 90 ڪلو ميٽر ءِ لوڪل روڊ ٽرانسپورٽ زريعي ڍيڊھ ڪلاڪ جي مسافت تي آهي سن 1912ع کان اڳ ۾ جڏهن نوابشاه ضلعي جو اڃا وجود ئي ڪونه هئو، ته اُن وقت به هيءُ شهر حيدرآباد ضلعي جي تعلقي جو صدر مقام هئو. سڪرنڊ قديم تاريخ جو اڀياس ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ هيءُ شهر هر لحاظ کان وڏي اهميت وارو هئو. سڪرنڊ زراعت جي دولت سان مالا مال آهي ءِ هڪ وڏو ڪاروباري شهر آهي سڪرنڊ جي تاريخ سن 1782ع ۾ ٽالپر خاندان جي اڳواڻ مير فتح علي خان ٽالپر جڏهن هالاڻيءَ جي ميدان تي ڪلهوڙن جي آخري حاڪم ميان عبدالغني خان کي شڪست ڏئي سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ڪئي. تڏهن پڻ هيءُ شهر ٽالپرن جي حڪمراني هيٺ آيو. ان کان پوءِ هڪ دفعي مير فتح علي خان ٽالپر شڪار ڪرڻ جي لحاظ کان موجود سڪرنڊ شهر جي ڏکڻ طرف ”سڪرنڊ واري ڍنڍ “ تي اچي منزل انداز ٿيو مير صاحب کي هن ڍنڍ جي منظر ۽ آسپاس جي دلڪش ماحول نهايت ئي موهي وڌو. جنهن ڪري انهي ڍنڍ جي ٻيٽاريءَ تي محلات جوڙيائين، ۽ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ سان وري قلعو تعمير ڪرايائين. انهيءَ قلعي ۽ ڍنڍ جي اوسي پاسي واري آباديءَ کي”فتح آباد“ جو نالو ڏنائين. اڏايل محلات ۾ پاڻ ۽ سندس ٽي ڀائر مير غلام علي، ميرڪرم علي، مير مراد علي خان وقت به وقت اچي سير سفر ۽ شڪار ڪندا هئا. انهيءَ چئني ڀائرن کي گڏي سنڌ جي تاريخ ۾ ”پهرين چوياري“ ڪري سڏيندا آهن مير عظيم الدين ٺٽوي اڳتي هلي اُنهيءَ ڍنڍ جي نظارن، وڻندڙ آبهوا، ۽ مٺي پاڻيءَ جي نسبت سان انهيءَ ڍنڍ کي ”شڪر“ ڍنڍ جو نالو ڏنو. انهيءَ ڳالهه مان اهو گمان غالب آهي ته ميرن جي دور کان اڳ ۾ هيءَ بستي ضرور ڪنهن نالي سان سڏبي هوندي! جيئن ته شهر جي ڀرسان ڍنڍ هئي. ان ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هن ڍنڍ کي ماڻهو، ڍنڍ واري بستي ڍنڍ وارو شهر يا ڍنڍ ڀر بستي سڏيندا هوندا، پر ٽالپرن جي دور ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي طرفان فتح آباد واري قلعي ۽ فتح آباد شهر تعمير ڪرائڻ ڪري ڪجهه وقت هن شهر کي”فتح آباد“ سڏيو ويو، پر جيئن ته مير عظيم الدين ٺٽوي جي قول مطابق هيءَ ڍنڍ ”شڪر ڍنڍ“ يعني مٺي پاڻيءَ واري ڍنڍ سڏجڻ ۾ آئي. ۽ اڳتي هلي عام ماڻهو هن شهر کي ”شڪر ڍنڍ“ وارو شهر يا بستي سڏيو. ۽ ايئن ”ش“ جي بجاءِ ”س“۽ پهرئين ”ذ“ کي حذف ڪري آخري”ڍ“ جي جاءِ تي”ڊ“ کي قائم رکي شهر کي ”سڪرنڊ“ سڏڻ شروع ڪيو. جو اصل ۾ غلط لفظ آهي. اهڙي طرح فتح آباد وارو نالو پڻ آهستي آهستي ٿي هميشه جي لاءِ مٽجي ويو حال هي ۾ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري هتي سڪرنڊ شهر ۾ پيهرين يونيورسٽي کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.جنهن جو نالو شهيد بينظير بهٽو انٽرنيشنل يونيورسٽي آف ويٽرنري اينڊ اينيمل سائنس رڪيو ويو آهي.

سڪرنڊ شهر تاريخ جي روشنيءَ ۾[سنواريو]

سڪرنڊ جوتاريخي ۽ قديم شهر قومي شاهراهه جي ٻنهي پاسن کان آباد آهي. انهيءَ قومي شاهراهه کي اڳئي دور ۾( راوڙ) وارو رستو به سڏيندا هئا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن واري زماني ۾ هن رستي کي وري ( ٽپالي) رستو ڪري به سڏيندا هئا. انگريزن جي ابتدائي زماني ۾ هن کي (نار) وارو رستو ڪري سڏيندا هئا. سنڌو درياءُ سڪرنڊ کان الهندي طرف اٽڪل 18 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي وهندو رهي ٿو. هن شهر جي باري ۾ اهڙا ڪيترائي اهڃاڻ ۽ نشان ملن ٿا، جن مان اهو چڱي طرح واضع ٿئي ٿو ته سڪرنڊ جي هيءَ پراڻي بستي ڪنهن به صورت ۾ ساڳئي هنڌ آباد هئي. سڪرنڊ هن وقت موجوده نوابشاهه ضلعي کان اڳ ۾جڏهن نوابشاهه ضلعي جو سب ڊويزن ۽ تعلقي جو صدر مقام آهي. سن 1912ع کان اڳ ۾ جڏهن نوابشاهه ضلعي جو اڃا وجود ئي ڪونه هئو، ته اُن وقت به هيءُ شهر حيدرآباد ضلعي جي تعلقي جو صدر مقام هئو. سڪرنڊ قديم تاريخ جو اڀياس ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ هيءُ شهر هر لحاظ کان وڏي اهميت وارو هئو.ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب (انڊس ڊيلٽا ڪنٽري) ۾ سڪرنڊ جي تاريخ حيثيت سان بيان ڪئي آهي [1]. اُن کان سواءِ هيوز به( سنڌ گزيٽيئر) ۾ سڪرنڊ شهر جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي [2]. اهڙيءَ طرح سان ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن جي احوال مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي قديم بستي وڏي اهميت واري آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن بستيءَ تي "سڪرنڊ " نالو ڪيئن پيو ۽ ڪڏهن پيو؟ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سڪرنڊ تي انهيءَ نالي پوڻ مطابق ڪي به روايتون ۽ لکتون نه ٿيون ملن، جن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ته هن شهر جو اصل نالو ڇا هئو؟ پوءِ اهو شهر "سڪرنڊ" سڏجڻ ۾ ڪيئن آيو. تاريخ جي مطالعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ هيءُ شهر انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.هن دور جي مشهور شاعر مير عظيم الدين ٺٽوي جي ڪتاب "فتح نامه" مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته شهر تي اهو نالو ان ڪري ئي عام مشهور ٿيو. سن 1782ع ۾ ٽالپر خاندان جي اڳواڻ مير فتح علي خان ٽالپر جڏهن هالاڻيءَ جي ميدان تي ڪلهوڙن جي آخري حاڪم ميان عبدالغني خان کي شڪست ڏئي سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ڪئي.تڏهن پڻ هيءُ شهر ٽالپرن جي حڪمراني هيٺ آيو. ان کان پوءِ هڪ دفعي مير فتح علي خان ٽالپر شڪار ڪرڻ جي لحاظ کان موجود سڪرنڊ شهر جي ڏکڻ طرف "سڪرنڊ واري ڍنڍ " تي اچي منزل انداز ٿيو.مير صاحب کي هن ڍنڍ جي منظر ۽ آسپاس جي دلڪش ماحول نهايت ئي موهي وڌو.جنهن ڪري انهي ڍنڍ جي ٻيٽاريءَ تي محلات جوڙيائين، ۽ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ سان وري قلعو تعمير ڪرايائين.انهيءَ قلعي ۽ ڍنڍ جي اوسي پاسي واري آباديءَ کي"فتح آباد" جو نالو ڏنائين. اڏايل محلات ۾ پاڻ ۽ سندس ٽي ڀائر مير غلام علي،ميرڪرم علي، مير مراد علي خان وقت به وقت اچي سير سفر ۽ شڪار ڪندا هئا. انهيءَ چئني ڀائرن کي گڏي سنڌ جي تاريخ ۾ "پهرين چوياري" ڪري سڏيندا آهن. مير عظيم الدين ٺٽوي اڳتي هلي اُنهيءَ ڍنڍ جي نظارن، وڻندڙ آبهوا، ۽ مٺي پاڻيءَ جي نسبت سان انهيءَ ڍنڍ کي "شڪر" ڍنڍ جو نالو ڏنو. انهيءَ ڳالهه مان اهو گمان غالب آهي ته ميرن جي دور حڪومت کان اڳ ۾ هيءَ بستي ضرور ڪنهن نالي سان سڏبي هوندي! جيئن ته شهر جي ڀرسان ڍنڍ هئي. ان ڪري ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هن ڍنڍ کي ماڻهو، ڍنڍ واري بستي ڍنڍ وارو شهر يا ڍنڍ ڀر بستي سڏيندا هوندا، پر ٽالپرن جي دور ۾ مير فتح علي خان ٽالپر جي طرفان فتح آباد واري قلعي ۽ فتح آباد شهر تعمير ڪرائڻ ڪري ڪجهه وقت هن شهر کي"فتح آباد" سڏيو ويو، پر جيئن ته مير عظيم الدين ٺٽوي جي قول مطابق هيءَ ڍنڍ "شڪر ڍنڍ" يعني مٺي پاڻيءَ واري ڍنڍ سڏجڻ ۾ آئي.۽ اڳتي هلي عام ماڻهو هن شهر کي "شڪر ڍنڍ" وارو شهر يا بستي سڏيو. ۽ ايئن "ش" جي بجاءِ "س"۽ پهرئين "ذ" کي حذف ڪري آخري"ڍ" جي جاءِ تي"ڊ" کي قائم رکي شهر کي "سڪرنڊ" سڏڻ شروع ڪيو.جو اصل ۾ غلط العوام لفظ آهي. اهڙي طرح فتح آباد وارو نالو پڻ آهستي آهستي ٿي هميشه جي لاءِ مٽجي ويو. مير عظيم الدين ٺٽوي جو مٿيون قول اسان کي ڏاڍو قومي لڳي ٿو. هو انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو ته، "مير عاليءَ مقام (مير فتح علي خان ٽالپر) جي حڪم سان "فتح آباد" نالي هڪ نئون شهر اهڙي جڳهه تي قائم ڪيو ويو،جنهن جي زمين مان سهڻا ۽ من موهيندڙ گل پيدا ٿين ٿا، اتي هڪ مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ موجود هئڻ جي ڪري ان ڍنڍ کي "شڪر" ڍنڍ سڏيو ٿو وڃي. فتح آباد کي چئو گرد قلعو آهي،جنهن جي دامن ۾ هيءَ ڍنڍ قائم آهي، ۽ ڍنڍ ۾ اڀرندڙ ويرون هيج ۽ خوشيءَ ۾ نچنديون ۽ ٽپنديون رهن ٿيون. انهيءَ مزڪوره ڍنڍ جي وچ تي جيڪا ٻيٽاري آهي،انهيءَ جي مٿان هڪ شاهي محل اڏايو ويو آهي. جنهن جي پيڙهه پٿرائين آهي. فتح آباد قلعي جو ٻيو دروازو ڍنڍ ڏانهن آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي انهيءَ قلعي جي چائنٺ کي چمندو رهي ٿو. انهيءَ ڍنڍ ۾ هر وقت روپين، سونين چوٽين ۽ ڇٽين سان ٻيڙيون بيٺل رهن ٿيون، جن جي زريعي محلات جا رهواسي سدائين ڍنڍ جو سير سفر ڪندا رهن ٿا. جڏهن مير فتح علي خان ۽ سندس ڀاءُ مير غلام علي خان ٽالپر انهيءَ سير گاهه ۾ اچن ٿا ته اهي ٻئي سج ۽ چنڊ وانگر روشن نظر اچن ٿا. چئني پاسن کان سهڻيون نفيس ويهڪ جون جايون ٺهيل آهن ۽ هر وقت ٿڌيون ٿڌيون هوائون لڳنديون رهن ٿيون. رات جي وقت جڏهن آسمان ۾ تارا ٽمڪندا رهن ٿا انهيءَ ڍنڍ جي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ آرسيءَ وانگر نظر اچن ٿا. هند ۽ سنڌ ۾ هن جهڙو ڪو سير گاهه ڪونهي.! عظيم الدين ٺٽويءَ کان پوءِ تالپر خاندان جي آخري حاڪم مير نصير خان جي پٽ مير حسن علي خان ٽالپر"حسن" پنهنجي ڪتاب "شاهنامه سنڌ عرف ڪلهوڙن جي هار" ۾ انهيءَ ڍنڍ، محلات ۽ قلعي جو ذڪر ڪيو آهي، جو لڳ ڀڳ مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي مٿئين بيان ڪيل احوال جو نفل نظر اچي ٿو. مير حسن علي خان ٽالپر" شاهنامه سنڌ" ۾ ان جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو: شڪر ڍنڍ ڪولاب جو آ نام، ٿيو مشهورسڪرنڊ در خاص و عام، لبا لب سڄو آهه پُرا، مصطفيٰ ٿيو آبش چون آب گهر، اها سر زمين رشڪ باغ جنان، هيون جا بجاءِ اُن ۾ لهرون روان، اها سرزمين ٿي مير کي پسند، بنا اُت ٿئي بس قلعو هڪ بلند، مرتب ٿيو شهر، روان خوش مقام، ڪيئون شهر جو "فتح آباد" نام، ازان پس بحڪم شد ارجمند، بپا ڪيائون پاڻيءَ ۾ قصر بلند، ڪيو حڪم جيئن مير عالي جناب، مرتب وڏي قصر ٿي باشتاب، مٿي بيان ڪيل ٻنهي تاريخي حوالن جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هن شهر جو "سڪرنڊ" نالو انهيءَ نسبت سان پيو. سن 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو، ته انتظامي لحاظ کان سر چارلس نپيئر سنڌ کي ٽن ظلعن جهڙوڪ: ڪراچي، حيدرآبد ۽ شڪارپور ظلعن ۾ ورهايو. انهيءَ انتظام هيٺ حيدرآباد ضلعو بدين کان وٺي ڪنڊياري تائين ڦهليل هئو. اڳتي هلي انگريزن انتظامي سڌارن کي وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ نئين رٿابندي ڪئي. جنهن موجب سن 1855 ع ۾ سڪرنڊ ۽ ان جي آسپاس واري ايراضيءَ کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو. ۽ تعلقي جي صدر مقام بڻائڻ جي لاءِ هن شهر کي وڌيڪ معقول سمجهيو ويو. انهيءَ ڳالهه جي ثابتي پراڻي تعلقي آفيس جي تعمير ڪيل صدر دروازي جي مٿان نسب ٿيل ڪتبي مان ظاهر ٿئي ٿي. جنهن تي اهو مذڪور سن لکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ان وقت کان وٺي باقائدي سرڪاري رڪارڊ ۾ هن شهر جو نالو "سڪرنڊ" ڄاڻايو ويو آهي. اسان جو گمان غالب آهي، ته ٽالپرن جي دور ۾ هيءُ شهر بجاءِ "فتح آباد" جي"شڪر ڍنڍ" جي نالي مان بدلجي، سڪرنڊ ئي سڏجڻ لڳو هوندو. ۽ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت به هيءَ بستي انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. جنهن سبب نون حڪمرانن پڻ انهيءَ نالي کي برقرار رکيو. اسان سڪرنڊ شهر جي متعلق تحقيق ڪندي ڪافي حد تائين اُن جي چوگرد معائنو ۽ مشاهدو ڪيو آهي. جنهن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته اهان ڍنڍ پاڪستان بنجڻ کان پوءِ به ڪافي عرسي تائين قائم رهي، ۽ ان جا هن وقت صرف آثار وڃي بچيا آهن. انهيءَ ڍنڍ جي اترئين بِڪ سان هڪ وڏي دڙي تي جيڪا آبادي آهي ان کي پراڻو شهر سڏجي ٿو. ان پراڻي شهر جي اتر اولهه ۽ اوڀر طرف هن وقت ڪافي واڌارو اچي چڪو آهي، جيئن ته هيءُ شهر قومي شاهراهه تي آباد آهي. ان ڪري واپار،آمدرفت، ۽ مرڪزي شهرن سان ڳانڍاپي هئڻ ڪري اڃابه وڌندو ۽ ويجهندو رهي ٿو. سڪرنڊ شهر جي وچ مان قومي شاهراهه لنگهڻ جي ڪري، هيءُ شهر ٻن ديهن ۾ اچي وڃي ٿو. موجوده سڪرنڊ جي شاهي بازار جيڪا اتر طرف کان شروع ٿي ڏکڻ طرف وڃي ختم ٿئي ئي. ان جو اولهندو حصو ديهه 18 سڪرنڊ ۽ اڀرندي وارو حصو ديهه 25 ٻاٺو ۾ اچي وڃي ٿو. سڪرنڊ شهر جي هن وقت آبادي لڳ ڀڳ پنجويهن ٽيهن هزارن جي آهي. موجوده ويجهڙائيءَ جي دور ۾ شهر جي اصل شاهي بازار کان اولهندي پاسي هڪ نئين بازار _ "سونارا بازار" ۽ اوڀرندي پاسي اسٽيشن روڊ سان ڪافي دڪان قائم ٿي چڪا آهن. قومي شاهراهه کان سواءِ انگريزن هن شهر کي پنهنجي دور ۾ پاسائتن مکيه ۽ مرڪزي شهرن سان ملائڻ لاءِ سن 1932ع ۾ هڪ ريلوي قائم ڪئي. جا هن شهر جي اتر طرف اڄ تائين قائم آهي. انهيءَ ريلوي لائين رستي گاڏي نوابشاهه ۽ سڪرنڊ جي در مان، ٽي دفعا ڏينهن ۾ ايندي ۽ ويندي هئي. اڳتي هلي انگريزن جي طرفان واپار ۽ آمدرفت کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاءِ ۽ عوام جي اچ وڃ جي سهولت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ سن 1939ع ۾ سڪرنڊ ريلوي اسٽيشن کي "جنڪشن" بنايو ويو. سڪرنڊ جي اتر، اولهه کان ريلوي لائين وڇائي وئي، ٺاروشاهه جنڪشن کي ملائي پڊ عيدن جي مين لائين سان ڳنڍيو ويو ۽ اڀرندي کان وري ٽنڊوآدم جنڪشن جي ذريعي مين لائين وڌي وئي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر،پنجاب، ۽ ڪوئيٽا شهر تائين پهچڻ لاءِ هتي جي ماڻهن کي ڪافي سهولت ٿي، ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته موجوده ريلوي کاتي،سنڌ جي دور دراز ٻهراڙي جي ريلوي لائينن سان ويڳي ماءُ وارو سُلوڪ ڪيو آهي. مين لائينن کان ويندڙسنڌ جي اوڀر ۽ اولهه طرف ريلوي لائينن کي ترقي وٺرائڻ بدران انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح 1977ع ۾ نوابشاه واري لائين کي 1:7:1991ع کان وٺي باقي گاڏيون مڪمل طور تي بند ڪري،اهڙي ريلوي لائينز تي جيڪي وسندڙ شهر هئا، تن کي وڌيڪ ترقي ڪرڻ کان ٻنجو ڏنو ويو آهي. ريلوي ۽ مين روڊ کان سواءِ سڪرنڊ شهر مان نوابشاهه، کڏهر، سرهاڙي، طرف پڪا روڊ نڪرن ٿا، جن جي رستي ڪاروبار ۽ واپار ۾ ڪافي واڏارو آيو آهي. مسٽر سمٿ پنهنجي "نوابشاهه ضلعوگزيٽيئر ۾ ڄاڻايو آهي، ته سمنڊ جون سرد هوائون نوابشاهه جي دوڙ شهر تائين پهچن ٿيون. انهيءَ لحاظ کان سڪرنڊ پڻ انهيءَ ايراضيءَ ۾ اچي وڃي ٿو." سامونڊي هوائن جي پهچڻ جي ڪري هتان جي هوا سٺي صحت بخش ۽ معتدل آهي. سنڏو درياءَ جي نزديڪ هئڻ جي ڪري هتان جو پاڻي مٺو آهي. پر جيئن ته جديد ضرورتن جي گهرجن مطابق، سرڪاري طرح زميني پاڻي کي مٿي ٽانڪيءَ ۾ گڏ ڪري شهر کي پهچايو وڃي ٿو. انساني آباديءَ جي وڌندڙ ۽ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي شهر ڏانهن لڏ پلاڻ جي رجحان جي ڪري، هن شهر ۾ ڪافي محلا، ۽ نيون ڪالونيون وجود ۾ آيون آهن. جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اڳتي هلي ايڪويهين صديءَ ۾ هيءَ شهر سنڌ جي بارونق شهرن سان ڪُلهو هڻندو. انگريزن جي دور ۾ جڏهن مڪاني حڪومتون يعني: "سينيٽري ڪاميٽي" "نوٽيفائيڊ ايريا" ۽ "ميونسپاليٽين" جو بنياد پيو، ته اُن وقت آباديءَ جي لحاظ کان سڪرنڊ ۾"سينيٽري ڪاميٽي" قائم ٿي. انکان پوءِ جڏهن آباديءَ ۾ رفتي رفتي واڌ ٿيندي رهي، ته سڪرنڊ جي سينيٽري ڪاميٽيءَ کي نوٽيفائيڊ ايريا جي سطح تي آندو ويو. ۽ اهو نوٽيفائيڊ ايريا وارو درجو پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ صدر ايوب خان جي قائم ڪيل بنيادي جهموريتن واري دور تائين رهيو. ان کان پوءِ بنيادي جهموريتن جي نظام هيٺ سڪرنڊ شهر کي ٽائون ڪاميٽي بنايو ويو. انهيءَ سطح تي اڄ تائين هيءُ شهر قائم آهي. جنهن عمارت ۾ هن وقت ٽائون ڪاميٽي قائم آهي، اه انگريزن 1956ع ۾ قائم ڪرائي هئي، جنهن کي "ڊاڪ بنگلو" ڪري سڏيندا هئا. سڪرنڊ جو شهر تعليمي لحاظ کان به موجوده نوابشاهه ضلعي جي اهم شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. قديم دور ۾ ضرور هن شهر ۾ ديني مدرسه قائم هوندا، جن جو وقت گذرندي ڪو پتو ڪونه ٿو پوي. پر جيئن ته خاص طرح سان ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ديني تعليم جو رجحان تمام گهڻو هئو، تنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هن شهر ۾ به ديني تعليم جو رجهان هوندو. هن وقت سڪرنڊ شهر ۾ ديني تعليم جا ٽي حيٺيان ادارا آهن، جن ۾ عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ، فقه، منطق ۽ حفظ قران جي تعليم ني ڏڃي ٿي مدرسه جامع عربيه اشعه العلوم مدرسه جامع فاروقيه انوار المصطفيٰ المدرسته العربيته جامع تجويد القرآن انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ نون حاڪمن دنيا جي بدلجندڙ حالتن مطابق تعليم جو نظام هڪ نئين نموني قائم ڪيو. سر بارٽر فريئر سن1853ع ۾ سنڌي الف_ب قائم ڪري سنڌ ۾ سنڌي پرائمري اسڪولن سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ به ڪيترائي اسڪول کولايا. انهيءَ سلسلي ۾ ڪن لکتن موجب سڪرنڊ شهر ۾ پڻ 1902ع ۾ هڪ سنڌي پرائمري اسڪول قائم ٿيو. اُن کان پوءِ جيئن جيئن شهر وڌندو رهيو، تيئن هن وقت شهر اندر سنڌي توڙي اردو پرائمري اسڪول ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار محلن ۽ ڪالونين ۾ قائم ٿي چڪا آهن. انگريزن جي دور ۾ انگريزيءَ جي تعليم کان سنڌ جي ماڻهن کي روشناس ڪرائڻ لاءِ اي – بي – ڪلاس. اي – وي – ڪلاس. مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي درجي وارا تعليمي ادارا کوليا ويا. سڪرنڊ ۾ پهريائين اي – بي – ڪلاس قائم ٿيو. بعد ۾ ان کي اي – وي – ڪلاس بنايو ويو ۽ جنهن کي اڳتي هلي مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي درجي تي آندو ويو. هن وقت ڇوڪرن لاءِ گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج قائم ٿيل آهي. جڏهن ته نياڻين جي تعليم لاءِ ٻه هاءِ اسڪول ۽ هڪ عدد سائنس ڪاليج قائم ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح سان سڪرنڊ شهر ۾ زرعي تربيتي ادارا، سيڊ ڪارپوريشن، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جو تحقيقاتي ادارا، مونو ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا ڪيترائي تعليمي ۽ تربيتي ادارا قائم ٿيا

حوالا[سنواريو]

[ History of Sakrand http://smartsakrand.blogspot.com/p/history-of-sakrand.html]