مواد ڏانھن هلو

سٻايو ڳوٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سٻايو ڳوٺ مصري پور سرڪل جي ديهه فتح خان سٻايو ۾ اهو سٻاين جو ڳوٺ هو، سڄي ديهه جي زمين فتح خان سٻايو جي کاتي هئي، سندس فرزند محمد خان سٻايو ضلعي جيڪب آباد جو مشهور ماڻهو ٿي گذريو، هن جيڪب آباد جي اولهه ۾ ڳڙهي سٻايو نالي هڪ پاڙي ۾ پنهنجي جدا بيٺڪ ٻڌائي هئي، ميونسپالٽي جيڪب آباد جو شاندار پريزيڊنٽ ٿي رهيو، جيڪب آباد ۾ ”چوچاڪي بگي“ پهرين هن آندي، عرصه بعد اوستي عنايت الله خان به سندس تقليد ۾ اهڙي بگي ورتي هئي، خدا جي قدرت محمد خان جي وفات کانپوءِ نه ديهه فتح خان واري ٻني نه ڳڙهي سٻايو محلي جون جايون سندس اولاد وٽ رهيون.

پدرم سلطان بود و ليکن خود محتاج شودم
سبحان! رب ذوالجلال والاڪرام، شل رحم ڪري بندو بي وس آهي.

ڀنگرن ۽ سٻائي وستين کانپوءِ ”ملوئي محمد رحيم“ جي هوندي هئي، ان جو زميندار حاجي محمد رحيم خان کوسو، تر جو برجستو ۽ اثرائتو زميندار ٿي گذريو، جؤوءِ جي هر ٻڌي ڇوڙي ۾ ڪافي دست رس هيس، محمد رحيم خان پنهنجي واري وڄايون ويو، هاڻي سندس پوين جو ڪو نالو ئي ان طرف ڪونهي، ملوئي محمد رحيم واري جو نالو ڦري هاڻي ملوئي جکراڻين جي ٿي پيو آهي، زماني جي ڦيرن جو اثر آهي ورنه جکراڻين جو سردار دوست محمد خان ان زماني اتي رهندو هو پر نالو نشان ۽ دٻدٻو محمد رحيم خان کوسي جو هوندو هو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو