سيڻ
ڏيک
سيڻ:(انگريزي: Senn ) هي گاهه به ]]مُرٽ[[ وانگر ٿُٻَ ٿُٻَ ٿُٻَ بيٺل هوندو آهي، جنهن ۾ تيليون ٿينديون آهن. تفاوت رڳو اهو آهي جو مُرٽ جون تيليون سائي رنگ جون ۽ سڪڻ بعد سڄو مُچو اڇو ميرانجهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر سيڻ جون تيليون اڇيون ۽ سڪڻ بعد به سڄو ٻوٽو اڇو ڏسبو آهي. ان جا سڱ به اڇا ۽ ڳتيل، چار انچ کن ٿيندا آهن. ٿر ۾ گهوڙي لاءِ سيڻ جهڙو ٻيو ڪو به گاهه ڪونه آهي. چوندا آهن ته سيڻ گهوڙي لاءِ آمڻ آهي. گڏهه به کائين. ڪي ڍڳيون ته اصل ڪو نه کائين. مُرٽن جي بنسبت هي وڌيڪ قيمتي آهي. ماڻهو وڍي گڏ ڪري رکندا آهن، جو بعضي اڍائي، ٽي رپيا يا وڌيڪ اگهه سان في مڻ جي حساب سان وڪرو ڪندا آهن. هن کي سنهو ڪُتري ڪري گُوارٽِي سان گڏي اُٺن کي کارائيندا آهن[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو