سيٺ وشنداس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خاندان[سنواريو]

هن جا وڏا اصل خدا آباد جا ويٺل هئا. سندس وڏو ڏاڏو سيٺ سانول مل مشهور واپاري هو. سندس نالي پويان، پهريائين هي ”سانولاڻي“ سڏباهئا. 1768ع ۾ بلوچن جي هڪ گهل خدا آباد تي ڪاهي آئي ۽ ڦر ڪري شهر کي باهه ڏيئي ويا. سيٺ سانول مل انهيءَ ڪري لڏي وڃي انڙ پور ۾ ويٺو. سيٺ سانول مل کي چار فرزند ٿيا: 1. سيٺ ڀارو مل، 2. سيٺ لکي مل، 3. سيٺ تولو مل، ۽ 4. سيٺ ڇَتو مل. انڙ پور جو ڳوٺ ان وقت درياء جي ڀر ۾ هو. ان کي جڏهن دريا پاتو، تڏهن هي اتان لڏي اچي مانجهوءَ جي ڳوٺ ۾ ويٺا ۽ اتي واپار وڌائڻ جي ڪوشش شروع ڪيائون. سيٺ تولي مل کي ٻه پٽ ٿيا: سيٺ لکميچند ۽ سيٺ موريو مل. سيٺ لکميچند کي هڪ پُٽ، سيٺ نهالچند نالي، 1798ع ۾ ڄائو. سيٺ نهالچند کي وري ٻه فرزند ٿيا: راءِ بهادر سيٺ وشنداس ۽سيٺ ليلا رام، سيٺ وشنداس کي ٽي پٽ ٿيا: 1. سيٺ هرچند راءِ مشهور ڪانگريسي اڳواڻ، 2. سيٺ سريچند، ۽ 3. سيٺ اوڌو داس [1]

شخصي زندگي[سنواريو]

سيٺ وشنداس جو والد، سيٺ نهالچند 1798ع ۾ ڄائو هو. پيءُ کي هڪ ئي پٽ هو. سندس شادي، حيدرآباد مان سيٺ خوشحال داس پارو مل جي نياڻيءَ سان ٿي. سيٺ نهالچند وڏو واپاري هو. 1837ع ۾ ستگرو ٻائي گلابداس جو شش ٿي، فقيريءَ طرف مائل ٿيو. کيس پهريون پٽ، سيٺ وشنداس،پنجيتاليهن ورهين جي ڄمار ۾، مانجهوءَ ۾ 1843ع ۾ ڄائو. کيس تعليم گرمکي ۽ هندو- سنڌيءَ ۾ ڏني ويئي. هن جي وڏي ٿيڻ تي، 1859ع ۾ سندس شادي مانجهندن جي سيٺ ڏني مل تلوڪچنداڻيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. کيس 1862ع ۾ پهريون پٽ سيٺ هر چند راءِ پيدا ٿيو، جو سنڌ جو مکيه قومي ڪارڪن ۽ مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر، ڪانگريس جو اڳواڻ ۽ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿيو. سيٺ وشنداس جو والد، سيٺ نهالچند، جو پوءِ درويشي اختيار ڪرڻ سبب نهال لالا سڏبو هو. تنهن 1865ع ۾ وفات ڪئي.ان بعد 1900ع ۾ مانجهوءَ ۾ سخت ڪالرا پوڻ تي، سيٺ وشنداس اتان لڏي اچي ڪراچيءَ ويٺو. سندس مفصل احوال، سندس خاندان طرفان ڇپايل ڪتاب ”رتن جوت“ ۾ ڏنل آهي. 1869ع ۾ ڪراچيءَ ۾ کاري در تي ڪوٺي کوليائين، جتي اناج، ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو ٻڌو واپار ڪندو هو. 1869ع ۾ ميري ويدر ٽاور جي ڀر ۾، هڪ عاليشان جاءِ ٺهرايائين. سنڌ ۾ ڪيترين جاين تي زرعي زمين وٺي، آباد ڪرائڻ شروع ڪيائين. ڦٽين جا ڪارخانا چالو ڪيائين ۽ ڏيساور سان دنگين ذريعي واپار ڪرڻ لڳو. ان طرح، آخر ۾ اٺ هزار کن ايڪڙ زمين جو مالڪ ٿيو. 1897ع ۾ جڏهن شولا پور ۽ احمد نگر ۾ ڏڪار پيو ته اتي سستا دڪان کولائي، ماڻهن کي مدد ڏنائين. آخر ۾ دمڪشيءَ جي بيماريءَ ڪري، حيدرآباد ۾، ”وشن نگر“ محلو ٺاهي، اُن ۾ اچي رهيو. اتي هڪ وڏومسافر خانو کوليائين، سال ۾ ميلو لڳائيندو هو. سندسلنگر عام هوندو هو. ڪيئي محتاج ۽ غريب اتان کاڌو حاصل ڪندا هئا. اتي اسڪول ۽ اسپتال جو انتظام به ڪيائين . سندس حاضريءَ ۾ هندستان جا مکيه گويا ۽ ڳائيندڙ طوائفون اينديون هيون. سندس خدمت ۾ استاد هادو خان، گامڻ خان، پارو خان،مبارڪ خان ۽ سينڌو خان اڪثر ايندا ويندا هئا. هو انهن سڀني فنڪارن جي سرپرستي ڪندو هو. راڳ ۾ ايترو ماهر هوندو هو ڪراچيءَ ۾ رهڻ وقت، لکميداس اسٽريٽ، ميري ويدر ٽاور جي ڀر ۾ سندس رهڻ واريءَ جاءِ تي، هڪ عمدي طريقي سان سينگاريل هال ”وشن سڀا“ هوندو هو، جتي هر روز راڳ جي محفل ٿيندي هئي. ڪيئي راڳ جا شوقين اتي اچي راڳ ٻڌندا هئا. اهڙيءَ طرح، مانجهوءَ ۾، سندس باغ ۾ به اهڙيون مجلسون ٿينديون هيون. حيدرآباد جي ”وشن نگر“ ۽ سندس جهاز ۾ به اهڙين مجلسن جو انتظام ڪرايو ويندو هو، جيڪڏهن بعضي زمينن تي منزل ڪندو هو ته اتي به تنبو هڻائي، گوين ۽ ڪڃرين جي راڳ ڪرائڻ جو انتظام ڪرايو ويندو ..[1]

ادبي خدمتون[سنواريو]

سيٺ صاحبتصوف تي ڪتاب لکرايا، جن ۾ مکيه شاعرن جا ڪلام، اردو، پارسي، سنڌي ۽سرائيڪي ۾ گڏ ڪري، مفت ۾ ورهائڻ جو انتظام ڪيائين. قرآن شريف جو ترجمو ڪرائي، مفت ورهايائين، اهڙيءَ طرح، سماج جي سڌاري تي ڪتاب ۽ وشن پرڪاش، وشن گنج، وشن گيان، وشن راڳ، ”ڪريما“ جو فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو، وشن سڀا وغيره، ڪتاب ڇپرائي، مفت ڪرايائين. ڪيترا اديب سندس ڪشاده دستيءَ مان مستفيد ٿيندا هئا..[1]

سياسي زندگي[سنواريو]

1885ع ۾، انڊين نيشنل ڪانگريس جي برپا ٿيڻ واري پهرئين اجلاس ، سيٺ صاحب بمبئي وڃي شريڪ ٿيو هو. ان کان پوءِ، 1906ع جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾ ، ۽ 1908ع جي مدراس وارن اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو. 1918ع تائين ڪانگريس جي اڪثر اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. سيٺ هرچند راءِ ۽ ٻين سندس ڪٽنب وارن جي ڪانگريس ۾ شرڪت به سندس اثر هيٺ ٿي. ٻئي طرف ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر، گهڻي گهڻي عرصي تائين، تادم حيات رهيو. حياتيءَ تائين تعلقي لوڪل بورڊ ڪوٽڙيءَ جو پريزيڊنٽ رهندو آيو. کيس انگريزي حڪومت ۾ به چڱي دسترس هئي، جنهن ڪري راءِ بهادريءَ جو خطاب مليو هوس. ان جو مکيه ڪارڻ انگريزن جي پوئلڳي ڪرڻ نه هو، بلڪه وقت بوقت آفيسرن طرفان قائم ڪيل عوامي ڀلائيءَ جي ادارن ۾ دل کولي خيرات ڏيڻ هو. سندس فرزند، سيٺ هرچند راءِ جي زندگيءَ جو احوال ” رتن جوت“ ڪتاب ۾ قلمبند ٿي چڪو آهي. ازانسواءِ هو صاحب والد جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو . سندس پوٽو سيٺ سکديو ڪجهه وقت پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ ۾ هو ۽ ڪانگريس هلچل ۾ مکيه بهرو ورتو هئائين، جنهن جو احوال ”رتن جوت“ ۾ آيل آهي. پاڻ ڪو وقتسنڌ- هندو پئنچات جو مکي هو بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي واپار ۾ مشغول رهيو..[1]

وفات[سنواريو]

پاڻ 7 جنوري 1929ع تي، گهڻو وقت بيمار گذارڻ بعد، 85 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو