سينٽر فار آٽزم ري هيبيليئيشن اينڊ ٽريننگ
ڏيک
سينٽر فار آٽزم ري هيبيليٽيشن اينڊ ٽريننگ، سنڌ (Centre for Autism Rehabilitation and Training, Sindh) سال 2018ع ۾ ڪمپنيز ايڪٽ، 2017ع جي سيڪشن 42 جي تحت، هڪ "غير منافع بخش" ڪمپني جي طور تي قائم ڪيو ويو. ڪمپني سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي. ان جو مقصد سنڌ ۾ آٽزم واري ٻارن کي پيشه ورانه بحالي جون سهولتون فراهم ڪرڻ، ماهرن کي آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر (ASD) ۾ بحالي جي طريقن جي تربيت ڏيڻ، آگاھي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ آٽزم تي سماجي همدردي وڌائڻ آهي.
سينٽر جو افتتاح 8 سيپٽمبر 2018 تي سنڌ جو وڏو وزير، سيد مراد علي شاهه ڪيو. بين الاقوامي معيار سان، مقصد لاءِ ٺهيل عمارت 300 ٻارن کي رهائش ڏئي سگهي ٿي ۽ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو آٽزم سينٽر آهي. سنڌ حڪومت جي وژن جي مطابق، آٽزم کا متاثر ٻارن کي سڀ خدمتون مفت مهيا ڪيون وينديون آهن.
حوالا
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- Ida Rieu Welfare Association Website آرڪائيو ڪيا ويا 2025-07-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.