مواد ڏانھن هلو

سيلارس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيلارس (ٻيا نالا: عربي: ميعه سائله، ھندي، وغيره: سيمرس، اسارا ۽ نيڪہ لنبي) کؤنر جو قسم آهي، ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ تي ٿيندو آهي.

خاصيت: معدي کي طاقت ڏئي ٿو، خشڪ کنگهہ، بلغم، زڪام، سيني جي سور، پٺن، چيلھ ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو، ڪچن خلطن کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. جلندر، مثاني جي پٿري، ڪن جي سور، ۽ ڦڦڙن جي ڦٽ لاءِ فائدي وارو آهي. پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪري ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.