سيد پپو شاه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد پپو شاه ضلعي بدين جو هڪ پراڻو سياستدان آهي جيڪو مختلف وقتن ۾ فنڪشنل ليگ، مسلم ليگ نون ۽ مسلم ليگ قاف سان جُڙيل رهيو آهي. سيپٽمبر 2015 ۾ هڪ اڻڄاتل رقم جي عيوض پپو شاه پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي [روزاني ڪاوش].

پپو شاه 29 سالن تائين پی‏پي مخالف سياست ڪئي. 1985 ۾ مسلم ليگ (جوڻيجو) جي پليٽ فارم تان ايم پي اي بڻيو. 1988 کان 2013 تائين پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ صوبائي توڙي قومي اسمبلي جي اليڪشن وڙهندو رهيو پر گهڻو ڪري هارائيندو رهيو. 1996 ۾ فنڪشنل ليگ ۽ پي پي مخالف اتحاد کي سرگرم ڪرڻ ۾ سيد پپو شاه سرفهرست رهيو. سندس گهرواري ياسمين شاه سينيٽر رهي چڪي آهي. هوءَ پڻ پي پي مخالف سياست ۾ سرگرم رهي.

سيپٽمبر 2015 ۾، جڏهن پيپلز پارٽي جو گراف بلڪل ڪري چڪو هو، سيد پپو شاه گهرواريءَ سميت پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان جي ٻي ڪا به وجه نظر نه ٿي اچي، سواءِ ان جي ته کيس پارٽيءَ طرفان چڱي رقم آڇي وئي هوندي.