سيد شمس الدين
| سيد شمس الدين شعبان الملت | |
|---|---|
| پيدائش | بکر |
| مدفن | جھانسي ، اوڌ |
| ماءُپيءُ | سيد محمد مڪي |
سيد شمس الدين (انگريزي: Syed Shamsuddin) شعبان الملت سيد شمس الدين بن سيد محمد مڪي، شيخ الاسلام مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني رحه کان خلافت جو خرقو حاصل ڪري مرشد جي حڪم موجب ائوڌ جي ضلعي ڪڙه مانڪپور جي شهر جهانسي جي راجا هربونگ سان جهاد ڪرڻ جي ارادي سان اتي پهچي هڪ ٻهيڙي جي وڻ هيٺان منزل ڪئي. سندن ڪرامتن کي ڏسي هندو مرد ۽ زالون اولاد گهرڻ جي ارادي سان آستان بوسي ڪرڻ لڳا. جيڪا زال وڻ مان ٻهيڙو پٽي کائيندي هئي، تنهن کي پٽ ڄمندو هو. اهي خبرون راجا جي ڪنن تائين پهتيون، هن پنهنجي درباري پنڊت کي ماجرا معلوم ڪرڻ لاءِ مڪو ته ڏسي اچي ته نووارد شخص ڪير آهي. پنڊت اچي سيد کان پڇيو ته ”توهين ڪهڙي ارادي سان آيا آهيو ۽ هي ڪهڙو ڍونگ کڙو ڪيو اٿوَ؟“ سيد فرمايو ته، ”جيڪڏهن تون به ٻهيڙو پٽي کائيندين ته توکي به پيٽ ٿيندو.“ هن وڻ مان ٻهيڙو پٽي کاڌو ته واقع حامله ٿي ويو ۽ نون مهينن گذرڻ کان پوءِ هن جو پيٽ چيري ٻار ڪڍيائون ته واقعي پٽ هو. هن واقعي کي ڏسي راجا لشڪر وٺي جنگ ڪرڻ آيو پر اسلامي لشڪر کان شڪست کائي مارجي ويو. مسلمانن کي قلعي مان بيشمار دولت هٿ لڳي. هزارين هندو بيعت ڪري مسلمان ٿيا. سيد موصوف جي قبر به جهانسي ۾ آهي، جنهن مٿان سلطان فيروز شاهه تغلق قبو اڏايو[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سيد ابو الحسن: آئينه ائوڌ بيان سيد شمس الدين، ڪانپور 1305ھ.<ref name ="ش">ڪتاب: تاريخ سکر، مصنف: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ڇاپو: پھريون، سال:1992ع ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ.