مواد ڏانھن هلو

سيد رشيد احمد شاه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد رشيد احمد شاه نوابشاه جي هڪ گھڻورخي شخصيت هئي هڪ وڪيل ، سياستدان ۽ بهترين شاعري جي ڪري شهرت حاصل هئي. رشيد احمد شاه ڊسمبر1918 ع ۾ لکنو ۾ پيدا ٿيو . پرائمري تعليم ڪانپور ۽ باقي تعليم لکنوءَ مان حاصل ڪئي . سنه 1942ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري لکنوءِ ۾ وڪالت شروع ڪئي . سندس مامو منشي مادي علي علم ادب جو شوق رکندڙ هو. جنهن پنهنجي آخري زندگي جي آخري هفتي ۾ اخبارجو ايڊيٽرت تي ڪم ڪيائين جنهن جي اثر هيٺ سيد رشيد احمد شاه جي شخصيت پروان چڙهي رشيد احمد شاه پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي ته ان وقت سندس والد چٽگام هجرت ڪري ويو هو. پاڪستان بنجڻ بعد سندس والد چٽگام ۾ سڪونتحاصل ڪئي ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو.سيدرشيد احمد شاه 1981ع ۾ پنهنجي ڪٽمب سميت چٽگام پهتو. ۽ اتي سياسي ۽ ادبي سرگرميون جاري رکيون جتي هن انجمن مهاجرين ۽ انجمن تعمير ادب قائم ڪيون . سياسي طور تي هي عوامي ليگ جو نائبصدر چونڊيو ويو ۽ پوءِ 1987ع ۾ ڪليمز آفيسر جي عهدي تي مقرر ٿي سکر ۽ نوابشاه پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين . هي کاتو 1960ع ۾ ختم ٿيو ته پاڻ نوابشاه ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪري وڪالت جو پيشو شروع ڪيائين رشيد احمد شاه هميشه کاٻي ڌر جي سلسلن ۽ پارٽين سان وابسته رهيو. شاگردن واري زماني کان عملي سياست ۾ حصو وٺندو رهيو. جنهن ۾ هي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ميمبر رهيو . هي مارڪسزم کان متاثر هو ۽ اڪثر مزدور هڙتالن۾ حصو وٺندو هو