مواد ڏانھن هلو

سيد احمد بريلوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


سيد احمد بريلوي
عربيءَ ۾ ”سيد احمد بريلوي“ (سَيِّدُ أَحْمَدْ بَرَيْلَوِيّ) جي نالي جي اسلامي خطاطي
ٻيا نالاشهيدِ بالاڪوٹ، امام المجاهدين
ذاتی
جنم29 نومبر 1786(1786-11-29)
وفات6 مئي 1831(1831-05-06) (عمر 44 سال)
مذھبسني اسلام
فقھي مذھبحنفي[1][2]
آزاد اجتهادي[3]
عقيدوماتريدي
تحريڪطريقه محمديه[4][5]
اصل دلچسپياسلامي بنياد پرستي، شيعه مخالف تحريڪ، حديث، جهاد
طريقتچشتي سلسلو[6]
نقشبندي مجددي سلسلو[7]
وجہ شھرتاسلامي احيا پسندي
ٻيا نالاشهيدِ بالاڪوٹ، امام المجاهدين
مرتبو




سيد احمد بريلوي، جيڪو سيد احمد شهيد جي نالي سان پڻ مشهور آهي،[8] (1786ع–1831ع)[9][10] اوڻيهين صديءَ جو هڪ اسلامي مجدد، سني اسلامي عالم، نقشبندي صوفي مرشد،[11] ۽ فوجي اڳواڻ هو، جيڪو اتر هندستان جي راءِ بريلي شهر سان تعلق رکندو هو. سندس لقب بريلوي سندس آبائي شهر راءِ بريلي مان نڪتل آهي. سيد احمد طريقه محمديه جي اڳواڻي ڪئي، جيڪا هڪ اسلامي اصلاحي ۽ جهادي تحريڪ هئي، جنهن جو بنيادي هدف سک سلطنت جي خلاف جدوجهد هو. بعد ۾ اها تحريڪ برطانوي هندستان جي مختلف علائقن ۾ طويل نوآبادياتي مخالف بغاوتن جو بنياد بڻي.[12][8] ڪيترائي مسلمان کيس پنهنجي دور جو مجدد (دين جو نئون ڪندڙ) قرار ڏين ٿا.[13] اهل حديث ۽ ديوبندي تحريڪ جا پيروڪار پڻ کيس هڪ وڏي علمي ۽ مذهبي اڳواڻ جي حيثيت سان احترام ڏين ٿا.[14]

احوال زندگي

[سنواريو]

سندس وڏو ڏاڏو سيد قطب الدين شاهه، التمش جي دؤر ۾ هندستان ۾ آيو ۽ شيخ الاسلام جو عهدو حاصل ڪيو هئائين[15]. سيد احمد شروعاتي تعليم گھر ۾ حاصل ڪئي. ننڍپڻ ۾ بندوق ۽ تير هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. ٿورو وڏو ٿيڻ بعد مخلوقِ خدا جي خدمت ڪرڻ شروع ڪيائين. سترهن سالن جي عمر ۾ ملازمت لاءِ پهرين لکنؤ ۽ پوءِ دهليءَ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ پهتو، جنهن کيس شاهه عبدالقادر ڏانهن موڪليو[15]. جتي پاڻ عربي ۽ فارسي جا ڪتاب پڙهيائين[15]. 1808ع ۾ سيد احمد واپس بريليءَ پهتو ۽ اتي ئي ”زهره“ نالي عورت سان شادي ڪيائين[15]. انهيءَ زماني ۾ امير الدوله نواب ٽونڪ وٽ ملازمت ڪيائين.[15] رائيبريلي کان دھلي لڏڻ بعد ھن شاھ ولي الله جي پٽ سان گڏ تعليم حاصل ڪئي[16]. 1811 کان 1818 تائين ھن وچ انڊيا جي ھڪ مسلمان حاڪم جي فوج ملازمت ڪئي[16].

سنڌ ۾ آمد

[سنواريو]

سيد احمد بريلوي جي سنڌ آمد کان ٿورو اڳ حيدرآباد جا حڪمران مير نور محمد ٽالپر (وفات 1833ع)، مير ڪرم علي ٽالپر (وفات 1823ع) ۽ مير مراد علي ٽالپر (وفات 1837ع) هئا. ظاهر ٿئي ٿو ته ميرن کي سيد احمد جي شخصيت ۽ سندس سرگرمين بابت پنهنجن جاسوسن ۽ خبر رسائيندڙن وسيلي چڱيءَ طرح آگاهي حاصل هئي. مير خاص طور تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي توسيع پسند پاليسي بابت فڪرمند رهندا هئا ۽ برطانوي قبضي هيٺ علائقن جي هر اهم واقعي بابت معلومات گڏ ڪندا هئا.[17] اهڙي صورتحال ۾ ميرن جي ذهنن ۾ سيد احمد جي تحريڪ بابت شڪ پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس گهڻا ساٿي برطانوي علائقن مان ڀرتي ڪيا ويا هئا، کيس وڏي پيماني تي مالي امداد ملي رهي هئي، ۽ هو سک سلطنت خلاف جنگ جي تياري ڪري رهيو هو. ان هوندي به برطانوي حڪومت نه صرف سندس سرگرمين کي روڪيو نه، پر کيس هٿياربند ساٿين سميت پنهنجي علائقن مان گذرڻ جي اجازت پڻ ڏني. هندستاني رياستن جا حڪمران، جيڪي مڪمل طور برطانوي اثر هيٺ هئا ۽ سندن ناراضگي مول وٺڻ کان ڪيٻائيندا هئا، سيد احمد جي آجيان ڪندا هئا ۽ کيس اخلاقي ۽ مادي مدد پڻ فراهم ڪندا هئا. انهن حالتن سبب ميرن جو خيال هو ته سيد احمد ۽ سندس تحريڪ کي برطانوي حڪومت جي حمايت حاصل آهي[17]

سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ اها افواهه به عام هئي ته سيد احمد دراصل برطانوي حڪومت جو ايجنٽ آهي. سياح چارلس ميسن، جيڪو انهن علائقن ۾ گهمندو رهيو، لکي ٿو ته سيد احمد پنهنجي سپاهين کي ڪمپنيءَ جي رپين ۾ پگهار ڏيندو هو، جنهن سبب ماڻهو کيس برطانوي حڪومت جو نمائندو سمجهندا هئا. ميسن وڌيڪ لکي ٿو ته عام ماڻهن کي شڪ هو ته سيد احمد کي ”صاحبن“ موڪليو آهي، ۽ کيس پاڻ به بار بار ان بابت سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا هئا.[17] سنڌ ۾ سيد احمد جي آمد ۽ ميرن سان سندس ملاقاتن باوجود انهن جا شڪ ختم نه ٿيا. جڏهن 1827ع ۾ جيمس برنس ميرن جي درٻار ۾ آيو ته مير مراد علي ٽالپر هڪ خانگي ملاقات دوران کانئس پڇيو ته ڇا برطانوي حڪومت سيد احمد کي مالي امداد فراهم ڪري ٿي؟ جيمس برنس لکي ٿو ته هن تعجب جو اظهار ڪندي جواب ڏنو ته سيد احمد رڳو دين خاطر جنگ ڪري رهيو آهي، پر سندس جواب مير مراد علي کي مطمئن نه ڪري سگهيو. مير مراد علي وراڻيو ته جيتوڻيڪ بمبئي حڪومت، جنهن جو جيمس برنس ملازم هو، شايد ان معاملي کان بيخبر هجي، پر بنگال ۾ يقيناً سڀ ڪجهه معلوم هوندو.[17]

انهن حالتن ۾ جڏهن سيد احمد 1826ع ۾ سنڌ پهتو ته کيس اهڙي آجيان نه ملي جهڙي هن اميد ڪئي هئي. نه کيس پنهنجي لشڪر لاءِ رضاڪار مليا ۽ نه ئي تحريڪ لاءِ خاطرخواهه مالي مدد حاصل ٿي. هو مارواڙ مان ريگستان پار ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ عمرڪوٽ سندس پهريون قيام گاهه بڻيو. اتي پهچڻ شرط هن حاجي عبدالرحيم کي قلعي جي قلعدار سان ڳالهين لاءِ موڪليو ته جيئن رهائش جا انتظام ٿي سگهن. قلعدار کي سيد احمد جي برطانوي علائقن مان اچڻ سبب شڪ هو، تنهن ڪري هن کيس ۽ سندس ساٿين کي قلعي اندر اچڻ جي اجازت نه ڏني. احتياطاً حڪم ڏنو ويو ته هو قلعي کان محفوظ فاصلي تي ترسن ۽ ٻئي ڏينهن علائقو ڇڏي وڃن. جڏهن سيد احمد جا ڪجهه ساٿي قلعي جي زيارت لاءِ ويجهو پهتا ته سپاهين کين شڪي نظر سان ڏٺو ۽ فائرنگ لاءِ تيار ٿي ويا، پر جڏهن کين يقين ڏياريو ويو ته سندن مقصد صرف قلعي جو ديدار آهي ته کين اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.[17] عمرڪوٽ کان پوءِ سيد احمد کارو پهتو، جتي سندس ملاقات وڏي عزت وارن سيد چورڻ شاهه سان ٿي. چورڻ شاهه کيس هڪ مينهن تحفي طور ڏني ۽ سنڌ ۾ پکڙيل انهن افواهن بابت آگاهه ڪيو ته هو انگريزن جو ايجنٽ آهي. هن اهو پڻ پيش ڪيو ته هو سيد احمد جو تعارف ميرپورخاص جي حڪمران سان ڪرائيندو ته جيئن سندس شڪ شبها دور ٿي سگهن. جڏهن سيد احمد ميرپورخاص پهتو ته مير علي مراد ٽالپر (وفات 1837ع) پاڻ ساڻس ملڻ نه آيو. هن فقط ڪجهه کاڌو ۽ ٻه ماڻهو موڪليا ته جيئن سيد احمد کي حيدرآباد جو رستو ڏيکاري سگهن. ميرپورخاص کان پوءِ سيد احمد ٽنڊو الهيار پهتو، جتي حيدرآباد مان ٻه ماڻهو خاص طور تي سندس بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا. اتان هو ٽنڊو ڄام ويو ۽ پوءِ حيدرآباد جي ميرن ڏانهن پنهنجي آمد جو اطلاع موڪليائين.[17]

ميرن سندس استقبال لاءِ سيد صبغت الله شاهه کي موڪليو. حيدرآباد پهچڻ تي شهر جي ڪوٽوال سندس آجيان ڪئي ۽ ميرن جي طرفان خوراڪ ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪيون. آمد کان ٽن ڏينهن پوءِ سيد احمد ميرن سان ملاقات لاءِ قلعي ۾ ويو. ميرن سندس سٺي نموني سان آجيان ڪئي ۽ کيس ڪجهه نقد رقم ۽ معمولي تحفا ڏنا. درٻار جي ڪجهه ماڻهن، جن ۾ ميرن جو وزير مير اسماعيل شاهه ۽ امير محمد يوسف خان شامل هئا، سيد احمد جي هٿ تي بيعت پڻ ڪئي.[17] سيد احمد حيدرآباد ۾ تيرهن ڏينهن رهيو، پر ميرن جي سرد مهريءَ سبب مايوس ٿيو. کيس نه اها مالي مدد ملي جنهن جي اميد هئي ۽ نه ئي اها سياسي حمايت جيڪا هو حاصل ڪرڻ چاهيندو هو. انهيءَ سبب هن پنهنجي خاندان کي حيدرآباد گهرائڻ جو ارادو به ترڪ ڪري ڇڏيو. حيدرآباد کان پوءِ هو رانيپور، هالا، ڪوٽ سيد، لعلو ڪوٽ، هنگورجا ۽ پير ڳوٺ ويو. پير صبغت الله شاهه راشدي، جيڪو حر تحريڪ جو روحاني اڳواڻ هو، رانيپور ۾ ساڻس مليو. هن سيد احمد جي رهائش جو بندوبست ڪيو ۽ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون. سندس دوستانه رويو ڏسي سيد احمد فيصلو ڪيو ته پنهنجي خاندان کي هتي آباد ڪندو. پير صبغت الله شاهه سک سلطنت خلاف جهاد ۾ حصو وٺڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.[17] پير ڳوٺ کان پوءِ سيد احمد راکا، حبيب ڪوٽ ۽ آخرڪار شڪارپور پهتو. شڪارپور ۾ سندس اوچتو پهچڻ سبب شهر وارن کي گمان ٿيو ته هو شاهه شجاع جي لشڪر جو حصو آهي، جنهن جون تلخ يادون اڃا تائين شهرين جي ذهنن ۾ موجود هيون. نتيجي طور شهر جا دروازا بند ڪيا ويا ۽ ڪنهن کي به اندر اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي. سيد احمد پنهنجي ڪجهه قابل اعتماد ماڻهن کي شهر جي گورنر آغا ڪاظم وٽ موڪليو ته کيس يقين ڏيارين ته هن جو شاهه شجاع سان ڪو تعلق ناهي ۽ هو صرف ٻه يا ٽي ڏينهن رهڻ چاهي ٿو.[17] ان کان پوءِ آغا ڪاظم ٻن ماڻهن کي شهر اندر خريداري لاءِ اچڻ جي اجازت ڏني. بعد ۾ شهر جا دروازا کولي ڇڏيا ويا ۽ شهر جا ماڻهو سيد احمد سان ملڻ لاءِ اچڻ لڳا. آغا ڪاظم نه صرف سندس ۽ سندس ساٿين جي مهمانداري ڪئي، پر عقيدت جي اظهار طور کيس تحفا پڻ پيش ڪيا. هن وڏي جوش سان سيد احمد جي حمايت جو اعلان ڪيو ۽ واعدو ڪيو ته هو پنهنجي فوج سميت سک سلطنت خلاف جهاد ۾ شامل ٿيندو.[17] شڪارپور، جيڪو ان وقت سنڌ جو اهم واپاري مرڪز هو، اتي سيد احمد پنهنجي ساٿين لاءِ جوتا ۽ ڪپڙا خريد ڪيا. آخرڪار 20 جولاءِ 1826ع تي هو شڪارپور ڇڏڻ کان پوءِ پنهنجي سفر تي اڳتي روانو ٿي ويو.[17]

سنڌ ۾ سندس تحريڪ جو اثر

[سنواريو]

سيد احمد بريلوي کي سنڌ مان پنهنجي تحريڪ لاءِ وڏيون اميدون هيون. هن جي خواهش هئي ته سنڌ مان وڏي تعداد ۾ رضاڪار سندس لشڪر ۾ شامل ٿين ۽ ميرن توڙي عام ماڻهن کان مالي مدد حاصل ٿئي. پر تاريخِ تازه نواءِ معارڪ جي مصنف موجب سنڌ ۾ سيد احمد کي سندس مذهبي نظرين سبب سخت تنقيد ۽ مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ⁠تہ هو وهّابي طور مشهور ٿي چڪو هو. ماڻهن جي هڪ وڏي حصي کي اهو به شڪ هو ته ٿورڙن ساٿين سان گڏ هڪ طاقتور سک سلطنت خلاف جنگ ڪرڻ جو منصوبو عملي طور ڪامياب نه ٿي سگهندو. عام راءِ اها هئي ته هن تحريڪ جا ڪي واضح سياسي يا عملي مقصد نه آهن ۽ رڳو مذهب جي نالي تي بيگناهه ماڻهن کي مشڪلاتن ۾ وڌو پيو وڃي.[17] برطانوي هندستان جي ابتڙ سنڌ ان وقت ڪنهن غير ملڪي طاقت جي قبضي هيٺ نه هئي، تنهن ڪري ماڻهن کي ڪنهن سياسي نعري هيٺ گڏ ڪرڻ آسان نه هو. سيد احمد جي تحريڪ جو بنياد گهڻو ڪري مذهبي جذباتيت تي هو، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي سياسي ۽ معاشي طور نسبتاً مطمئن محسوس ڪندا هئا ۽ کين هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪو واضح مادي فائدو نظر نه ايندو هو. انهيءَ سبب ڪجهه ماڻهو، جهڙوڪ آغا ڪاظم، جيتوڻيڪ ظاهري طور سندس همدردي ڪندا هئا ۽ ساڻس شامل ٿيڻ جا واعدا به ڪندا هئا، پر عملي طور اهي واعدا ڪڏهن به پورا نه ڪيا ويا.[17] . سيد احمد جو سنڌ ۾ قيام تمام مختصر هو، جنهن سبب کيس ماڻهن ۾ پنهنجن مذهبي ۽ سياسي خيالن جي تبليغ ڪرڻ ۽ کين پنهنجي مقصد لاءِ قائل ڪرڻ جو مناسب موقعو نه ملي سگهيو. نتيجي طور سندس تحريڪ سنڌي سماج ۾ ڪو مضبوط بنياد قائم نه ڪري سگهي.[17] .

ميرن جو رويو پڻ گهڻو محتاط ۽ سفارتي نوعيت جو هو. هنن عوامي سطح تي سيد احمد سان همدردي جو اظهار ڪيو، پر عملي طور سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪيو. ميرن کي تحريڪ جي اصل مقصدن بابت پورو يقين نه هو. ساڳئي وقت هو مهاراجا رنجيت سنگهه کي ناراض ڪرڻ به نه چاهيندا هئا، ڇاڪاڻ⁠تہ رنجيت سنگهه انتهائي طاقتور حڪمران هو ۽ کيس سنڌ تي حملي لاءِ ڪنهن به بهاني جي تلاش رهندي هئي.[17] .

بهرحال، 1831ع ۾ ميرن سيد احمد جي نالي کي پنهنجي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن اليگزينڊر برنس کي سنڌو درياهه ۾ آمدرفت ۽ جاچ لاءِ موڪليو ويو ته ميرن جي هڪ نمائندي رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ اهو تاثر ڏنو ته برنس جيڪو گاڏو ساڻ کڻي اچي رهيو آهي، اهو سون جي اشرفين سان ڀريل آهي ۽ اهي اشرفيون سيد احمد کي ڏيڻ لاءِ آنديون پيون وڃن. پر اها تدبير ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ اليگزينڊر برنس پنهنجي مهم مڪمل ڪندي سنڌو درياهه جي آمدرفت بابت سروي انجام ڏني.[17] .

جيتوڻيڪ سيد احمد جي آمد ۽ سندس مختصر قيام جو سنڌ جي مقامي تاريخ تي سڌو سنئون ڪو وڏو اثر نه پيو، پر سک سلطنت خلاف سندس جنگين اڻسڌي طرح سنڌ جي مستقبل تي اهم اثر ڇڏيو. جڏهن رنجيت سنگهه سنڌ تي حملي جا ارادا رکندو هو، تڏهن هو سيد احمد سان لڳاتار جنگين ۾ مصروف رهيو. 1832ع ۾، سيد احمد جي شڪست ۽ وفات کان پوءِ، رنجيت سنگهه ٻيهر سنڌ تي قبضي لاءِ برطانوي حڪومت جي رضامندي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس اها اجازت نه ملي.[17] .

ڊاڪٽر مبارڪ علي مطابق مؤرخ کيرا صحيح طور مشاهدو ڪيو آهي ته: "مهاراجا رنجيت سنگهه گهڻو دير ڪري چڪو هو، ڇاڪاڻ⁠تہ جنهن عرصي دوران هو سيد احمد سان جنگين ۾ مشغول رهيو، ان دوران برطانوي حڪومت جا سنڌ بابت مفاد ۽ پاليسيون تبديل ٿي چڪيون هيون، ۽ هاڻي سنڌ سندن خاص دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجي چڪي هئي.[17]" اهڙيءَ طرح، هڪ لحاظ کان سيد احمد بريلوي جي تحريڪ سنڌ کي سک سلطنت جي قبضي کان بچائي ورتو، پر آخرڪار سنڌ برطانوي سلطنت جي قبضي هيٺ هلي وئي.[17] . .

جھاد

[سنواريو]

1810ع ۾ جڏهن امير خان انگريزن سان معاهدو ڪيو ته هن امير خان کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ شاهه عبدالعزيز جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي اڪبري مسجد ۾ رهيو ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين[15]. اتي شاهه اسماعيل سندس هٿ تي بيعت ڪئي، انهيءَ زماني ۾ جهاد جي تبليغ شروع ڪيائين. سهارن پور، گنگوهه، مظفر نگر، ديوبند، ڪانڌلا، سلون، الهه آباد، بنارس، سلطان پور، ڪانپور، لکنؤ ۽ ٻين شهرن جو سفر مسلمانن جي عقيدي ۽ عمل جي اصلاح ۽ منجهن جهاد جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيائين[15].1822[16] يا 1821ع[15] ۾ 400 ساٿين سان گڏ حج تي روانو ٿيو ۽ 28 شعبان 1239ھ/28 اپريل 1824ع تي ساٿين سميت حج جو فريضو ادا ڪري واپس وطن پهتو[15]. حج تان واپسيءَ بعد سيد احمد بريلوي جهاد جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو ۽ جڏهن مجاهدن جي هڪ جماعت تيار ٿي، تڏهن 7 جمادي الثاني 1241ھ/ 17 جنوري 1826ع کان هندستان کي ’دارالحراب‘ جو نالو ڏئي ڪالپي، گواليار، ٽونڪ، اجمير، پالي، امرڪوٽ، حيدرآباد (سنڌ)، راڻيپور، شڪارپور، بولان، ڪوئٽا، غزني، ڪابل، جلال آباد جي رستي پشاورپهتو[15]. سنڌ مان گذرڻ دوران هن پير صبغته الله شاهه اول سان راڻيپور ۾ ملاقات ٿي، جتي پير صاحب نه رڳو هن سان پنهنجا 500 سرفروش گڏي ڏنا، پر سندس حرن کي پاڻ وٽ پناهه بہ ڏني. اهي سنڌي سرفروش بالاڪوٽ واري معرڪي ۾ بهادريءَ سان وڙهيا هئا[15]. پشاور پهچڻ بعد عام ماڻهن ۽ حاڪمن کي اسلام جي دعوت ڏنائين. ايتري قدر جو 1826ع ۾ پنجاب جي حاڪم رنجيت سنگهه کي شرعي پيغام موڪليائين ته بهتر ٿيندو ته هو اسلام قبول ڪري[15]. ان ڳالھ تي رنجيت سنگھ پنهنجي ڀاءُ ٻڌ سنگھ کي ڏهن هزارن جي لشڪر سان سيد احمد شهيد سان مقابلي لاءِ موڪليو. 20 جمادي الاول 1242ھ/ 1826ع تي 900 مجاهدن رات جو سکن تي حملو ڪيو. هن معرڪي ۾ 700 سِک ۽ 82 مجاهد مارجي ويا ۽ سکن جو لشڪر اڪوڙا مان ڀڄي شيدو ۾ وڃي پناهه ورتي[15]. 1827ع تي سيد احمد شاهه جي ڪوششن سان 80 هزار مجاهد گڏ ٿيا[15]. سکن سازش وسيلي يار محمد خان ۽ ٻين کي پاڻ سان ملائي ڇڏيو، يار محمد خان سيد احمد کي زهر ڏياريو[15]. هي اهو وقت هو جڏهن سکن سان شيدو جي ڏکڻ-الهندي ۾ جنگ شروع ٿيڻ واري هئي. سيد احمد بچي تہ ويو پر هي جنگ شڪست جو باعث بڻجي وئي[15]. عين فتح ياب ٿيڻ وقت يار محمد خان جنگ جي ميدان مان ڀڄي نڪتو، جنهنڪري کٽيل جنگ شڪست ۾ تبديل ٿي ويئي. ان بعد سک ۽ پشاور جا سردار سيد احمد جي ساٿين جا دشمن ٿي پيا. جنگ دوران يار محمد خان ماريو ويو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ڳجهيءَ سازشن هيٺ سيد احمد جا 150 ساٿي ماريا ويا[15]. 17 اپريل 1831ع تي سيد احمد بريلوي سچون کان بالاڪوٽ روانو ٿيو. جتي شاهه اسماعيل سندس شاندار استقبال ڪيو[15]. 24 ذوالقعد تي بالاڪوٽ ۽ مٽي ڪوٽ جي وچ تي سيد احمد ۽ شير سنگھ جي جنگ شروع ٿي. سيد صاحب ساٿين سميت وڏي جذبي سان جنگ وڙهندو رهيو. جنگ وڙهندي پاڻ مٽي ڪوٽ جي واھ ۾ ڪري شهيد ٿي ويو. سيد احمد شهيد جي مزار بالاڪوٽ ۾ موجود آهي.[15]


سيد احمد شھيد جي بالاڪوٽ ۾ قبر

ڪجهه تاريخي حقيقتون

[سنواريو]

پاڪستان جي حڪومتي سرپرستي واري تاريخ ۾ جيڪڏهن سيد احمد شھيد جي 1831 واري جھادي تحريڪ کي جيڪڏهن ڏسبو ته مورخ تحريڪ جي ناڪامي لاءِپٺاڻ قبيلن ۽ ان جي سردارن کي اھو چئي ذميدار قرار ڏين ٿاتہ انھن غداري ڪئي ۽ مجاھدين جو ساٿ نه ڏنو جيڪو سيد احمد شاھ جي شڪست جو سبب بڻيو[18]. ڊاڪٽر مبارڪ علي ان جو تجزيو ڪندي لکيو آهي تہ:"جڏهن ان تحريڪ کي علائقائي نظر سان ڏٺو ويندو آهي ته آھي سوال پيدا ٿيندا آهن تہ اھي قبيلن جي مشوري ۽ رضامندي کان بغير اتي آيا ۽ پنھنجي حڪومت قائم ڪري قبيلن کي پنھنجي اطاعت لاءِ مجبور ڪيو ان لاء پٺاڻن جي بغاوت جائز ھئي ڇوتہ انھن مجاھدن اتي اچي انھن قبيلن جي خودمختياري تي حملو ڪيو ھو[18]. سيد احمد شاھ شيعن پاران امامن کي وڏو مقام ڏيڻ جي عمل ، مزارن تي پرستش وارين رسمن، ھندن جي سماجي ۽ مذھبي رسمن ۾ مسلمانن جي شرڪت جو سخت مخالفت ھو[16]. سندس حامين کيس پنھنجي دؤر جو مجدد ۽ ڪن کيس بشارت ڪيل مھدي سڏيو پر سندس مخالفن کيس وھابي سڏيو پر ھن پاڻ ڪڏھن اھڙي ڪابہ دعوا ڪانہ ڪئي ھئي[16]. درحقيقت ھي وھابي تحريڪ جي باني محمد ابن عبدالوھاب کان وڌيڪ شاھ ولي الله دھلي واري جي پيروي ڪندڙ ھيو[16]. سيد احمد شاھ بريلوي جي تحريڪ احمد رضا بريلوي جي 1880 واري ڏھاڪي ۾ ھلايل بريلوي تحريڪ کان مختلف ھئي. ان سيد احمد شاھ بريلوي جي اصلاحي خيالن جي مخالفت ڪئي ۽ ان جي ابتڙ انھن صوفي بزرگن جي محنت ۽ انھن جي مزارن تي عقيدت سان حاضرين جي حمايت ڪئي[16].

ڪتاب

[سنواريو]

سيد احمد شهيد مسلمانن جي هدايت لاءِ ڪجهه ڪتاب پڻ لکيا. جن مان ڪجهه جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا[15]:

حوالا

[سنواريو]
  1. Ahmad Ali, Mukhtar (2000). Sectarian Conflict in Pakistan: A Case Study of Jhang. Regional Centre for Strategic Studies. ص. 13. ISBN 9789558051092.
  2. Ziad, Waleed (2021). Hidden caliphate: Sufi saints beyond the Oxus and Indus. Harvard University Press. ص. 176. ISBN 9780674269385.
  3. Hedayetullah, Muhammad (1968). Sayyid Ahmad: a Study of the Religious Reform Movement of Sayyid Ahmad of Ra'e Bareli. Montreal, Canada: Mcgill University. ص. 113, 115, 158.
  4. Gaborieau, Marc (2021). Islamic Mysticism Contested: Thirteen Centuries of Controversies and Polemics. Brill. ص. 457. ISBN 90-04-11300-2.
  5. What is a Madrasa?. Edinburgh University Press. 2015. ص. 92. ISBN 978-1-4744-0173-9.
  6. Reifeld, Zaheer Husain Jafri, Helmut, Saiyid (2006). The Islamic Path: Sufism, Society, and Politics in India. Rainbow Publishers. ص. 5. ISBN 9788186962862.{{cite book}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو)
  7. Gaborieau, Marc (2021). Islamic Mysticism Contested: Thirteen Centuries of Controversies and Polemics. Brill. ص. 457–58. ISBN 90-04-11300-2.
  8. 1 2 Guhathakurta, van Schendel, Meghna, Willem (2013). "Wage Holy War-Or Leave!". The Bangladesh Reader: History, Culture, Politics. London, United Kingdom: Duke University Press. ص. 102. ISBN 978-0-8223-5304-1.{{cite book}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو)
  9. Adamec 2009, p. 54.
  10. Jalal 2009, pp. 307–308.
  11. Gaborieau, Marc (2021). Islamic Mysticism Contested: Thirteen Centuries of Controversies and Polemics. Brill. ص. 457–58. ISBN 90-04-11300-2.
  12. Jalal 2009, p. 71.
  13. Campo, Juan Eduardo (2009). Encyclopedia of Islam. Infobase Publishing. ص. 92. ISBN 978-0-8160-5454-1.
  14. Ahmad, M. (1975). Saiyid Ahmad Barevali: His Life and Mission (No. 93). Lucknow: Academy of Islamic Research and Publications. ص. 27.{{cite book}}: CS1 maint: publisher location (ڳنڍڻو)
  15. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 بريلوي احمد شاھ آرڪائيو ڪيا ويا 2024-12-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع
  16. 1 2 3 4 5 6 7 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 92,93
  17. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 Ali, Mubarak (2005). Essays On The History of Sindh. Lahore: Fiction House. ص. —66 کان 72 تائين.
  18. 1 2 اردو کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز،لاہور صہ28-