سياسي پارٽي
پارٽي يا سياسي پارٽي (Political party) اهڙي سياسي جماعت کي چيو وڃي ٿو جيڪا گهڻن ميمبرن تي ٻڌل هجي ۽ پنهنجي مخصوص فڪر، نظريي يا فلسفي مطابق ملڪي انتظام سنڀالڻ، پاليسيون ٺاهڻ ۽ قانونسازي ۾ حصو وٺڻ جو مقصد رکي.[1] سياسي پارٽيون عام طور تي جمهوريت جي نظام جو اهم حصو هونديون آهن.[2]
تعريف
[سنواريو]سياسي پارٽي اهڙي تنظيم آهي جيڪا عام ماڻهن مان چونڊيل ۽ ذهين فردن تي مشتمل هوندي آهي. اهي ماڻهو عام چونڊن ۾ حصو وٺي عوام جي نمائندگي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.[1] چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد پارٽي جا نمائندا اسيمبلي يا پارليامينٽ ۾ گڏ ٿي بحث مباحثي ذريعي قانون ٺاهيندا آهن ۽ عوامي ڀلائي لاءِ پاليسيون ترتيب ڏيندا آهن.[2]
سياسي نظام ۾ ڪردار
[سنواريو]سياسي پارٽيون ڪنهن به ملڪ جي سياسي نظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جن ۾ شامل آهن:
- حڪومت ٺاهڻ يا حڪومت ۾ شموليت[1]
- قانونسازي ۽ پاليسي ٺاهڻ
- عوام جي نمائندگي
- سياسي آگاهي پيدا ڪرڻ
- حڪومتي ڪارڪردگي تي نگراني (اپوزيشن جو ڪردار)[2]
گهڻن ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون موجود هونديون آهن، ۽ عام طور تي حڪومت جا اختيار اُن پارٽي وٽ هوندا آهن جيڪا چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪري.[1]
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ سياسي پارٽيون
[سنواريو]پاڪستان جي سياسي نظام ۾ ڪيترين سياسي پارٽين جو وجود آهي. سنڌ صوبي ۾ هن وقت:
- پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) اڪثريتي پارٽي طور سڃاتي وڃي ٿي.[3]
- ٻين اهم پارٽين ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ف), پاڪستان مسلم ليگ (ق), متحده قومي موومينٽ (MQM) ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) شامل آهن.[3]