سياحت

سير سپاٽو (انگريزي: Tourism؛ اردو: سياحت)، تفريح، آرام يا ڪاروباري مقصدن لاءِ سفر جو عمل آهي[1] ۽ انگريزي اصطلاح، "ٽورزم" هن سفر جي انتظام لاء با معاوضا خدمتن (Services) لاء به استعمال ٿيندي آهي. عالمي سياحتي تنظيم جي مطابق،
"سياح (تفريحي سفر ڪرڻ وارا) اها ماڻهو آهن جيڪا "پنهنجي روزاني ماحول کان ٻاهر تفريح، ڪاروبار ۽ ٻين مقصدن لاءِ، نه هڪ سال کان وڌيڪ نه ئي اهڙي سرگرمي جي مشق، جيڪا دورو ڪيل جڳهه جي اندر معاوضي سان لاڳاپيل هوندي آهي، سفر ڪن ٿا ۽ رهن ٿا"[2]
سياحت مقامي، ملڪ اندر يا بين الاقوامي ٿي سگهي ٿي. بين الاقوامي سياحت ڪنهن ملڪ جي ادائيگي جي توازن تي واڌاري يا گھٽتائي، ٻنهي طرح جا اثر ڏي سگهي ٿي. سياحت ملڪ جي معيشت جي ريڙھ هوندي آهي ۽ سياحتي ماڳ تفريح فراهم ڪندا آهن. سياحت مقامي، ملڪ اندر يا بين الاقوامي ٿي سگهي ٿي. بين الاقوامي سياحت ملڪ جي ادائيگي جي توازن تي ايندڙ ۽ ٻاهر نڪرندڙ ٻنهي اثرن جا حامل آهن.
سال 2008ع جي ٻئي اڌ ۽ 2009ع جي وچ ۾، سخت معاشي سست روي (عظيم کساد بازاري) ۽ سال 2009ع ۾ H1N1 انفلوئنزا وائرس جي پکڙجڻ جي ڪري سياحت جي انگن ۾ گهٽتائي آئي. بهرحال اها انگ بحال ٿيا ۽ واڌ جي طرف ويا، جيستائين ڪرونا وائرس مها وبا، 2019ع (COVID-19) هن اوچتي واڌ کي ختم نه ڪيو. گڏيل قومن جي عالمي سياحت تنظيم اندازو لڳايو آهي ته عالمي سطح تي بين الاقوامي سياحن جي آمد 2020ع ۾ 58 کان 78 سيڪڙي تائين گهٽجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي سياحت جي وصولين ۾ 9 کرب کان 12 کرب (0.9 کان 1.2 ٽريلين) آمريڪي ڊالر جو امڪاني نقصان ٿيو.
عالمي سطح تي، بين الاقوامي سياحت جي وصوليون (ادائيگي جي توازن ۾ سفري سهولتون) سال 2005ع ۾ وڌي آمريڪي ٽريلين آمريڪي ڊالر ( يورو بلين) ٿي ويون. 2010 کان حقيقي لحاظ کان 3.8٪ جي واڌ جي مطابق. عالمي سطح تي، 2005ع ۾ سياحت جي واپار جي بين الاقوامي آمدني 10 کرب ۽ 30 ارب آمريڪي ڊالر (US$ 1.03 Trillion) يا 7 کرب 40 ارب يورو ( Billon €740) تائين وڌي وئي. جيڪا 2010ع کان 3.8 سيڪڙو جي واڌ جي برابر آهي.[3] عالمي سطح تي، بين الاقوامي سياحن جي آمد سال 2012ع ۾ پهرين ڀيرا هڪ ارب سياحن جي سنگ ميل کي پار ڪيو.[4] سياحت جي ابھرندڙ منڊين، جهڙوڪ چين، روس ۽ برازيل، گذريل ڏهاڪي دوران پنهنجي خرچن ۾ نمايان اضافو ڪيو.[5]
عالمي طور تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ عالمي سياحت جو حصو 8 سيڪڙو آهي.[6] سياحت جي سرگرمين جي ڪارڻ ٿيندڙ گرين هائوس گئس جو اخراج ۽ ٻيا اهم ماحولياتي ۽ سماجي اثر هميشه مقامي برادرين ۽ انهن جي معيشتن لاءِ فائديمند نه هوندا آهن. سياحت جي ترقي لاء مصروف ڪيتري ئي تنظيمون، سياحت جي وڌندڙ منفي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ پائيدار سياحت ڏانهن ڌيان ڏئي رهيون آهن. هن طريقي جو مقصد ماحولياتي ۽ سماجي ذميواري سان اقتصادي فائدن کي متوازن ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي عالمي سياحتي تنظيم پائيدار ترقي جي مقصدن جي حصي طور، سال 2017ع ۾ ترقي لاءِ پائيدار سياحت لاءِ بين الاقوامي سال جهڙن پروگرامن ذريعي سياحت کي فروغ ڏيندي انهن طريقن تي زور ڏنو. [7]
سياحت لاء خلائي سفر جي ابھرندڙ صنعت ۽ ٻيڙين ذريعي تفريحي سفر جي انڊسٽري سان گڏ سياحت نئين بلندين تي پهچي چڪي آهي.
اشتقاق
[سنواريو]انگريزي ٻوليءَ جو لفظ "ٽوئرسٽ" (Tourist) سال 1772ع ۾ ۽ "ٽوئرزم" (Tourism) سال 1811ع ۾ استعمال ٿيو. هي لفظ، "ٽور" (Toure) مان نڪتل آهي، جيڪو پراڻي انگريزي جي"ٽوريان" مان نڪتل آهي، جيڪا پاڻ پراڻي فرانسيسي ٻولي جي لفظ "ٽورنر" مان، جيڪو لاطيني جي "ٽورنيئر" مان نڪتل آهي، جن جو مطلب آهي، "جھولي کي چالو ڪرڻ، چڪي تي گهمائڻ، جيڪو پاڻ قديم يوناني لفظ "ٽورنوس" (τόρνος) مان آهي، مطلب آهي، گهمائڻ ڦرڻ.
تعريفون
[سنواريو]تصور ۽ بنياد
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]سياحت ۽ هن جي واپار جي معاشي اهميت
[سنواريو]سياحت، ثقافتي ورثو ۽ يونيسڪو
[سنواريو]

Cultural and natural heritage are in many cases the absolute basis for worldwide tourism. Cultural tourism is one of the mega-trends that is reflected in massive numbers of overnight stays and sales. As UNESCO is increasingly observing, the cultural heritage is needed for tourism, but also endangered by it. The "ICOMOS - International Cultural Tourism Charter" from 1999 is already dealing with all of these problems. As a result of the tourist hazard, for example, the Lascaux cave was rebuilt for tourists. Overtourism is an important buzzword in this area. Furthermore, the focus of UNESCO in war zones is to ensure the protection of cultural heritage in order to maintain this future important economic basis for the local population. And there is intensive cooperation between UNESCO, the United Nations, the United Nations peacekeeping and Blue Shield International. There are extensive international and national considerations, studies and programs to protect cultural assets from the effects of tourism and those from war. In particular, it is also about training civilian and military personnel. But the involvement of the locals is particularly important. The founding president of Blue Shield International Karl von Habsburg summed it up with the words: "Without the local community and without the local participants, that would be completely impossible'.[8][9][10][11]
تفريحي ٻيـڙيون
[سنواريو]
تفريحي ٻيـڙين سفر (Cruising) سياحت جو هڪ مشهور روپ آهي. تفريحي ڪروز جهاز 1844ع ۾ پي اينڊ او پاران متعارف ڪرايا ويا هئا. اها انگلينڊ جي بندرگاهه، سائوٿمپٽن کان رومي سمنڊ سان ڳنڍيل ٻئي جاء منزلن، جهڙوڪ جبرالٽر، مالٽا ۽ ايٿنس) ڏانهن سفر ڪندا هئا. [12] سال 1891ع ۾، جرمن واپاري، البرٽ بالن، تفريحي ٻيـڙي، "آگسٽا وڪٽوريا" کي جرمني جي بندرگاهه، هيمبرگ کان رومي سمنڊ ۾ تفريحي سفر لاء روانو ڪيو. 29 جون 1900ع تي پهرين مقصد سان ٺهيل ڪروز جهاز، "پرنزيسن وڪٽوريا لوئس"، جيڪو هيمبرگ-آمريڪا لائن لاءِ هيمبرگ ۾ ٺاهيو ويو هو، جي لانچنگ ڏٺي وئي.[13][14]
جديد دور جي سياحت
[سنواريو]
تازي ترقيون
[سنواريو]
سياحتي جگهن تي اثرات
[سنواريو]سياحت جي صنعت جي واڌ
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وصفون وڪي لغت تان | |
| ميڊيا وڪيميڊيا العام تان | |
| خبري ڪهاڻيون وڪي خبرون تان | |
| قول وڪي قول تان | |
| ماخذي متن وڪي ماخذ تان | |
| درسي ڪتاب وڪي بُڪس تان | |
| سفر بابت رهنمائي وڪي سفر تان | |
| سکيا جا وسيلا وڪيورسٽي تان | |
سانچو:Tourism سانچو:Tourism in Africa سانچو:Tourism in Asia سانچو:Tourism in Europe سانچو:Tourism in North America سانچو:Tourism in Oceania سانچو:Tourism in South America سانچو:Industries
حوالا
[سنواريو]- ↑ سانچو:OED
- ↑ "UNWTO technical manual: Collection of Tourism Expenditure Statistics" (PDF). World Tourism Organization. 1995. ص. 10. اصل نسخو (PDF) مان 22 September 2010 تي محفوظ ڪيل. 26 March 2009 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Magalhães, Bianca dos Santos (1 July 2017) (en ۾). UNWTO Tourism Highlights: 2017 Edition. World Tourism Organization (UNWTO). doi:. ISBN 978-92-844-1902-9. https://tede.ufrrj.br/jspui/handle/jspui/5202.
- ↑ "UNWTO World Tourism Barometer". UNWTO World Tourism Barometer 11 (1). January 2013. http://dtxtq4w60xqpw.cloudfront.net/sites/all/files/pdf/unwto_barom13_01_jan_excerpt_0.pdf. Retrieved 9 April 2013.
- ↑ "China – the new number one tourism source market in the world". World Tourism Organization. 4 April 2013. اصل نسخو مان 8 April 2013 تي محفوظ ڪيل. 9 April 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Lenzen, Manfred; Sun, Ya-Yen; Faturay, Futu; Ting, Yuan-Peng; Geschke, Arne; Malik, Arunima (7 May 2018). "The carbon footprint of global tourism". Nature Climate Change (Springer Nature Limited) 8 (6): 522–528. doi:. ISSN 1758-6798. Bibcode: 2018NatCC...8..522L. "[...] between 2009 and 2013, tourism's global carbon footprint has increased from 3.9 to 4.5 GtCO2e, four times more than previously estimated, accounting for about 8% of global greenhouse gas emissions. Transport, shopping and food are significant contributors. The majority of this footprint is exerted by and in high-income countries.".
- ↑ (en ۾) Tourism and the Sustainable Development Goals – Journey to 2030, Highlights. World Tourism Organization (UNWTO). 2017-12-18. doi:. ISBN 978-92-844-1934-0. https://www.e-unwto.org/doi/book/10.18111/9789284419340.
- ↑ Rick Szostak: The Causes of Economic Growth: Interdisciplinary Perspectives. Springer Science & Business Media, 2009, ISBN 9783540922827; Markus Tauschek "Kulturerbe" (2013), p 166; Laurajane Smith "Uses of Heritage" (2006).
- ↑ "UNESCO Legal Instruments: Second Protocol to the Hague Convention of 1954 for the Protection of Cultural Property in the Event of Armed Conflict 1999".; Roger O'Keefe, Camille Péron, Tofig Musayev, Gianluca Ferrari "Protection of Cultural Property. Military Manual." UNESCO, 2016, p 73; Action plan to preserve heritage sites during conflict - UNITED NATIONS, 12 Apr 2019 آرڪائيو ڪيا ويا 27 May 2020 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ "Austrian Armed Forces Mission in Lebanon" (جرمن ۾). 28 April 2019.; Jyot Hosagrahar: Culture: at the heart of SDGs. UNESCO-Kurier, April-Juni 2017.
- ↑ Simon Osborne (2016-09-27). "Don't look now, Venice tourists – the locals are sick of you". The Guardian (انگريزي ۾). 2018-05-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Cruise News". June 2012. 17 December 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The Prinzessin Victoria Luise – world's first cruise ship". Cruising the Past (آمريڪي انگريزي ۾). 12 August 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Russell, Mark A. (2020). Steamship nationalism: ocean liners and national identity in Imperial Germany and Atlantic world. Routledge studies in modern European history. Abingdon, Oxon ; New York, NY: Routledge. ISBN 978-0-429-02771-0.
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- CS1 جرمن-language sources (de)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- سياحت
- انساني سرگرميون
- ويڊيو ڪلپ وارا مضمون
- 1770s neologisms