مواد ڏانھن هلو

سوھس گڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سَوهَس گُڻِي: (انگريزي: Sohas Gunni)ٿر ۾ ھڪ ول جو نالو آهي. هيءَ وَل ڏهرن ۾ ٿئي ۽ خاص ڪري کيڙاپ ٻنين ۾ اُڀرندي آهي. ان کي سج لٿي مهل پٽي ڪپڙي سان ڍڪي آڻي ڇانو ۾ سڪائجي. پر ميل ۽ ٻين ڪن بيمارين ۾ گهوٽي پياربي آهي. هن جا پن ڪنڊي جي پنن جهڙا ٿين، تسرون ڪو نه ٿين، پر پاڙ جي چوڌاري گول دائري وڌندي ويندي آهي. هيءَ ول گهڻو ڪري اونهاري جو به ڪانه سُڪندي آهي ۽ سدائين سائي بيٺي هوندي آهي. هيءَ ول گهڻين ئي بيمارين ۾ ڪم اچي، جنهن ڪري مٿس ”سوهس گُڻي“ يعني ”سَو گُڻن واري“، نالو پئجي ويو آهي. مٿين ولين کانسواءِ ٻيون به وليون ٿينديون آهن، جن مان ڪن جا نالا، جي معلوم ٿي سگهيا آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا، جيئن ته اُٺ ڪونڍير، ڦيسڙ ول، گهوڙا ول، ڪان ڪوڏِي، بکڙو، هزارداني، نور ول، نانگر ول، گُڻ ويل، وغيره اِنهن ولين کي ڍَور ڍڳا کائيندا آهن[1].


حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو