مواد ڏانھن هلو

سوڪوٽو خلافت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون اڻويهه صدي جي هڪ رياست تي آهي. نائيجيريا جي موجوده رياست جي لاءِ سوڪوٽو رياست ڏسو.
سوڪوٽو خلافت

دَوْلَارْ خَلِيفرْ سَݣَُوتُواْ (هائوسا)
دَوْلَةُ الخِلَافَة فَي بِلَاد السُودَان (عربي)
1804–1903
Flag of Sokoto Caliphate
جھنڊو
Location of Sokoto Caliphate
گادي جو هنڌ
مذهب Sunni Islam
حڪومت Sarauta-Caliphate
مقننه Shura
پکيڙ
• جملي
2٬200٬000 km2 (850٬000 sq mi)[1]

سوڪوٽو خلافت (عربي: دولة الخلافة في بلاد السودان)، جن کي سوڪوٽو سلطنت به چيو ويندو آهي،[2] اولهه آفريڪا جي هڪ عظيم مسلم رياست هئي. هن جي بنياد عثمان دان فوديو سال 1804ع ۾ فولاني جهاد دوران هائوسا بادشاهتن کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ رکيو هو. خلافت جون حدون موجوده ڪيمرون، برڪينا فاسو، نائجر ۽ نائيجيريا جي حصن تائين پکڙيل هيون.[3][4]

سال 1837ع تائين، خلافت جي آبادي ٻه ڪروڙ ماڻهن جي هئي، جيڪا ان کي اولهه آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي واري سلطنت بڻائيندي هئي.[5][6] سال 1903ع ۾ مسلمانن جي هن عظيم رياست جو خاتمو هن وقت ٿيو، جڏهن جرمن، برطانوي، ۽ فرانسيسي سامراجي فوجون هن علائقي کي فتح ڪيو ۽ ان کي نئين قائم ڪيل نوآبادين، اتر نائيجيريا پروٽيڪٽوريٽ، سيني گامبيا، نائيجر ۽ ڪيمرون ۾ ورهائي ڇڏيو.

خلافت سال 1802ع ۾ هائوسا بادشاهه يونفا پاران عثمان دان فوديو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش کان پوءِ وجود ۾ آئي. ظلم کان بچڻ لاءِ، شيخ عثمان، سندس پوئلڳن سان گڏ فيبروري، 1804ع ۾ گوڊو ڏانهن هجرت ڪئي. شيخ عثمان جا پوئلڳن، هن سان، اميرالمومنين جي حيثيت سان بيعت ڪيا. سال 1808ع تائين، سوڪوٽو خلافت هائوسالينڊ ۽ ڪيترن ئي آس پاس جي رياستن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو. ڇهين خليفي احمدو رفائي جي دور ۾، رياست پنهنجي وڌ ۾ وڌ حد تائين پهتي وئي، جيڪا اولهه آفريڪا جي هڪ وڏي حصي کي ڍڪيندي هئي. سال 1903ع ۾ ٻارهين ۽ آخري خليفي محمدو الطاهرو کي برطانوي فوجون پاران گرفتار ڪين کانپوء قتل ڪيو ويو.[7]

ڪيترن ئي آزاد هائوسا بادشاهتن جي تناظر ۾ بنجڻ واري هي رياست پنهنجي عروج تي 30 کان وڌيڪ مختلف امارتن ۽ ٻن ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ان وقت آفريڪا کنڊ جي سڀ کان وڏي آزاد مملڪت ۾ ڳنڍيو.[8] مؤرخ جان ايلائفي جي مطابق، سوڪوٽو "ٽراپيڪل آفريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشحال علائقو" هو.[9] خلافت امارتن جي هڪ ڍري ڪنفيڊريشن هئي جيڪا امير المومنين، سوڪوٽو جي سلطان جي بالادستي کي تسليم ڪندي هيون.[10]

جيتوڻيڪ يورپي نوآبادين خلافت جي سياسي اختيار کي ختم ڪري ڇڏيو، پر سلطان جو لقب برقرار رکيو ويو، جيڪو اڄ تائين علائقي ۾ مسلمانن لاءِ هڪ اهم مذهبي حيثيت رکي ٿو.[11] عثمان دان فوديو جي جهادي تحريڪ سوڊاني سوانا ۽ ساحيل جي ٻين حصن ۾ لاڳاپيل جهادن جي هڪ سلسلي کي شروع ڪيو جيڪو هاڻي نائيجيريا جي سرحدن کان پري آهن، جنهن جي ڪري انهن علائقن ۾ جيڪي هاڻي جديد دور ۾ سينيگال، مالي، آئيوري ڪوسٽ، چاڊ، سينٽرل آفريقي ريپبلڪ ۽ سوڊان ۾ آهن، اسلامي رياستن جي بنياد پئجي وئي.[12]

سوڪوٽو خلافت جي ورثي ۽ عثمان دان فوديو جي تعليمات علائقي جي تاريخ تي هڪ مستقل اثر ڇڏيو، جنهن ۾ معاصر نائيجيريا ۽ اولهه آفريڪا شامل آهن. سوڪوٽو دور اولهه آفريڪا ۾ ڪجهه مشهور ليکڪ پيدا ڪيا، جن ۾ ٽي مکيه اصلاح پسند اڳواڻ، عثمان دان فوديو، عبدالله دان فوديو ۽ محمدو بيلو شامل آهن، جن ٽن سو کان وڌيڪ ڪتابون لکيا، جن ۾ منطق، تفسير، رياضي، حڪومت، قانون، فلڪيات، گرامر ۽ طب شامل آهن. ان دور جا ڪجهه ٻيا مشهور عالم شيخ عبدالقادر دان طافا ۽ نانا اسماء هئا. انهن سڀني عالمن جو اڃا تائين اولهه آفريڪا ۽ ڪجهه جو وچ اوڀر تائين وڏي پيماني تي مطالعو ڪيو پيو وڃي.[13][14][15]

تاريخ

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Last, M. (2021). The Sokoto Caliphate. [New York] Humanities Press. https://archive.org/details/sokotocaliphate0000last/page/152/mode/2up. 
  2. Overy, Richard, ed (2015) (en ۾). The Times Complete History of the World (9th ed.). London: Times Books. p. 265. ISBN 978-0-00-795956-3. https://books.google.com/books?id=388mswEACAAJ. 
  3. Lofkrantz, Jennifer (2012). "Intellectual Discourse in the Sokoto Caliphate: The Triumvirate's Opinions on the Issue of Ransoming, ca. 1810". The International Journal of African Historical Studies 45 (3): 385–401. https://www.jstor.org/stable/24393055. 
  4. McKay, Hill, Buckler, Ebrey, Beck, Crowston, Weisner-Hanks. A History of World Societies. 8th edition. Volume C – From 1775 to the Present. 2009 by Bedford/St. Martin's. ISBN 978-0-312-68298-9. "The most important of these revivalist states, the enormous Sokoto caliphate, illustrates the general pattern. It was founded by Usuman dan Fodio (1754-1817), an inspiring Muslim teacher who first won zealous followers among both the Fulani herders and Hausa peasants in the Muslim state of Gobir in the northern Sudan." p. 736.
  5. Falola, Toyin (2009). Historical Dictionary of Nigeria. Lanham, Md: Scarecrow Press. 
  6. "Usman dan Fodio: Sokoto Caliphate founder – DW – 02/24/2020". dw.com. 
  7. Falola, Toyin (2009). Historical Dictionary of Nigeria. Lanham, Md: Scarecrow Press. 
  8. Last, Murray (3 March 2021). "The Sokoto Caliphate" (en ۾). The Oxford World History of Empire. pp. 1082–1110. doi:10.1093/oso/9780197532768.003.0040. ISBN 978-0-19-753276-8. https://academic.oup.com/book/39071/chapter-abstract/338399135?redirectedFrom=fulltext. 
  9. Iliffe, John (25 August 1995) (en ۾). Africans: The History of a Continent. Cambridge University Press. p. 171. ISBN 978-0-521-48422-0. https://archive.org/details/africanshistoryo0000ilif. 
  10. Metz, Helen Chapin, ed (1991). "Usman dan Fodio and the Sokoto Caliphate". Nigeria: A Country Study. Washington: GPO for the Library of Congress. http://countrystudies.us/nigeria/9.htm. Retrieved 2 September 2015. 
  11. Falola, Toyin (2009). Historical Dictionary of Nigeria. Lanham, Md: Scarecrow Press. 
  12. Metz, Helen Chapin, ed (1991). "Usman dan Fodio and the Sokoto Caliphate". Nigeria: A Country Study. Washington: GPO for the Library of Congress. http://countrystudies.us/nigeria/9.htm. Retrieved 2 September 2015. 
  13. Buba, Malami (2018). "The legacies of the Sokoto Caliphate in contemporary Nigeria" (en ۾). History Compass 16 (8): e12482. doi:10.1111/hic3.12482. https://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1111/hic3.12482. 
  14. "Interview: Why every Nigerian should be proud of the Sokoto Caliphate – Prof Murray Last". premiumtimesng.com. حاصل ڪيل 2023-07-12. 
  15. John O. Hunwick, Razaq Abubakre (1995). Arabic Literature of Africa: The writings of Central Sudanic Africa. Vol. 2. pp. 220. http://archive.org/details/arabic-literature-of-africa-the-writings-of-central-sudanic-africa.