سولڙي
سولڙي:
نالا: بنگالي - وش لانگلي، گجراتي - ڪلگاري، سنسڪرت - ڪلهاري، انگريزي - وولز بين (Wols Bane).
سڃاڻپ: هيءَ ٻوٽي هيڊ جئان ٿئي ٿي، مگر قد ان کان وڏو ڪندڙ آهي. سندس پن ننڍا ۽ هلڪا ٿين ٿا. هن جي هڪڙي اڀي ٽاري ٿيندي آهي، جنهن کي چوٽي تي گل ٿين ٿا. جي پهريان ساوا پوءِ هيڊا ۽ پڇاڙيءَ ۾ سهڻي ۽ سرخ رنگ تي بيهندا آهن، هن جي پاڙ تي سنهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي کل ٿئي ٿي، جنهن کي لاهڻ سان اندران اڇي پاڙ نظر اچي ٿي. ذائقي ۾ ڪوڙي ٿيندي آهي.
طب
[سنواريو]مقدار خوراڪ: ٻن کان چئن رتين تائين پيدائش: بنگال، دکن، يو پي ۽ پنجاب جي جابلو علائقن ۾ ٿئي ٿي. خاصيت: هن جي پاڙ چـُـن جي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي ٻن رتين جي انداز ۾ ڏينهن ۾ ٻه دفعا سنڍ جي ڦڪي سان ڏجي ته معدي جي ڪمزوري دفع ٿي وڃي ٿي. ويم جي وقت هن جي پاڙ گهي زال جي دن تي ليپ ڪرائي وڃي ته ٻار سهولت سان پيدا ٿئي ٿو. (زهر جي قريب آهي)[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو