سنھڙي بنگلو
سنهڙي بنگلو ملوئي محمد رحيم خان کان 4 ميل پري شاهي واهه جي 44 ميل تي ايريگيشن وارن جو عاليشان بنگلو ٺهيل هو، اتي سياري جي مند ۾ انگريز عملدار ٻه ٽي ڏينهن منزل انداز ٿيندا هيا، بنگلي جوماحول پرسڪون هوندو هو، اتي آفيسرن کي ڏاڍو آرام ايند هو، انهيءَ آرام ده ماحول سبب عموماً انگريز ڊپٽي ڪمشنر هن بنگلي تي ايندا هئا، آرام وٺڻ سان گڏ علائقي جي حال احوال کان واقفيت وٺندا هيا، هڪ دفعي جيڪب آباد جو انگريز ڊپٽي ڪمشنر مسٽر بڊ صاحب اتي منزل انداز ٿيو ته منهنجو چاچو وٽس ملڻ ويو، ان زماني ”امين الملت “ کي انگريز حڪومت سکر ۾ نظربند رکيو هو، بڊ صاحب چاچي جي وڏي عزت ڪئي کانئس همدردي سان حال احوال ورتا ۽ دلداري ڏني، هن چيو ”مسٽر کوسو سياسي ماڻهو آهي انگريز حڪومت جي خلاف آهي، سو مجبورن کيس سياسي سلوڪ هيٺ رکيو اٿئون، کيس ٻي ڪا تڪليف ڪانهي، باقي سندس خاندان کي ڪو الڪو نه ٿئي، اسان هر خدمت لاءِ تيار آهيون، هٿيارن جي ليسن کپن ته ڏيون، ڍل جي معافي کپي سا به ڏينداسون وغيره وغيره مطلب ته چاچي کي دلاسن سان مطمئن ڪري ڇڏيائين، آزادي کانپوءِ هڪ مسلمان ڊپٽي ڪمشنر مسٽر عبدالرحيم عقيلي صاحب به اچي انهيءَ بنگلي ۾ ٽي ڏينهن منزل ڪئي، آئون ساڻس ملڻ ويس، بنگلي جي پرسڪون فضا ۾ اڪيلو ورانڊي ۾ آرام ڪرسي تي ويٺو هو سنڌي نموني خوش خير عافيت ڪيائين، ماحول جي ”سڪون کان ڏاڍ متاثر هيو، چيائين ماحول جي ماٺائي مان مزو اچي پيو، دل ٿي چاهي ته هتي ڪجهه وقت زياده رهي، مون سان ڪچهري ته چڱي ڪيائين پر انگريز جي برعڪس اهو چئي موڪل ڏنائين ته ڍلون ڇو نه ٿا ڏيو!.
اهو به وقت هو جو آفيسر سنهڙي بنگلي تي اچي آرام وٺندا هئا، کين سڪون ملندو هو، هاڻي شاهي واهه گويا سرحدي حد آهي، ان کان ٻاهر ڄڻ ته دشمن ملڪ آهي، جتان هروقت حملي جو خطرو آهي،انگريزن جي وقت ۾ به ان طرف مري ۽ بگٽي قبيلن جي ڦورو ماڻهن جو خطرو هوندو هو، پر انگريزن جي حڪمت عملي ۽ انتظام جي پختگي سان امن لاءِ خاطرخواهه بندوبست ٿيل هوندو هو، انگريزن پنهنجي مڊم سوڌو گهوڙن تي چڙهي بنا باڊي گارڊ جي شاهي واهه جي انسپيڪشن پاٿ سان هلندا نظر ايندا هئا، انگريزن انهيءَ شاهي واهه جي 7-19-27-29-44 ميل ۽ 52 ميل تي عاليشان وڏا انسپيڪشن بنگلا ٺهرايا هئا، تاڪ سنڌ-بلوچستان جي سرحد تي انتظامي لحاظ کان ايندڙ عملدار اتي اچي آرام وٺن ۽ انتظامي ڪاررواين جي نگراني ڪن، هينئر انهن بنگلن جا فقط نشان باقي آهن، الله لوڪ انسانن دريون، دروازا، گارڊر، ٽي آر پٽي وڃي پنهنجا آستانه ٺهرايا، هاڻي ٻيا عملدار ته پنهنجي جاءِ پر آب پاشي جا آفيسر به ڪو نه گهمندا آهن، ڀل شاهي واهه کي کنڊ پون.
سنهڙي بنگي کان اوريان هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو ڳوٺ باهو کوسو آهي، اتي ايامن کان ديره جات کان تاجو خان، کوسو بڻجي هن تر ۾آيو ديهه ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو، کوسن سان مٽي مائٽي ڪيائين، هن جو پٽ باهو خان درويش انسان هو، هن جيئري ئي پنهنجي قبر ٺهرائي، جنهن ۾ هو هر صبح جو ويهي ڪلام الاهي جي تلاوت ڪندو هو، هن کي نرينه اولاد ڪو نه ٿيو، 1994ع ۾ باهو ڳوٺ ۾ سيلابي پاڻي آيو پر ان ٽڪري تي پاڻي ڪو نه چڙهيو، جتي باهو خان جي قبر هئي ۽ سندس گهر هو، حالانڪه پاڻي مڙسئون تار آيو هو، وڏا وڏا دڙا ٻوڙي رکيائين پر هن درويش جي قبر سيلاب کان محفوظ رهي، ٻن هفتن تائين پاڻي هلندو رهيو پر درويش جي جاءِ تان رخ ڦيرائي ڇڏيائين، باهو خان درويش ۽ سخي انسان هو، سو اڄ به هن افرا تفري واري دور ۾ باهو ڳوٺ جي بازار برسيل آهي، جوءِ جو مرڪز بڻيل آهي، آئون سڄا سارا ويهه سال يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿي رهيس، هن درويش جي ڳوٺ ۾ گهٽيون پڪيون ڪرايم، واٽر سپلاءِ هاءِ اسڪول، اسپتال، منظور ڪرايم، ڳوٺ کي چڱي رونق ۾ آندم، ڪجهه وقت اهي ادارا توڙي چڱا فائديمند هليا، هينئر اسپتال ۾ ٿاڻو، واٽر سپلاءِ جا موٽر گم، ٽيليفون جون تارون ڪپجي ويون، بئنڪ بند ٿي وئي، انهن تعدين هوندي درويش جو ڳوٺ اڃا آباد آهي، سندس بازار پئي هلي، اهو سڀ ڪجهه باهو خان جي ڪرامت سبب آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو