مواد ڏانھن هلو

سنگ بصري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنگ بصري (نالا – عربي: سنگ بصري، فارسي: توتيائي ڪرمائي، ھندستاني، وغيره: کپريا، نمقولس ۽ سودريقون) اڇي رنگ تي چلڪيدار ٽڪرا ٿيندا آهن. (ڪي نرين وانگر بہ ٿيندا آهن) ڌاتين کي ڳارڻ کان پوءِ هٿ ايندو آهي. هن جا ٻہ-ٽي قسم آهن.

سرمي وانگر استعمال ڪرڻ سان نظر وڌي ٿي، ڌنڌ، ڦلي، اک جي ڦٽ ۽ خارش لاءِ مفيد آهي. هن مان ٺاهيل مرهم مقعد، نهائينءَ ۽ خنازير جي ڳوڙهن، ڦٽن ۽ ڦرڙين، ناسورن، بلڪل خراب ڦٽن ۽ بغل جي بدبوءِ کي فائدو ڪري ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.