سنگھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنگھ(انگريزي: Singh ) کتري پنهنجي نالي جي پٺيان سنگ/سنگهه لفظ گڏيندا آهن. سنگهه لفظ جي معنيٰ شينهن، يعني بهادر. هن لفظ جو بنياد ٽين وڪرمي صدي کان ملي ڏهن ايران جي راجا هندستان سڀيتا کي پنهنجو ڪري پنهنجي نالي سان گڏ سنگهه لفظ ويرتا جي ڪري لڳايو. پهريائين گجرات، راجپوتانا، مالوا، ڪاٺياواڙ ۽ دکن تي راڄ ڪرڻ واري شاڪ جتي ايراني کترب ونسي بهادر راجا ردر داما جي پٽ مها پرتابي راجا رد سنگهه جي (پوشاڪ سنبت 103-118- وڪرمي سنبت 238-253، عيسوي سن 181-196) جي مليل شلا ليکن ۽ سڪن ۽ شاڪ سنبت 103 وڪرمي 238 ويساک سنڌي پنچم ۽ عيسوي 181 جي مليل شلا ليک ۾ ان جي نالي سان گڏ ”سنگهه“ اکر لکيل ملي ٿو (ڏسو ڀائونگر انسڪرپشنس صفحو 22). مالوا جي پرمار راجائن جي نالي جي پڇاڙيءَ ۾ سنگ لفظ لڳائڻ جو رواج وڪرمي 10 صديءَ ۾، ميواڙ جي گهلوتن ۾ 12 صديءَ ۾، ڪڇواهن ۾ 12 صدي جي پڇاڙيءَ ۾، چوهاڻن ۾ تيرهين صديءَ ۾ ۽ مارواڙ جي راٺوڙ ۾ 17 صديءَ ۾ جاري ٿيل سمجهجي ٿو. راجپوتن جي ڪري سکن جي ڏهين گرو گوبند سنگهه (سنبت 1722-1765) ارڙهين صديءَ ۾، سکن ۾ سنگهه لفظ ڪم آندو. ڪهڙي به ڌرم جو ماڻهو سک پنٿ ۾ آيو ته ان جي نالي جي پٺيان ”سنگهه“ ضرور لڳائيندا آهن[1]. [2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ”راجپوتان اتهاس“، هندي ڀاڱو پهريون صفحو 8
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو