مواد ڏانھن هلو

سنڌ ۾ ذات پات ۽ نسلي تڪرار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ ۾ ذات جي درجي بندي آھي، سيدن، پيرن ۽ ٻين عرب نسل وارن کي کي درجي بندي مطابق اوچي ذات ۾ شامل ڪيو ويو آھي، انهن کي آبادي جي تناسب سان نمائندگي ۽ اثرائتي نمائندگي ڏني ڪئي وئي آھي. ھنن ذاتين کي اشراف ۽ اُتم سمجھيو وڃي ٿو.

ان کان پوءِ مسلمان راجپوت اچي وڃن ٿا، جن کي سنڌ ۾ سماٽ چيو وڃي ٿو. هي کتري ذاتون آهن، جن عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ جلد اسلام قبول ڪيو، ۽ جن کي عام طور تي سومرن ۽ سَمن قبيلن مان نڪتل ذاتيون سمجهيو وڃي ٿو.

ان کان پوءِ، سنڌ ۾ بلوچ، خان ۽ ترڪ قبيلا آهن، جن جي رڳن ”سٺو“ غير سنڌي رت وهي ٿو ۽ جن جو سنڌي ڪلچر ۾ سڀ کان وڌيڪ جامع ميلاپ آهي. گذريل 500 سالن ۾ بلوچستان مان سنڌ ۾ وڏي انگَ ۾ لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي حڪمران خاندانن مان هڪ ٽالپر خاندان به بلوچ نسل جو هو.

ان کان پوءِ سنڌ ۾ هيٺيون سنڌي مسلمان ذاتيون آهن، جيڪي يا ته راجپوت نه هيون ۽ نه وري پيشيوارڻو ڪم ڪنديون هيون جهڙوڪ مھاڻا (ماهيگير) يا خود مختيار هندو ذاتيون جهڙوڪ لوهاڻا جن گهڻو پوءِ اسلام قبول ڪيو، مثال طور، سنڌي شيخ يا ميمڻ، اهي ذات جي درجابندي تي ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهن.

ان جي پٺيان، آخر ۾، توهان وٽ دلت آهن، جن کي ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ موجود ناهي. جڏهن ته ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ ”هندو“ آباديءَ جي اڪثريت ميگهواڙ، ڪولھي وغيره قبيلن مان دلت آهن، اهي ذات وارا هندو نه آهن، هي اهي ماڻهو آهن، جن کي تاريخي طور تي هندو نه سمجهيو ويندو هو. تنهن هوندي به، هاڻي انهن هندو رسمن سان گڏو گڏ ڪجھ مسلمان رسمون پڻ شامل ڪيون آهن. اسان جي آدمشماري انهن کي ”شيڊول ڪاسٽ“ سڏين ٿا.

ان کان سواءِ اسان وٽ شيدي ۽ مڪراني ماڻهو آهن، جن کي غلام بڻائي سنڌ ۾ آندو ويو ته جيئن سنڌي اڳواڻن جي خدمت ڪن. تنزيلا قمبراڻي پهرين شيدي سنڌياڻي عورت آهي، جنهن سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪمراني واري طبقي جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. اهي دلت ذاتين کان وڌيڪ مظلوم آهن.

ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ جي آبادي بلڪل تبديل ٿي وئي، هاڻي 20 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن جي آبادي آهي، جن جون پڻ پنهنجون ذاتيون آهن، جيڪي سنڌي ذات جي درجي بندي کان الڳ آهن، جيتوڻيڪ سيدن/عربن جي حد کان وڌيڪ نمائندگيءَ جو سلسلو جاري آهي. ورهاڱي کان پوءِ به ڪافي پختون ماڻهن کي سنڌ ۾ آندو ويو، خاص ڪري ڪراچي ۾ ۽ هاڻي اتي چونڊيل نمائندا آهن، جن جي نمائندگي پشتون عوام (نه مهاجر پٺاڻ، نه سنڌي خان، پر پشتون عوام) ڪري رهيا آهن. اهڙي طرح ورهاڱي کان اڳ، خاص ڪري انگريزن جي دور ۾، پنجابين جو ڪافي تعداد سنڌ ۾ لڏي آيو ھو، ۽ هاڻي اهي سنڌ جي ڪجھ تڪن تي ايم پي ايز جي حيثيت سان ڪنٽرول ڪن ٿا. [1]

حوالا

[سنواريو]
  1. محقق؛ محمد علي محمدي