سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون سرگرميون
سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جون سرگرميون
سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرگرمين جي تاريخ واپار کان شروع ٿي آهستي آهستي سفارتي، سياسي ۽ فوجي نوعيت اختيار ڪندي علائقي جي طاقت جي توازن کي بدلائي ڇڏيو. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران ڪمپنيءَ جو بنيادي مقصد سنڌو درياهه، بندرگاهن ۽ واپاري رستن وسيلي هندستان ۽ وچ ايشيا جي منڊين تائين رسائي حاصل ڪرڻ هو، پر وقت سان گڏ واپار سان لاڳاپيل مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي نالي ۾ مقامي حڪمرانن سان معاهدا، سفارتي مشن، جاگرافيائي سروي، فوجي موجودگي ۽ سياسي مداخلت به وڌندي ويئي. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي موجودگي صرف اقتصادي نه رهي، پر اها برطانوي سامراجي پاليسيءَ جو حصو بڻجي، جنهن جا نتيجا آخرڪار سنڌ جي سياسي خودمختياري، انتظامي ڍانچي ۽ تاريخي رخ تي گهرا ۽ پائيدار اثر ڇڏي ويا.
ڪلھوڙن جي دور ۾ ڪمپني جو. سرگرميون
[سنواريو]
ميرن جي دور ۾ ڪمپني جو. سرگرميون
[سنواريو]ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ سڀ کان وڏو خطرو افغانستان جو حڪمران زمان شاھ دراني هو، جيڪو 1793ع ۾ تخت نشين ٿيو. هن 1796ع ۾ لاهور ڏانهن چڙهائي ڪئي، جنهن سبب مرهٽن ۽ ڪمپنيءَ ۾ گهٻراهٽ پکڙجي ويئي، پر ڀاءُ جي بغاوت سبب هو واپس موٽي ويو. ان باوجود سندس ممڪن حملي جون افواهون جاري رهيون، جنهن ڪمپنيءَ کي پنهنجي علائقن جي بچاءَ بابت ڳڻتي ۾ وڌو. 1798ع ۾ زمان شاھ جو گورنر جنرل لارڊ مارڪئس ويلزلي ڏانهن خط، جنهن ۾ هن مغل شهنشاهه شاهه عالم کي مرهٽن کان آزاد ڪرائڻ جو اظهار ڪيو، هندستان تي حملي جي نيت ڏانهن اشارو هو. انهن حالتن هيٺ ڪمپني 1799ع ۾ سنڌ جي ميرن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت سنڌ تي ٽالپر مير حڪمران هئا، جيڪي افغان بالا دستي مڃيندا ۽ خراج ادا ڪندا هئا. اگرچه انگريزن سان سندن سڌا لاڳاپا نه هئا، پر هو برطانوي سفارتڪاري ۽ هندستان ۾ انگريزن جي توسيع پسند پاليسين کان چڱيءَ ريت واقف هئا<[1]. انهن حالتن هيٺ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومت سنڌ جي ميرن سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1799ع ۾ هندستان جي گورنر جنرل لارڊ مارڪئس ويلزلي بمبئي جي گورنر جوناٿن ڊنڪن کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ جي حڪومت سان رابطو قائم ڪري[1]. ڊنڪن شروعاتي ڳالهين ۽ سياسي صورتحال، گڏوگڏ برطانوي حڪومت بابت ميرن جي رويي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ فارسي واپاري آغا ابوالحسن کي سفير چونڊي سنڌ جي درٻار ڏانهن موڪليو. هن کي ٻه خط ڏنا ويا: هڪ مير فتح علي لاءِ ۽ ٻيو مير غلام علي لاءِ. مير فتح علي ڏانهن موڪليل خط ۾ درخواست ڪئي وئي ته ڪمپنيءَ کي ٺٽي ۾ ٻيهر واپاري ڪارخانو (فيڪٽري) کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ شرطن ۽ ضابطن کي طئي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ سرڪاري مشن جي اچ وڃ جي منظوري ڏني وڃي[1]. مارڪئس ويلزلي هن منصوبي جي منظوري ڏيندي ڊنڪن کي لکيو ته اهڙي واپاري ڪارخاني جو قيام “واپاري فائدن کان وڌيڪ سياسي فائدن جي نظر سان” گهڻو اهم ۽ گهربل آهي[1]. مارچ 1799ع ۾ آغا ابوالحسن کي سنڌ جي ميرن پاران قبول ڪيو ويو. سنڌ جي حڪمرانن کيس ٺٽي ۾ واپاري ڪارخانو کولڻ جي اجازت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. ٻي پاسي آغا ميرن کي يقين ڏياريو ته افغانستان کان ڪنهن به حملي جي صورت ۾ انگريز سندن بچاءُ ڪندا. مير فتح علي پاران جاري ڪيل هڪ پرواني تحت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ٺٽي ۾ ساڳئي پراڻي عمارت ۾ ڪارخانو قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جتي ڪلهوڙا دور ۾ به ڪارخانو هلندو هو. باغ لاءِ چار بيگهائون زمين الاٽ ڪئي وئي ۽ انگريزي سامان تي محصول مقرر ڪيو ويو. ٻي پرواني ذريعي ڪارخاني کي اهي سڀ رعايتون ۽ امتياز ڏنا ويا، جيڪي ڪلهوڙا دور ۾ حاصل هئا[1]. پهريون واپاري-سياسي مشن نيٿن ڪرو جي اڳواڻي ۾ سنڌ پهتو، جيڪو بمبئي حڪومت جو هڪ سول عملدار هو. کيس هدايت ڏني وئي ته هو زمان شاهه جي حرڪتن تي نظر رکي ۽ ميرن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪري. هو مئي 1799ع ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي پهتو، پر کيس ميرن جي عملدارن پاران مناسب آجيان نه ملي[1]. وقت ڪراچي ۾ هندو واپاري طبقي کي بغير مقابلي جي وڏي خوشحالي حاصل هئي. انگريزي ڪارخاني جي قيام سان سندن مفادن کي خطرو هو، ۽ ڇاڪاڻته سنڌ حڪومت کي انهن واپارين کان وڏي ٽيڪس آمدني ملندي هئي، تنهنڪري حڪومت به سندن حمايت ڪئي. نتيجي طور درياڻومل جي اڳواڻيءَ ۾ هندو واپارين ڪارخانو کولڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ اجازت روڪڻ لاءِ دٻاءُ وڌو[1]. هندو واپارين جي مخالفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرو مير غلام علي جي حمايت حاصل ڪئي. مير غلام علي سرجن جي فراهمي، گولا بارود ۽ توپخاني جي تربيت جي شرط تي مدد تي راضي ٿيو، جنهن تي ڪرو واعدو ڪيو ۽ تحفا ڏنا. نتيجي طور ڪراچي ۾ ڪارخانو کولڻ جي اجازت ملي[1]. 8 سيپٽمبر 1799ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو جهنڊو ٺٽي جي ڪارخاني تي چاڙهيو ويو ۽ 24 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ به جهنڊو لهرايو ويو. پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ بعد نيٿن ڪرو وڌيڪ هدايتون وٺڻ لاءِ بمبئي واپس موٽي ويو. هو 1800ع ۾ ٻي مشن سان ٻيهر سنڌ آيو. هن ڀيري کيس سرڪاري عملدارن پاران آجيان ملي ۽ سفيرن لاءِ مخصوص ڪيل اعزازي استقبال ڪيو ويو[1]. هو پنهنجي واعدي موجب مير غلام علي لاءِ سرجن، توپچي ۽ گولا بارود آندو، پر ڪارخانو هلائڻ ڏکيو رهيو، ڇاڪاڻ ته هندو واپاري برادري سخت مخالفت ڪندي انگريزي مشن کي سياسي خطرو ظاهر ڪندي رهي. تنهن هوندي به مير غلام علي جي سرپرستيءَ سان ڪرو رعايتون حاصل ڪيون: هڪ پرواني سان ڪمپنيءَ کي مواجداري، موري ۽ فوجداري محصولن کان ڇوٽ ملي، ۽ ٻي پرواني سان ريزڊنٽ کي ڪراچي جي قلعي ۾ اچ وڃ جو حق ڏنو ويو[1]. زمان شاهه سنڌ ۾ انگريزن جي سرگرمين تي ناراض هو ۽ هن ميرن کي حڪم ڏنو ته فوراً انگريزي مشن کي پنهنجن علائقن مان ڪڍي ڇڏيو وڃي[1]. 5 آگسٽ 1800ع تي سنڌ حڪومت ڪرو کي حڪم ڏنو ته هو ڪراچي وارو ڪارخانو بند ڪري فوري طور ٺٽي واپس وڃي. آخرڪار آڪٽوبر 1800ع ۾ ڪرو کي ٺٽي وارو ڪارخانو به بند ڪرڻ ۽ سنڌ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڪرو لاهري بندر رستي بمبئي روانو ٿيو. اگرچه ڪرو جي نيڪالي برطانوي حڪومت لاءِ بي عزتي هئي، پر ان کي برداشت ڪيو ويو ۽ سنڌ خلاف ڪا به فوجي ڪارروائي نه ڪئي وئي[1].
.