سنڌ جون يورپي اخبارون
1850ع جي ڏهاڪي دوران Sindian ۽ Sind Kossid جي هڪ همعصر يورپي اخبار Sind News به هئي، جيڪا حيدرآباد ڪوٽڙي مان شايع ٿيندي هئي، 1852ع ۾ جان هاريري(John Harery) جي ادارت هيٺ اها هفتيوار اخبار معياري هئي، 6 سيپٽمبر 18566ع ۾ جڏهن جار هاريري جو موت ٿيو ته اها اخبار ڪراچي مان نڪرندي رهي، 1860ع جي ڏهاڪي ۽ 1870ع جي ڏهاڪي جي پهرين اڌ تائين نڪرندي رهي.
1860ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ Sindian جي زماني ۾ Our Paper به اخبار موجود هئي، وليم مئنسفيلڊ مالويري(William Mansfield Malvery) انهيءَ ٽي روزه اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ اخبار اڱاري ۽ جمعي تي شايع ٿيندي هئي. 1854ع جي شروعات ۾ Sindian پنهنجو نالو تبديل ڪري Sind News ٿي، 1877 ۾ جڏهن Beacon چوائڻ ۾ آئي ته اها روزنامچي اخبار هئي، جنهن جو ايڊيٽر جيمس آٽرام ٽويلس(James Autram) هو، پر تعليمي، اقتصادي ۽ ثقافتي ترقي ٿيڻ جي باوجود روزنامه جي طور تي هلي نه سگهي، تنهن ڪري 1878ع ۾ Beacon نالي سان هفتي ۾ ٽي دفعا شايع ٿيندي هئي ۽ اهو سلسلو 3 سال هليو، 18811ع ۾ اها اخبار ڊبليو نونان(W.Noonan ) جي هٿن ۾ آئي، جيڪو اها اخبار سال کن کان وڌيڪ هلائي نه سگهيو، 18811ع ۾ اها اخبار هڪ مقامي فرم نؤروجي اينڊ ڪمپني خريد ڪئي، اهڙي پراڻي Sindian اخبار جيڪا پهرين SindNews بڻي ۽ پوءِ Beacon ۾ تبديل ٿي، سا نيٺ مقامي ماڻهن جي هٿن ۾ آئي، جنهن کانپوءِ انهيءَ اخبار جو نالو Sind Times ٿيو 1877ع ۾ ڌاريل Beacon جي زماني ۾ هڪ ٻي يورپي اخبار Sind Advocat. B.W.T ”Jafferies “ جي ادارت ۾ هفتي ۾ ٽي ڀيرا شايع ٿيندي هئي، اهو ايڊيٽر هن کان اڳ Sindian جو ايڊيٽر هوندو هو، اها اخبار ٿوري عرصي کان پوءِ 18788ع ۾بند ٿي وئي. لاهور مان شايع ٿيندڙ اخبار (The Civil and Military Gazette)وارن جنهن جا پڙهندڙ سنڌ ۾ هئا، 1878ع ۾ ڪراچي مان ٻه اخبارون جاري ڪيون، جن مان پهرين اخبارBulletin.The Civil and Military Gazette هئي، جيڪا 2 جنوري 18788 ۾ شايع ٿي، ۽ ٻي Sind: The Civil and Military Gazette eussi اپريل 1878ع ۾شايع ٿي، جنهن جي ادارت ڪرنل آرٿر ڪوري(Colonel Arther Cory) جي هٿ ۾ هوندي هئي، 18822ع ۾ انهن اخبارن لاهور کان پنهنجا ناتا ٽوڙي ڪراچي مان (Sind Gazette Bulletin). ۽ Sind Gazette جي نالن سان شايع ٿيڻ لڳيون.
هاڻي Sind Gazette ڪرنل آرٿري ڪوري (Colonel Arther Cory ) ڊبليوايڇ ٽاويل (W.H.Towelle)۽ڊبليو ايڇ رتيگان W..H. Ratigan) ) جي گڏيل ملڪيت هئي ۽ موجوده صديءَ ۾ به جاري رهي، ڪرنل ڪوري 1902ع ۾ مرڻ تائين اها اخبار نهايت ڪاميابي سان هلائي، جنهن ڪري کيس ڪراچي جي جديد اخبار نويسيءَ جو باني سڏيو ويندو آهي.Sind Gazette جيڪا پوءِ Daily Gazette ٿي، ورهاڱي تائين ڪوري جي يادگار اخبار هئي، اها اخبار هفتي ۾ 88 صفحن تي مشتمل، 4 ڪالمن ۾ ڇپبي هئي ۽پهريان ٻه ۽ آخري ٻه صفحا اشتهارن لاءِ مخصوص هوندا هئا.
1887ع ۾ Sind Gazette هڪ مقامي اخبار Sind Times ۾ ضم ٿي وئي، Sind Gazette پهرين يورپي اخبار هئي، جيڪا اڻويهن صدي جي ٻن ڏهاڪن تائين سنڌ ۽ يورپي ماڻهن جي نمائندگي ڪري هندستان جي ورهاڱي تائين سندن خدمت ڪندي رهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ موتي رام-ايسس رامواڻي: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“ شاردا پرڪاش، بمبئي 1987ع ص 88