سنڌ جا يورپي رسالا
سنڌ جا يورپي رسالا 1825ع ۾ يا ان کان اڳ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس وارن ماهوار جرنل The Price Current and Market Report جاري ڪيو، جيڪو 1870 جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ هفتيوار ٿي شايع ٿيڻ لڳو، جيئن جرنل جا نالي مان ظاهر آهي، هن جرنل ۾ واپاري طبقي سان وابسته معلومات، جنهن۾ مختلف اناج جي جنسن ۽ خدمتنجون اگهوتريون، درياءَ، ريل ۽ روڊ رستي آمدرفت جي تفصيل، بحري جهازن جي اچڻ وڃڻ جا وقت ۽ ڀاڙا توڙي مزدوريون بيان ٿيل هونديون هيون، اهو جرنل 1875ع تائين جاري رهيو. وڪيلن پنهنجو ماهوار رسالو The Report of the Decisions of the Sadar Court of Sind 1870 ۾ جاري ڪيو، جيڪو ڪراچي جي صدر ڪورٽ جو سپرنٽينڊنٽ وليم رابرٽ هونهام(William Robert Hoonhan) جي ادارت ۾ نڪرندو هو، هي رسالو 30 صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ 100 ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، هي رسالو 1881ع ۾ بند ٿي ويو. چرچ مشنري سوسائٽي 1850 ۾ قائم ٿي، جيڪا عيسائيت جي پرچار لاءِ وجود ۾ آئي هئي، سندس سرپرستي هيٺ ڪراچي مان 1884ع ۾ Chiristian Messenger رسالو جاري ٿيو، پر 18855ع ۾ بند ٿي ويو. اٺهن ورهين کانپوءِ 1892ع ۾ ڪراچي جي ٽرنيٽي چرچ Magazine Karachi Parish جاري ڪيو، هي رسالو ننڍي سائيز ۾ 144 صفحن تي مشتمل هندو هو، جنهن جون هر ماهه 150 ڪاپيون شايع ٿينديون هيون، جيڪو موجوده صديءَ ۾ پڻ جاري رهيو. انهيءَ کان پوءِ ، سينٽ پال چرچ منهوڙ ا طرفان Karachi Manora Church Magazine شايع ٿيو جيڪو موجوده صدي ۾ پڻ جاري ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Dr. Allah Rakhio Butt: The Nineteenth Century Book Trade in Sind Ph.d Thesis, (for the university Of wales ) 1988