مواد ڏانھن هلو

سنڌي ثقافتي ڏھاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سنڌ ثقافتي ڏهاڙو کان چوريل)
سنڌي ثقافتي ڏينھن
سنڌي ٽوپي، سنڌي ثقافت جو مُک جزو
ملهائڻ واراسنڌي
قسمعوامي
اهميتسنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ
تاريخڊسمبر جي پھرين آچر
دورانيو1 ڏينھن
تقررساليانو

سنڌي ثقافتي ڏينھن، يا، سنڌ ثقافتي ڏهاڙو (سنڌي سڀيتا ڏهاڙو، سنڌي ايڪتا ڏهاڙو) (انگريزي ٻولي: Sindhi cultural Day) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ماڻهو, دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن هر سال ڊسمبر جي پهرئين آچر تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن،[1][2] جنهن کي ايڪتا جو ڏينھن پڻ چيو وڃي ٿو.[3] سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو وڏي پيماني تي سنڌ جي صدين کان سنڌ جي قديم شاهوڪار ثقافت نمايان ڪرڻ جي لاءِ روايتي جوش سان ملهايو ويندو آهي.

آمريڪن قونصل خاني ڪراچي پاران قونصل جنرل برائن هيٿ جي رھائش گاھ تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان هڪ موسيقيءَ جي تقريب رکي جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. گذريل ڇهن سالن کان آمريڪي قونصل خانو سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان ھر سال تقريب جو اھتمام ڪندو رهي ٿو.[4][5]

ان ڏهاڙو تي سنڌ ۾ مختلف ثقافتي سرگرميون ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ صوفياڻي ڪچهري، سُگهڙ ڪچهري، ادبي ڪانفرس وغيره شامل آهن.[6]

تاريخ

[سنواريو]

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو،[7] جنهن کانپوءِ هر سال ڊسمبر مهيني جي پهرئين هفتي جي آچر ڏينهن تي هي ڏهاڙو سنڌ جا ماڻهو، انڊيا ۾ وسندڙ سنڌي ماڻهو ۽ پرڏيهه ۾ دنيا جي ٻين غير قومن ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي پڻ هي ڏيهن ملهائيندا آهن.[8]

پهريون سنڌي سڀيتا ڏهاڙو 6 ڊسمبر 2009 تي ملهايو ويو

ٻيو 2010

ٽيون 2011

چوٿون 2012

پنجون 2013

ڇهون 2014

ستون 2015

اٺون 2016

نائون 2017

ڏهون 2018

2019 ۾ ان ڏهاڙي کي هڪ سنڌ سڪ ثقافت جي نالي سان ملهايو ويو.[9]

پهرئين ڊسمبر 2019 تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جي موقعي تي دنيا جو سڀ کان ڊگهو ۽ ويڪرو وڏو سنڌي اجرڪ سکر، سنڌ ۾ ۽ 130 ميٽر ۽ 30 فُٽ ويڪرو سنڌي اجرڪ حيدرآباد، سنڌ ۾ نمائش ڪئي وئي.[10]

تياريون

[سنواريو]

هن سال سنڌي ثقافتي ڏينهن 6 ڊسمبر تي ملهايو وڃي ٿو. هن ڏينهن کي ملهائڻ جي لاءِ تياريون خاص طور تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ سنڌي ماڻهو روايتي لباس ؛ اجرڪ ۽ سنڌي ڪيپ خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن.[11] مختلف سنڌي شخصيتون ان جي سرواڻي ڪري رهيون آهن ۽ صوبي جي ننڍن کان وڏن شهرن تائين ريلين جو انتظام ڪري رهيون آهن.[12] ان کان علاوه، مقامي موسيقار/گلوڪار ثقافت کي ترقي ۽ تحفظ لاءِ ثقافتي ڏينهن جي وڊيو گانا جاري ڪري چڪا آهن علي ظفر، عروج فاطمه ۽ عابد بروهي 'اَلي منهنجا ماروئڙا'، غلام اصغر کوسو ”جيئي جيئي منهنجي سُهڻي سنڌڙي“ ۽ ’شجاع حيدر پاران ”پنهنجو پولي پنهنجو سنڌ“ گيت تيار ڪيل آهي.[13]

اڄ 6 ڊسمبر، سنڌ سميت سموري دنيا ۾ ثقافتي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.[14]

گيلري

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:سنڌ موضوع


حوالا

[سنواريو]
  1. "سنڌي ثقافتي ڏھاڙو عيد جو ڏينھن". روزاني مھراڻ (in اردو). Retrieved 2019-12-03.
  2. "2019 December 02 | روزاني سرواڻ". www.dailysarwan.com. Retrieved 2019-12-03.
  3. "Culture day celebration | Pakistan Press Foundation (PPF)Pakistan Press Foundation (PPF)". Pakistan Press Foundation (PPF) (in انگريزي). Retrieved 2018-11-18.
  4. "امريڪن قونصل خاني طرفان سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ملھايو ويو | امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾" (en-US ۾). امريڪي سفارتخانو ۽ قونصل خانا پاڪستان ۾. 2015-12-12. https://pk.usembassy.gov/snd/u-s-consulate-celebrates-sindh-cultural-day-snd/.
  5. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (عيسى ميمڻ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, archived from the original on 2017-09-12, retrieved 2016-12-15 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)
  6. "نئون ديرو ۾ اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان صوفياڻي ڪهچري ڪوٺائي وئي". آن لائين انڊس (in اردو). 2019-12-01. Retrieved 2019-12-03.
  7. "سنڌي ثقافت ۽ تاريخي ورثي تي ٻڌل قومي ڏڻ". Awami Awaz (in اردو). 2019-12-01. Retrieved 2019-12-03.
  8. "ثقافتي ڏهاڙو، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جا ثقافتي رنگ جرڪي پيا". Daily Sindhyar (in آمريڪي انگريزي). Retrieved 2019-12-03.
  9. "Page No.01". kawish.asia. Retrieved 2019-12-03.
  10. "Sindh Culture Day celebrated across the province | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. Retrieved 2019-12-03.
  11. "'Sindhi Culture Day' to be observed today". The Nation (in انگريزي). 2020-12-06. Retrieved 2020-12-06.
  12. "Preparation Of Sindhi Cultural Day Is Full Swing". UrduPoint (in انگريزي). Retrieved 2020-12-05.
  13. "Ali Zafar aims to preserve & promote Sindhi culture through latest song 'Allay'". Something Haute (in آمريڪي انگريزي). 2020-11-27. Retrieved 2020-12-05.
  14. "Sindh Culture Day to be celebrated today". The Express Tribune (in انگريزي). 2020-12-05. Retrieved 2020-12-06.