سنڌ تي حملن جي تاريخ (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ تي حملن جي تاريخ:هي ڪتاب ليکڪ اياز ڀاڳت جو لکيل آهي.[1] [2] هن ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ جنهن ۾ ڌارين جي سنڌ تي ڪاهن، ڦرلـٽ، ظـلـم ۽ زيادتـيءَ کي چٽيو ويو آهي. ڪـتاب ۾ ڪُل 28 مضمون شامل آهن، جن ۾ سنڌ، سنڌي ۽ آريا، سنڌي ۽ ايراني، سڪندر مقدوني سان سنڌين جي ويڙهاند، سنڌين جو اعلان آزادي، موريا خاندان کانپوءِ سنڌ جي حالت، ساڪا قبيلن جي سنڌ ۾ آمد، ڪشن گهراڻو، سنڌين جي ايرانين سان مدد، گپت گهراڻي جو حملو،هُڻ(Huns)لوڪن جو ڏهڪاءُ، سنڌين جي حاڪميت، سنڌين جي حالت آرين کانپوءِ، نوشيروان جي ڪاهه، عربن ۽ سنڌين جي ويڙهه، سنڌ تي محمود غزنويءَ جا حملا، دهليءَ جا دلال ۽ سنڌ جا سورما، شاهه بيگ ارغون جو سنڌ تي حملو، شاهه حسن ارغون جا ظلم، ترخانن جا ڪلور، سلطان محمود ڪوڪلتاش جو دور، مغل حاڪمن جا ڏاڍ ۽ ظلم، ڪلهوڙن جو دور ۽ ڌارين جون سازشون، سنڌ تي افغانين جا راتاها، شاهه شجاع جون شرانگيز حرڪتون، ٽالپر دؤر ۾ انگريزن جون سازشون، انگريز سامراج جهڙن اهم موضوعن تي مضمون شامل آهن

حوالا[سنواريو]

  1. "سنڌ تي حملن جي تاريخ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-25. 
  2. "سنڌ تي حملن جي تاريخ - اياز ڀاڳت | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-10-25.