سنڌ انڊسٽريل ائنڊ ٽريڊينگ اسٽيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


سنڌ انڊسٽريل ائنڊ ٽريڊينگ اسٽيٽ يا جنهن کي سائٽ پڻ چون ٿا، برطانوي حڪومت جي طرز تيحڪومت سنڌ پاران نومبر 1947ء ۾ صنعتن جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي ۔ هي ملڪ جو پهريون ٽريڊنگ اسِٽيٽ هيو، جنهن سان نئين آزاد ٿيل ملڪ کي معاشي ميدان ۾ وڌڻ ۾ ڪافي مدد ملي۔

تاريخ[سنواريو]

آزاديءَ جي وقت پاڪستان وٽ صرف چند هڪ ئي صنعتون هيون، تنهنڪري حڪومت سنڌ انهيءَ سال نومبر 1947تي سنڌ ۾ هڪ باقاعدہ انڊسٽريل ايريا سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ جي نالي سان قائم ڪيو۔ هتي سڀ کان وڌيڪ مشڪل مرحلو بنيادي سهوليتن جو هيو ڇو تہ ڪوئي به صنعت بغير انهن شين جي هتي لڳائڻ ممڪن نه هيو۔ ان مقصد جي لاءِ حڪومت جنهن زمين جي چُونڊ ڪئي ، اُن ۾ روڊ تعمير ڪيا، پاڻي، بجلي، گيس، نڪاس ( سيورج) ۽ ٽيليفون جي سهوليتون ڏنيون ۔ ريلوي جي نئين لائن وڇائي ۽ بس اسٽاپ بڻايا۔ مزدورن جي لاءِ نيون ڪالونيون بڻائيون ۽گودام بڻايا۔ انهن ڪمن کان پوءِ سنڌ ۾ ترقيءَ جو گِراف وڌيڪ تيز کان تيز تر ٿي ويو۔

تنضمي ڍانچو[سنواريو]

سائٽ کي مختلف پاليسين جي تحت حڪومت سنڌ تيار ڪيو، جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومنت آرڊر نمبر 24-I.B/47.1 dated June 2, 1947 جاري ڪيو ۽ انجي حڪومت سنڌ جي ڊپارٽمنٽ آف سائٽ جي سپرد ڪري ڇڏيو جيڪو وزارت صنعت ۽ تجارت، حڪومت سنڌ جي ماتحت آهي۔ ڊپارٽمنٽ بورڊ ڊائرڪٹٽرز جي ذريعي هلندو آهي، جن کي حڪومت سنڌ لڳائيندي آهي ۔

هن وقت سنڌ ۾ ڪُل 10 ٽريڊنگ اسٽيٽ آهن۔

نالو جگهہ قيام رقبو (ايڪڙ)
سائٽ ڪراچي ڪراچي 1947 4460
سائٽ حيدآباد حيدآباد 1950 1268
سائٽ ٽنڊو آدم ٽنڊو آدم 1952 150
سائٽ ڪوٽڙي ڪوٽڙي 1962 1875
سائٽ سکر سکر 1963 1060
سائٽ سپر هاءِ وي Phase-1 سپر هاءِ وي 1983 300
سائٽ نوري آباد Phase-I نوري آباد 1983 5342
سائٹ سپر هاءِ وي Phase-II سپر هاءِ وي 1992 1000
سائٽ نواب شاهہ نواب شاهہ 1994 240
سائٽ نوري آباد Phase-II نوري آباد 2003 2000

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

ويب سائٽ[سنواريو]