سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عام تصور اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. پر ايئن ناهي سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌين کانسواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن هن (سنڌي) ٻوليءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. اوائلي دور ۾ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ (الفابيٽ) ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دؤر (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو. جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو. پر انکانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ ، جيستائين = جيستاءِ ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره. نيٺ 1888 ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جو پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو. مددي ڪتاب: سنڌي ادب جو مختصر جائزو (اڪبر لغاري) سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (سيد شيرل شاھ/ ڊاڪٽر عبدالجبار مغل)


سنڌ جي تاريخ ۽ اسان جون ذميواريون


اسان جي ملڪ ۾ اڃان سوڌو تاريخ ڏانهن سنجيدگي سان ويچار ئي نه ڪيو ويو آهي. هتي تاريخ کي صرف سياسي تبديلين جو نالو ڏنو ويو آهي. تاريخ کي صرف بادشاهن، اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن، سندن جنگين، قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رکيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ جو اهو تصور صحيح نه آهي. تاريخ هڪ سائنس آهي، تاريخ ڪنهن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي اڀياس جو نالو آهي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي تصور رهيا آهن. پر تاريخ جي مادي نقطي نظر موجب، انسانذات جي سموري تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. اها ويڙهه ڦريل ۽ ڦريندڙ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندي رهي آهي. تاريخ جي جديد مادي قانون موجب سماجن ۾ اٿل پٿل يا نظرين ۽ خيالن ۾ اٿل پٿل سڄي مادي پيداوار جي تابع آهي. مادي پيداوار جي ترقي سان ئي نظريا، سماج ۽ انهن جا طور طريقا ۽ قانون بدلبا رهندا آهن، ان ڪري تاريخ اصل ۾ سماجي ٽڪرائن جو لاڳيتو عمل آهي. ان طريقي سان تاريخ کي نه صرف صحيح نموني سمجهي سگهجي ٿو، پر ان جي روشني ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي تايخ جو جديد نظريو آهي. جنهن تحت اسان کي سنڌ سميت دنيا جي تاريخ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.