مواد ڏانھن هلو

سنڌو درياهه جي ڊولفن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌو درياهه جي ڊولفن
Indus river dolphin
Size compared to an average human
CITES Appendix I (CITES)[1]
سائنسي درجا بندي e
جنس: Template:Taxonomy/Platanista{. minor
حياتياتي نالو
Platanista minor
Owen, 1853
Ranges of the Indus river dolphin and Ganges river dolphin

سنڌو درياهه جي ڊولفن (Platanista minor) پلئٽئنسٽا مائنر (Platanistidae) خاندان ۾ تازي پاڻيءَ جي ڊولفن جي هڪ قسم آهي. هي پاڪستان ۽ اتر اولهه ڀارت ۾ سنڌو درياءَ جي طاس جي علائقن جي مقامي آهي. هي ڊولفن پهرين دريافت ٿيل سائڊ سوئمنگ سامونڊي مئمل (Cetacean) آهي. پاڪستان ۾، اها سنڌو درياهه ۾ ٿئي ٿي، جيڪي پنجن ننڍين ذيلي آبادين ۾ ورهايل آهي جيڪيون آبپاشي بئراجن سان الڳ ٿيل آهن. ڀارت ۾، هڪ تمام ننڍڙي الڳ ٿيل آبادي جيڪا ختم ٿيڻ جي تمام گهڻي خطري ۾ آهي، بياس نديءَ ۾ رهي ٿي.

1970ع جي ڏهاڪي کان سال 1998ع تائين، گنگا درياءَ جي ڊولفن (Platanista gangetica) ۽ سنڌو جي ڊولفن کي الڳ الڳ جنس سمجهيو ويندو هو؛ جڏهن ته، سال 1998ع ۾، انهن جي درجه بندي کي ٻن الڳ الڳ جنسن کان ڏکڻ ايشيائي دريائن جي ڊولفن جي ذيلي جنسن ۾ تبديل ڪيو ويو. جڏهن ته، وڌيڪ تازا مطالعا انهن کي الڳ جنس هجڻ جا حمايت ڪن ٿا. ان کي پاڪستان جو قومي ٿڻائتو سامونڊي جانور (cetacean) ۽ پنجاب، ڀارت جي رياستي آبي جانور جي طور تي درج ڪيو ويو آهي.

حوالا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]