مواد ڏانھن هلو

سنڀالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڀالو: نالا: ع. اثلق، ف. بيخ گشت، هه. وغيره___ سنڀالو، ذوخمسته ۽ اوراق. هي وڻ قد ۾ پورو پنو، چنبي وانگر چار پنج پن گڏيل ٿيندا آهن. اڪثر باغن ۾ پاڻيءَ وارين جاين تي پيدا ٿيندو آهي.

خاصيت: هن جا پن گهوٽي پياربا ته نون ۽ پراڻن دستن کي بند ڪندا. بادفرنگ ۽ آتشڪ جي ڦٽن، کل جي خارش، ڦرڙين ۽ مٿي جي سور لاءِ مفيد آهن. جگر جي سدن ۽ ٻرهل کي تحليل ڪن ٿا. سوڄ ۽ رحم جي سور لاءِ مجرب آهن، پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪندا. هن جو ٻج دماغي بيمارين جو علاج آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو