مواد ڏانھن هلو

سناتن ڌرم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

“سناتن” سنسڪرت ٻوليءَ مان ورتل لفظ آهي، جيڪو لغوي معنيٰ ۾ “قديم، دائمي، اَبدي يا اڻ بدلجندڙ” جي مفهوم کي ظاهر ڪري ٿو.

اشتقاق جي لحاظ کان:

لفظ “سناتن” سنسڪرت ۾ ٻن حصن مان ٺهيل آهي:

1. “سن” (San) - جنهن جي معنيٰ آهي “سدا، هموار، يا دائمي”.

2. “اتن” (Atan) - جنهن جو مطلب آهي “جاري رهندڙ، قائم، يا وجود رکندڙ”.

انهن ٻنهي حصن جي گڏيل معنيٰ ٿئي ٿي: “اهو جيڪو قديم ۽ دائمي آهي ۽ سدا لاءِ قائم دائم رهي ٿو”.

استعمال:

• ڌرمي حوالي سان: سناتن لفظ عام طور تي “سناتن ڌرم” جي حوالي سان استعمال ٿئي ٿو، جيڪو هندومت لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح آهي. ان جو مطلب آهي “ابدي ڌرم” يا اهو نظامِ حيات جيڪو ازل کان جاري آهي.

• ادبي ۽ فڪري استعمال: هن لفظ کي انساني قدرن، اصولن، يا روايتن لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي اڻ بدلجندڙ يا دائمي سمجهيا وڃن. مثال:

• سناتن اصول: اڻ بدلجندڙ ۽ ابدي اصول.

• سناتن ڌرم: دائمي ۽ قديم ڌرمي اصول. [1]

  1. محقق؛ امير ڀنڀرو