سمنڊ جي گجي
ڏيک
سمنڊ جي گجي: نالا: ع. زبدالبحر، ف. ڪف دريا، هه. وغيره___ سمندر جهاگ، اجرسن ۽ سمنڊ ڦيڻ. اڇا ۽ ڦيڦا ٽڪر ٿيندا آهن، هن جا ٻه چار قسم ٿين ٿا.
طب
[سنواريو]خاصيت: گل روغن جي تيل ۾ ملائي، چٽي، ڪوڙهه، بدن جي خارش ۽ ڇانئين جي داغن تي لڳائجي. هن جو مرهم ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڪري ٿو. هن جو ٻورو ڏندن کي صفا ڪري ۽ وارن کي ڪوڙي ٿو. هن جو سرمون اکين جي مرضن جهڙوڪ: ڦلي، ڌنڌ ۽ خارش لاءِ مفيد آهي. مثاني مان پٿري کي ڪڍي ٿو، پيشاب جي ساڙي، چيلهه جي سور، جلندر ۽ وار چري کي فائدو ڪري ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو