سلڪ روڊ
| Silk Road | |
|---|---|
Main routes of the Silk Road | |
| Route information | |
| وقت جو مُدو | ت. 114 BCE – c. 1450 CE; 2140 years ago |
| سرڪاري نالو | Silk Roads: the Routes Network of Chang'an-Tianshan Corridor |
| قسم | Cultural |
| معيار | ii, iii, v, vi |
| عهدو | 2014 (38th session) |
| حوالا نمبر. | 1442 |
| Region | Asia-Pacific |
| سرڪاري نالو | Silk Roads: Zarafshan-Karakum Corridor |
| قسم | Cultural |
| معيار | ii, iii, v |
| عهدو | 2023 (45th session) |
| حوالا نمبر. | 1675 |
| Region | Asia-Pacific |
| سلڪ روڊ | |||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| روایتي چیني | 絲綢之路 | ||||||||
| آسان چیني اکر | 丝绸之路 | ||||||||
| |||||||||
ريشم روڊ (Silk Road، چيني: 絲綢之路، شي چو زهي، فارسي: جاده ابریشم، قازق، ازبڪ، تاجڪ ٻولي: Ұлы Жібек жолы، اطالوي: Via della seta) ٻي صدي قبل مسيح کان وٺي 15هين صدي جي وچ تائين سرگرم، زمين تي 6,400 ڪلوميٽر (4,000 ميل) کان وڌيڪ پکڙيل، ايشيائي واپاري رستن جو هڪ نيٽ ورڪ هو.[1] هن اوڀرين دنيا (ايشيا) ۽ اولهائين دنيا (يورپ ۽ آفريڪا) جي وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي، سياسي ۽ مذهبي رابطي کي آسان بڻائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. [2][3][4] "ريشم روڊ" جو نالو 19هين صدي جي آخر ۾ ٺاهيو ويو هو. پر ڪجهه 20هين ۽ 21هين صدي جا مورخ ان جي بدران "ريشم رستا" (Silk Routes) جي اصطلاح کي، انهي بنياد تي ترجيح ڏين ٿا ته اها وڌيڪ صحيح طور تي وچ، اوڀر، ڏکڻ، ڏکڻ اوڀر ۽ اولهه ايشيا ۽ انهي سان گڏ اوڀر آفريڪا ۽ ڏکڻ يورپ کي ڳنڍيندڙ زميني ۽ سامونڊي رستن جي پيچيده نيٽ ورڪ کي بيان ڪري ٿي.
ڪجهه عالم تنقيد ڪن ٿا يا ريشم روڊ جي خيال کي به رد ڪن ٿا ۽ هڪ نئين تعريف يا متبادل اصطلاح جو مطالبو ڪن ٿا. انهن جي مطابق، هن اصطلاح کي استعمال ڪندڙ ادب "يوريشيا جي ٻنهي پاسن تي ترقي يافته ۽ پڙهيل لکيل سلطنتن کي امتيازي حيثيت ڏني آهي". ان ڪري ميداني خانه بدوشن جي تهذيبن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان کان سواء، ڪلاسيڪل تعريف هندستان ۽ ايران جهڙين ممتاز تهذيبن کي نظرانداز ڪري ٿي.[5]
ريشم روڊ جو نالو ريشم جي ڪپڙي جي انتهائي منافعي بخش واپار مان نڪتل آهي، جيڪا بنيادي طور تي چين ۾ پيدا ڪيا ويندا هئا. نيٽ ورڪ 114 قبل مسيح جي آس پاس هان خاندان (202 قبل مسيح - 220 عيسوي) جي، چيني شاهي سفير ژانگ ڪيوان جي مشن ۽ ڳولا ذريعي، وچ ايشيا ۾ توسيع سان شروع ٿيو،[6] جنهن علائقي کي متحد ڪنٽرول هيٺ آندو. چيني پنهنجي واپاري شين جي حفاظت ۾ وڏي دلچسپي ورتي ۽ واپاري رستي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ، چين جي عظيم ديوار کي وڌايو.[7] پارٿي سلطنت نيٽ ورڪ کي رومي سمنڊ جي علائقي سان ڳنڍيندڙ هڪ اهم پل فراهم ڪيو. ساڳئي وقت اولهه ۾ رومي سلطنت جي عروج هڪ ٻئي سان ڳنڍيل واپاري نظام جي اولهائين مرڪز کي وڌيڪ قائم ڪيو. پهرين صدي عيسوي تائين، چيني ريشم جي روم، مصر ۽ يونان ۾ وڏي پيماني تي طلب ڪئي وئي. اوڀر مان ٻيون منافعي بخش شين ۾ چانهه، رنگ، عطر ۽ چيني مٽيءَ جا ٿانو شامل هئا. اولهائين برآمدات ۾ گھوڙا، اُٺ، ماکي، شراب ۽ سون شامل هئا. اڀرندڙ واپاري طبقن لاءِ ڪافي دولت پيدا ڪرڻ کان سواء، سامان، جهڙوڪ ڪاغذ ۽ بارود، جي واڌ يوريشيا ۽ ان کان ٻاهر ڪيترن ئي منظرن ۾، سياسي تاريخ جي رفتار کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.
ريشم روڊ کي هڪ اهڙي عرصي دوران استعمال ڪيو ويو، جڏهن سڄي ايشيا کنڊ ۾ وڏي سياسي تبديلي، جنهن جي مثال طور اهم واقعا، جهڙوڪ بليڪ ڊيٿ (يورپ ۾ طاعون جي مها وبا) ۽ منگول فتحون، ڏٺي ويون. نيٽ ورڪ انتهائي غير مرڪزي هو ۽ سيڪيورٽي گهٽ هئي. مسافرن کي ڌاڙيلن ۽ خانہ بدوش حملي آورن جي مسلسل خطرن ۽ غير مهمان نواز علائقن جي ڊگهي پکيڙ کي منهن ڏيڻو پوندو هو. ڪجھ ماڻهو سلڪ روڊ جي پوري ڊيگهه ۾ سفر ڪن جي بدران، رستي ۾ مختلف اسٽاپنگ پوائنٽن تي ٻڌل وچولين جي تسلسل تي ڀروسو ڪندا هئا. سامان کان سواء، نيٽ ورڪ مذهبي (خاص طور تي ٻڌمت)، فلسفياتي ۽ سائنسي سوچ جي بي مثال تبادلي کي آسان بڻايو. جنهن مان گهڻو ڪجهه رستي ۾ سماجن پاران هم وقت سازي ڪئي وئي.[8] ساڳئي طرح، ماڻهن جي هڪ وسيع قسم جا رستا استعمال ڪيا. بيماريون، جهڙوڪ طاعون، پڻ سلڪ روڊ تي پکڙجي ويون. ممڪن طور تي بليڪ ڊيٿ ۾ حصو وٺي.[9]
سال 1453ع کان پوءِ، عثماني سلطنت، زميني رستن تي وڌيڪ ڪنٽرول لاءِ ٻين بارود واري سلطنتن سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن يورپي سياست کي متبادل ڳولڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن ته پاڻ پنهنجن واپاري ڀائيوارن تي فائدو حاصل ڪري رهيا هئا.[10] هي دريافت جي دور جي شروعات، يورپي نوآبادياتي نظام ۽ عالمگيريت جي وڌيڪ شدت جو نشان هو.
21هين صدي ۾، "نئون سلڪ روڊ" جو نالو، ڪيترن ئي تاريخي واپاري رستن سان گڏ، ڪيترن ئي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. سڀ کان وڌيڪ مشهور ۾ يوريشين لينڊ پل ۽ چيني بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو (BRI) شامل آهن. يونيسڪو سال 2014ع ۾ سلڪ روڊ جي چانگ آن-تيانشان ڪوريڊور کي ۽ سال 2023ع ۾ زرفشان-ڪاراڪم ڪوريڊور کي، عالمي ورثو قرار ڏنو. فرغانه-سيردريا ڪوريڊور، روڊ جا هندستاني ۽ ايراني حصا ۽ چين ۾ باقي ماڳ عارضي فهرستن تي آهن.
مشهور خيال جي باوجود، ريشم روڊ ڪڏهن به هڪ واحد اوڀر-اولهه واپاري رستو نه هو، جيڪو چين کي رومي سمنڊ جي علائقن سان ڳنڍيندو هو ۽ نه ئي منگول سلطنت کان اڳ اها ڪو غير محدود واپاري رستو هو. اهو رستن جو هڪ نيٽ ورڪ هو. اڪثر ڪري ريشم روڊ سان ڳنڍيل، مارڪو پولو به، منگولن جي فعال حرڪت جي آساني جي دور ۾ سفر ڪرڻ جي باوجود، ڪڏهن به اهو اصطلاح استعمال نه ڪيو.[11]
نالا ۽ اهميت
[سنواريو]رستا
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]مذهبن جي واڌ
[سنواريو]فن جي واڌ
[سنواريو]سهائتا
[سنواريو]گيلري
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "The Silk Road". National Geographic Society. 26 July 2019. اصل نسخو مان 1 February 2020 تي محفوظ ڪيل. 25 January 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Eurasian winds toward Silla". Shiga: Miho Museum. March 2009. اصل نسخو مان 9 April 2016 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ Gan, Fuxi (2009). Ancient Glass Research Along the Silk Road. Shanghai Institute of Optics and Fine Mechanics, Chinese Academy of Sciences (Ancient Glass Research along the Silk Road, World Scientific ڇاپو). World Scientific. ص. 41. ISBN 978-9-812-83356-3. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 27 February 2018 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ Elisseeff, Vadime (2001). The Silk Roads: Highways of Culture and Commerce. UNESCO. ISBN 978-9-231-03652-1.
- ↑ Henderson, L. Morgan & Salonia 2024, p. 1-2.
- ↑ Higa, Kiyota (2015-01-01). "Legend of Silk Road pioneer lives on".
- ↑ Liu, Xinru (2010). The Silk Road in World History New York: Oxford University Press, p. 11.
- ↑ Bentley 1993, p. 33.
- ↑ "Ancient bottom wipers yield evidence of diseases carried along the Silk Road". The Guardian. 22 July 2016. 18 May 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Getz, Trevor. "Land-Based Empires 1450 to 1750". Khan Academy.
- ↑ Dalrymple, William (2024). The Golden Road: How Ancient India Transformed the World (English ۾) (First ڇاپو). London: Bloomsbury Publishing. ISBN 978-1-4088-6444-9.
{{cite book}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
وڌيڪ پڙهڻ
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Silk Road. |
Silk Road سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
- Silk Road Atlas (University of Washington)
- "The Silk Road," a historical overview by Oliver Wild
- The Silk Road Journal, a freely available scholarly journal run by Daniel Waugh
- "The New Silk Road" – a lecture by Paul Lacourbe at TEDx Danubia 2013
- Escobar, Pepe (February 2015). "Year of the Sheep, Century of the Dragon? New Silk Roads and the Chinese Vision of a Brave New (Trade) World," an essay at Tom Dispatch
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Articles containing Chinese-language text
- Infobox road temporary tracking category 1
- Infobox road maps for Wikidata migration
- Infobox road articles without wikidata country
- Harv and Sfn no-target errors
- CS1 maint: unrecognized language
- Portal templates with redlinked portals
- Commons link from Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- سلڪ روڊ
- روڊ ۽ شاھراھون
- ايشيا جي تاريخ
- ايشيا جي طبعي جاگرافي
- افغانستان جي قديم تاريخ
- قديم ميسوپوٽيميا
- قديم بين الاقوامي تعلقات
- قديم روڊ ۽ رستا
- ايران جي اقتصادي تاريخ
- يوريشيائي تاريخ
- قديم روم جا پرڏيهي تعلقات
- پاڪستان جو پرڏيهي واپار
- هان خاندان جا پرڏيهي تعلقات
- چين ۾ پرڏيهي واپار جي تاريخ
- شاهي چين جي تاريخ
- بين الاقوامي تعلقات جي تاريخ
- خراسان جي تاريخ
- بين الاقوامي روڊ نيٽ ورڪ
- وچين ايشيا
- روڊ ايشيا
- ريشم
- واپاري رستا
- چين ۾ عالمي ورثو سائيٽون
- قازقستان ۾ عالمي ورثو سائيٽون
- تاجڪستان ۾ عالمي ورثو سائيٽون
- چين-رومن سلطنت تعلقات
- ٽرانسپورٽ جي قديم تاريخ
- وچين دور جا روڊ ۽ ٽريڪ
- هان خاندان
- چين جي اقتصادي تاريخ
- اوڀرين دنيا
- ايشيا ۾ عالمي ورثي جا ماڳ
- چين ۾ عالمي ورثي جا ماڳ
- قزاقستان ۾ عالمي ورثي جا ماڳ
- ترڪمانستان ۾ عالمي ورثي جا ماڳ
- ازبڪستان ۾ سياحتي ڪشش