مواد ڏانھن هلو

سسئي جو پٿر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سسئـَـيءَ جو پٿر:


نالا: ع. ازخر، ف. گورگياهه، هه. وغيره___ گهربيل، چتن مکي آفريدس ۽ گاه مکي. هي گاه خوشبودار ۽ ڀوري رنگ تي ٿيندو آهي.

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گردن ۽ مقعد کي، ميل: پاڻي گلاب جو، عيوض: سرهي مر يا ڪٺ، وزن: پنجن کان ست ماسا. خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي. جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿو. ٻرهل ۽ جگر جي سدن کي وڃائي ٿو. گهاٽي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. فالـج، لقوي، عضون جي استرخاءِ لاءِ مفيد آهي، ذهن ۽ عقل کي تيز ڪري ٿو، سنڌن جي سور ۽ ڏندن جي سور ۽ مضبوطيءَ لاءِ سٺي دوا آهي. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. رحم مان پاڻي اچڻ ۽ معدي جي رطوبت لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو