سر شاهنواز ڀٽو لائبريري
ڏيک
سر شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻي شھر جي وڏي لائبريري آھي. ھتي شھر ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي شاگرد ۽ ملازمت جي تياري ڪندڙ اميدوار روزانو مطالعو ڪرڻ اچن ٿا.
تاريخ
[سنواريو]حڪومت، سال 1977ع ۾، لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ آفيس جي سامهون هڪ عاليشان لائبرريءَ جي عمارت جو ڪم شروع ڪرايو. ھاڻي ان کي ”ســَـر شاهنواز ڀٽو لائبرري“ جي نالي سان سڏجي ٿي. هن لائبرريءَ لاءِ ڪافي تعداد ۾ ڪتاب بہ خريد ڪيا ويا آهن. اُن وقت جي وزير اعظم، ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجو سمورو ڪتبخانو ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو. 1984ع ۾ هن ڪتبخاني جو باقاعده افتتاح ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا، ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ رسالو: مھراڻ؛ 1984ع جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.