سر سيمور فٽزجيرالڊ
| رائيٽ آنربل سر سيمور ويزي-فٽزجيرالڊ جي سي ايس آء، GCIE، پروي ڪائونسل | |
|---|---|
ڪارٽون، تيار ڪندڙ "جاسوس"، 1874 | |
| بمبئي جو گورنر | |
| عهدو سنڀاليو 6 مارچ 1867 – 6 مئي 1872 | |
| شاهي حڪمران | ملڪه وڪٽوريا |
| پيشرو | سر ھينري بارٽل فريئر |
| جانشين | سر فلپ ووڊهاوس |
| ذاتي تفصيل | |
| پيدائش | 1818 ڪليئر ڪائونٽي |
| وفات | 28 جون 1885 آڪسفورڊ، آڪسفورڊشائر |
| قوميت | |
| سياسي جماعت | قدامت پسند پارٽي (برطانيا) |
| جيون ساٿي | ماريا سيمور |
| مادر علمي | ڪرائسٽ چرچ، آڪسفورڊ اوريل ڪاليج، آڪسفورڊ |
سر وليم رابرٽ سيمور ويزي-فٽزجيرالڊ، جي سي ايس آء GCIE پروي ڪائونسل (1818 – 28 جون 1885)، هڪ اينگلو-آئرش سياستدان ۽ نوآبادي دور جو منتظم هو. هن 1858ع کان 1859ع تائين پرڏيهي معاملن جي رياستي انڊر سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ 1867ع کان 1872ع تائين بمبئي جو گورنر رهيو.
پسمنظر ۽ تعليم
[سنواريو]فٽزجيرالڊ، ٻئي بئرن فٽزجيرالڊ اينڊ ويزي جو ناجائز پٽ هو. هن تعليم ڪرائسٽ چرچ، آڪسفورڊ ۽ اوريل ڪاليج، آڪسفورڊ مان حاصل ڪئي، جتان هن 1837ع ۾ ڪلاسيڪس (قديم ادب) ۾ ڊگري حاصل ڪئي.
سياسي ڪيريئر
[سنواريو]فٽزجيرالڊ 1848ع ۾ ھورشيم مان پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو، پر سندس خلاف درخواست (پٽيشن) داخل ٿيڻ تي تي ان جي چونڊ رد ڪئي وئي. 1852ع ۾ هو ٻيهر هورشيم مان چونڊيو ويو ۽ 1865ع تائين اها سيٽ برقرار رکي.[1] هن 1858ع کان 1859ع تائين ڊربي جي چوڏهين ارل جي حڪومت هيٺ پرڏيهي معاملن جو انڊر سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
1866ع ۾ هن کي بمبئي جو گورنر مقرر ڪيو ويو،[2] ساڳئي وقت هن کي پروي ڪائونسل جو ميمبر بڻايو ويو،[3] ۽ (17 آگسٽ 1887ع) کيس آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا جو نائٽ ڪمانڊر بڻايو ويو،[4] جڏهنته آرڊر آف دي انڊين ايمپائر جو نائٽ گرانڊ ڪمانڊر پڻ مقرر ڪيو ويو.
برطانيا واپسيءَ کان پوءِ، هن 1874ع کان 1875ع تائين ٻيهر هورشيم جي نمائندگي پارليامينٽ ۾ ڪئي.[1] 1875ع ۾ کيس انگلينڊ ۽ ويلز جو چيف چيئرٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.[5]. هن 1840ع ۾ ايڊورڊ سيمور جي ڌيءَ ماريا سيمور سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 [https://web.archive.org/web/20090810231410/http://www.leighrayment.com/commons/Hcommons4.htm Leigh Rayment – House of Commons: Horncastle to Hythe]
- ↑ "نمبر 23187", The لنڊن Gazette, 20 November 1866: 6157
- ↑ "نمبر 23203", The لنڊن Gazette, 28 December 1866: 7171
- ↑ Great Britain. India Office The India List and India Office List for 1905, p. 145, at Google Books
- ↑ "نمبر 24271", The لنڊن Gazette, 30 November 1875: 6048