سر بارٽل فريئر جا سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لئہ ٿيل ڪم
ڇا سَر بارٽل فريئر[1] بارٽل فريئرَ جو سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ هَڏُ ڏُکَندو هو، جو هن اڪيلي سِر سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي رائج ڪرايو؟ ۽ ان عملَ جو برطانوي بيٺڪي پاليسيءَ سان ڪو به تعلق نه هو؟
1843ع ۾، سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو. 1847ع ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيتَ ختم ڪري سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي (يا صوبي) سان ملايو ويو. تڏهن سنڌ جو انتظام سنڀالڻ لاءِ بمبئي جي صوبائي بيٺڪي سرڪار ڪو انگريز عملدار يا ڪامورو موڪليندي هئي. اهڙو ئي هڪ ڪامورو، بارٽل فريئر جي نالي سان، سن 1850ع ۾ سنڌ ۾ موڪليو ويو. جنهن 1850ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ اهم سڌارا آڻي، هڪ پاسي سنڌ ۾ بيٺڪي راڄَ کي مستحڪم ڪيو ته ٻئي پاسي انهن پاليسين جي نتيجي ۾ سنڌ اندر جدت پڻ آئي.
خاص طور تي، بارٽل فريئر پاران سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ورتل اُپاءَ اسان وٽ تمام گهڻي قدرَ جي نگاههَ سان ڏٺا ويندا آهن. هن:
* موجوده سنڌي الف ب سڀ کان پهرين هن ٺهرائي.
* موجوده عربي صورتخطي، جنهن ۾ سنڌي لکي وڃي ٿي، سا به هن جوڙائي.
* سنڌي گرائمر ۽ سنڌي لُغَت تي هن جي ڪمشنري واري دورَ ۾ ئي اوائلي، بنيادي ۽ اهم ڪم ٿيو.
* هن جي ئي هدايتن هيٺ سنڌيءَ ۾ ترجما ٿيڻ شروع ٿيا ۽ جلد سنڌي ادب جو دامن مغربي توڙي مشرقي ادبَ جي ترجمن سان ڀرجڻ لڳو.
* هن ئي 1851ع ۾ اهو فرمان جاري ڪيو ته اڄ کانپوءِ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکپڙهه ڪئي ويندي. هن سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ يورپي عملي کي پڻ پابند بنايو ته هُو سنڌي ٻولي سکندا ته جيئن ڏيهاڙيءَ وارا ڪم احسن اندازَ ۾ پورا ڪن.
سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اهڙا اُپاءَ نه سنڌي مسلمان حاڪمن (جهڙوڪ: سومرن سمن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن) ورتا ۽ نه ئي سنڌ تي راڄ ڪندڙ غيرسنڌي مسلمان حاڪمن (جهڙوڪ: عربن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن).
پر سَتَ سمنڊ پار کان آيل هنن ”ڪافرن“ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اهڙا اُپاءَ ورتا. فريئر جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل اهڙين ”خدمتن“ عيوض، مڃتا طور، قدرشناس سنڌين، ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ واقع انگريز دورَ جي هڪ عمارت جناب فريئر سان منسوب ڪئي آهي، جنهن کي اڄ به ”فريئر هال“ چئجي ٿو.
پر ان جاءِ تي هڪ سوالُ اڀري ٿو ته ڇا سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر جناب سَر بارٽل فريئر صاحب، سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهي جيڪي به اُپاءَ ورتا، سي سندس ذاتي دلچسپين ۽ ڪاوشن جو نتيجو هئا؟ ڇا فريئر ذاتي حيثيتَ ۾، رڳو سنڌ سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عشقَ ۾ اهڙيون ”خدمتون“ سَرانجام ڏنيون؟ يا فريئر رڳو بيٺڪي يا سامراجي سرڪار جي سنڌ ۾ هڪ نمائندي طور ڪم پئي ڪيو؟ ۽ اصل ۾ اها بيٺڪي پاليسي هئي ته مقامي ٻوليون سکي، انهن تي تحقيقَ ڪري، انهن ٻولين ۾ ”بيٺڪي علم“ تيار ڪرائي، عوام ۾ ڦهلائي، ان جي مدد سان پنهنجو بيٺڪي راڄُ وڌيڪَ مضبوط ۽ مستحڪم ڪجي؟
فرانسيسي محقق جناب مائيڪل (مِشيل ؟) بوئوِن، 2020ع ۾ ڇپيل ڪتاب "The Sufi Paradigm and the Making of a Vernacular Knowledge in Colonial India:The Case of Sindh : 1851-1929 ۾ چوي ٿو ته بارٽل فريئرَ جون سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت پاليسيون اصل ۾ ڏکڻ ايشيائي انگريز بيٺڪيت جي مقامي ٻولين بابت جوڙيل پاليسين جي تناظرَ ۾ ڏسڻ گهرجن. پوءِ هُو انگريز بيٺڪي راڄَ جي ڏکڻ ايشيائي مقامي ٻولين بابت جوڙيل پاليسين جا پيرا کڻي ٿو.
* 1767ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپني آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ فارسي ٻوليءَ جو استاد مقرر ڪرڻ لاءِ چيو.
1770ع کان 1785ع جي وچ ڌاري، ڏکڻ ايشيائي انگريز بيٺڪيت مقامي ٻولين ۾ دلچسپي وٺڻ بابت سنجيدگيءَ سان سوچيو. بحث مباحثا ڪيا.
بحثَ جو مرڪزي نڪتو هي هو ته ڏکڻ ايشيائي ”ڄَٽَن، جاهلن ۽ اڻ پڙهين“ کي عظيم، ارفع، اعليٰ ۽ برتر اولهه جي تهذيبَ سان روشناس ڪرائڻ لاءِ جيڪا ”بيٺڪي تعليم“ ڏيون، سا ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڏيون؟ ان سوالَ جو جوابُ ڏيندي انگريز اسڪالر ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا؛ هڪڙا Orientalist جن جو خيال هو ته هندستانين کي تعليمَ مشرقي زبانن جهڙوڪ: عربي، فارسي ۽ سنسڪرت ۾ ڏيڻ گهرجي. ٻيا Anglicist، جن ان خيالَ سان اختلاف رکندي چيو ته انتهائي لطيف ۽ شائسته خيالن جو اظهارُ ڪرڻ جي قابليتَ انگريزيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪونهي. تنهنڪري هندستانين کي ”بيٺڪي تعليمَ“ انگريزيءَ ۾ ڏيڻ گهرجي.
* 1777ع ۾، وليم جونس فارسيءَ جي گرائمر جو ڪتابُ لکيو.
* 1798ع ۾، پروفيسر گِلڪِرسٽ هندستاني ٻولي ۾ ڳالهه ٻول بابت ڪتابن جو پورو سيٽ لکي ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي ڪري کيس هندستاني ٻولين جو عالم سمجهيو ويو.
* 1800ع ۾، انگريزن ڪلڪتي ۾ فورٽ وليم ڪاليج قائم ڪيو. جتي پروفيسر گِلڪِرسٽ کي هندستاني ٻولي پڙهائڻ لاءِ استاد مقرر ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ڪاليجَ جو پهريون پرنسپال پڻ.
* 1813ع ۾، برطانوي پاليامينٽ ڪمپنيءَ کي پابند بنايو ته هُوءَ هندستاني ٻولين تي تحقيقَ ڪرائي ۽ گڏوگڏ هندستانَ ۾ عيسائيت جي تبليغَ جي اجازت ڏئي.
* 1833ع ۾، هندستانَ جي گورنر جنرل لارڊ بينٽنڪ صاحبَ چارلس ٽريوليان کي پبلڪ انسٽرڪشنس جي جنرل ڪاميٽيءَ ۾ مقرر ڪيو. جناب ٽريوليان صاحب، مشهور Anglicist هو، جيڪو هندستانين کي بيٺڪي تعليمَ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏيڻ جو حامي هو. اهڙي ماڻهوءَ کي اهڙي ڪاميٽيءَ ۾ رکڻ مان ظاهر هو ته ان وقت جي هندستاني بيٺڪي انگريز سرڪار جو لاڙو انگريزي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ بابت هو.
* 1837ع ۾، ڪمپني سرڪار فرمان جاري ڪيو ته اڄ کانپوءِ فارسيءَ جي جاءِ تي دفتري ٻولي انگريزي هوندي.
* 1851ع ۾، بارٽل فريئر سنڌ ۾ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ان مختصر ٽائيم لائين تي اُڏامندڙ نظرَ وجهڻ سان معلوم ٿي سگهي ٿو ته 1851ع ۾ فريئر انتظاميا طرفان ڪيل سنڌي ٻوليءَ بابت فيصلو ڪو فريئر جو تَن تَنها فيصلو نه هو. بلڪ ان پٺيان ڪم و بيش مُني صديءَ جو بيٺڪي سرڪار جي فيصلا ساز ادارن جي وچ ۾ بحثَ جو نتيجو هو. جيڪي ان سوالَ تي ورهايل هئا ته ”بيٺڪي تعليم“ مشرقي ٻولين ۾ ڏجي يا انگريزي ٻوليءَ ۾. پوءِ جيڪڏهن انگريزي ٻوليءَ جي حامين وٽ اختيارُ آيو ته انگريزي ٻوليءَ کي اختيار ڪيو ويو ۽ جڏهن مشرقي ٻولين يا مقامي ٻولين جي حامين کي اختيار مليو ته هنن پنهنجي گروهي سوچَ هيٺ بيٺڪيتي مفادن لاءِ بهتر سمجهيو ته مقامي ٻولين کي هٿي وٺرائجي.
خداوادي، گُرمکي، ديوناگري ۽ نسخ رسم الخطن مان سنڌيءَ لاءِ مناسب رسم الخط ڪهڙي هجڻ گهرجي؟ ان سوالَ تي جڏهن بوئون اڳيان بحثُ ڪري ٿو ته هُو حوالا کڻي ٿو اچي جنهن مان معلوم ٿئي ته ان بابت به منظوري فريئر گورنر جنرل جي ڪائونسل کان پئي ورتي.
ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ ڏکيو ڪونهي ته فريئر اصل ۾ سنڌ ۾ انگريز سامراج جو نمائندو هو. انگريز پاليسين تي عمل ڪرائڻ لاءِ مقرر هو. هُو اڪيلي سِر ايڏا وڏا فيصلا ڪري ئي نه ٿي سگهيو. خاص طور تي تڏهن جڏهن اهڙن فيصلن سان انگريز سامراجيت جي مفادن کي نقصان رسي.
هاڻي اتي سوالُ ٿو پيدا ٿئي ته انگريزن مقامي ٻولين تي تحقيقَ ڇو پئي ڪرائي؟ انهن کي رائج ڇو پئي ڪيو؟ ايتري قدر جو خود انگريز عملدارن کي به پابند پئي بنايو ته هُو به مقامي ٻوليون سکن. آخر ڇو؟
ان اهم ترين سوالَ جو جوابُ، هُو برنارڊ ايس ڪوهن جي ڪتابَ "Colonialism and its forms of knowledge" (پرنسٽن يونيورسٽي پريس پاران 1996ع ۾ ڇپيل) جي حوالي سان ڏئي ٿو. ڪوهن چواڻي ته هندستانَ ۾ برطانوي بيٺڪي ”علمي“ پراجيڪٽَ هيٺيان هئا:
1. مقامي ٻولين تي ڪم
2. مقامي آڳاٽي ڏاهپَ تي ڪم
3. انهن ادارن ۽ ماهرن جي سرپرستي جيڪي مقامي قديمي روايتَ کي برقرار رکڻ جا خواهشمند هجن.
ڀلا انگريزن مقامي ٻولين تي ڪم ڇو پئي ڪيو؟ ان مان انگريزن کي فائدو؟ ڪوهن چوي ٿو:
1. انهن ٻولين تي ڪم وسيلي انگريزن مقامي ٻولين کي حڪمراني جي آلي طور پئي استعمال ڪرڻ چاهيو.
2. پنهنجي راڄَ يا رعيتَ کي سمجهڻ پئي چاهيو.
3. هندستانين سان مفاهمت پيدا ڪرڻ ۽ (ٻوليءَ معرفت سندن ذهنَ پڙهي کين سمجهي) کين ڪنٽرولَ ۾ رکڻ.
تنهنڪري 1850ع واري ڏهاڪي ۾ بارٽل فريئر پاران سنڌي ٻولي ۽ ادبَ جي ترقيءَ وارين ڪاوشن کي ان زاوئي سان پڻ ڏسڻ گهرجي.
ليکڪ: جاويد اقبال لاڙڪ
- ↑ Boivin, Michel. "Sufi Knowledge (Ilm Tasawuf), Sufi Culture, and the Sufi Paradigm". The Sufi Paradigm and the Makings of a Vernacular Knowledge in Colonial India. Cham: Springer International Publishing. صفحا. 157–185. ISBN 978-3-030-41990-5.