سرڳ واسي ٻارڙا
ڏيک
سُرڳُ واسي ٻارڙا" (فارسي: بچههای آسمان, انگريزي Children of Heaven) 1997ع جي هڪ ايراني فيملي ڊراما فلم آهي جيڪا جڳ مشھور ايراني فلمساز ”ماجد مجيديءَ“ پاران لکي ۽ هدايت ڪئي وئي. هي ڪهاڻي هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻُ جو پيڇو ڪري ٿي ۽ انهن جي جوتن جي گم ٿيل جوڙيءَ جي سفر بابت آهي. فلم کي هاڪاري موٽ ملي، ۽ 1998ع ۾ سُٺي ۾ سُٺي پرڏيھي ٻولي جي فلم لاءِ اڪيڊمي ايوارڊ لاءِ چونڊي وئي. ڀاءُ ڀيڻ علي ۽ زهرا, زهره جي جوتن جي جوڙيءَ جي گم ٿيڻ کي لڪائڻ لاءِ هڪ پيچيده انتظام ڪن ٿا. پر جڏهن اهو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو اٿن، ته علي نوان جوتا کٽڻ جي ڊوڙ ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ٿو.
فلم ڏَسي ٿي ته هن دنيا ۾ دَيا يا رحمدليءَ جي ڪا به کوٽ ڪانھي, پر هڪ ماڻھوءَ کي ٻئي ماڻھوءَ جي پيڙاوَ ۽ نظرئي کي سمجھڻ گھرجي.