سريليءَ تي سرائڪيءَ جو اثر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ جو سرو (Sindh jo Siro)، خاص ڪري جيڪب آباد وارو پاسو، ٻروچڪو ڀاڱو آهي ۽ اتي ٻروچڪي يا سرائڪي ٻولي هلي ٿي. جيڪب آباد ۽ شڪارپور جا ڪيترا هندو به گهرن ۾ ٻروچڪي ڳالهائين ٿا، جنهنڪري ٻروچن وانگر ’وهنجڻ‘ بدران ’ڌاوڻ‘(ڌانوڻ)، ۽ ’ڳالهه‘ بدران ’ڳل‘ چون ٿا. جيئن ’منهنجي ڳل ٻنڌ‘، يعني منهنجي ڳالهه ٻڌ. سريلي جي گرامر ۾ جيڪي الڳ ڳالهيون آهن، تن لاءِ به هڪڙو ڪارڻ اهو ئي آهي ته اتي جي ٻوليءَ تي ٻروچڪيءَ جو اثر ٿيو آهي- مثلاً سرائڪيءَ ۾’يار‘ جو جمع ’ياران‘۽ ’سڄڻ‘ جو ’سڄڻان‘. شڪارپوري به انهيءَ نموني’کارڪ‘جو جمع’کارڪان‘ چون ٿا.

(الف) سري ۾ ’اسين‘ بدران ’اسان‘۽ ’توهين‘بدران ’توهان‘چون ٿا، سو به سرائڪي نمونو آهي- مثلاً:

’اسان نه ڪنهن دي ڄائي هون، ڄـــائــي ڪــنـهـن نه نپائي هون.‘ (سچل)

(ب) سري جا رهاڪو’آيس‘بدران چون ’آيم‘، سو به سرائڪي نمونو آهي- سرائڪيءَ ۾ ’م‘ ضمير متڪلم ۽ ’س‘ ضمير غائب جي معنيٰ ڏيکاري ٿي. ’وسر نه ويسم‘، معنا وسري نه ويندم. ’ويندم‘ معنا مون کي ويندو. ’بخار هيس‘ معنيٰ تپ اٿس. ’اٿس‘ معنا هن کي آهي.

(ٻ) مٿي چيو ويو آهي ته ’ٿو‘ ۽ ’پيو‘ ٻيئي گڏي زمان ماضي استمراري جوڙڻ جو رواج سڄيءَ سنڌ ۾ سري کان سواءِ ٻيو ڪنهن به هنڌ ڪونهي؛ اهو دستور به سرائڪيءَ مان ورتو اٿن. ’مان کاوان ٿو پيو‘. هي جملوئي سرائڪي نموني آهي، جنهن ۾ چون ته”مئن کاوندا پيا هان“

(ڀ) ’هن راڳ ڳاتو‘، يعني ’ڳايو‘ بدران ’ڳاتو‘ چون ٿا. هن طرح وچ واري ’ت‘ اکر قائم رکڻ جو دستور سرائڪيءَ ۾ آهي.

(ت) سرائڪيءَ ۾ اسم تصغير واري ’ڙو‘ پڇاڙي ڪم آڻڻ جو رواج بلڪل گهڻو آهي- جهڙوڪ فريد نالي هڪ شاعر چيو آهي ته:

”ســـڄـــن رٺــڙا ته ســک مُٺــڙا، خوشــي دا سانگ سڀ ٽٽڙا، نه جيءُ ڇُٽڙا، نه ڏک کُٽڙا، ايهه ڪُٺڙي مونجهه ول ول دي.“

سري ۾، خاص ڪري شڪارپور ڏي، انهيءَ نموني ظرف مڪان ۾ به اها ئي پڇاڙي گڏي هت- هتڙي ۽ تت- تتڙي چون ٿا. هيءُ به سرائڪي جو اثر چئبو.[1]

حوالا[سنواريو]