ماورائي حقيقت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سريئلزم کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ماورائي حقيقت __(Surrealism):

سريئت/سريئلزم جي لغوي معنيٰ آهي ”حقيقت کان ماورا“ يا پري. ماورائي حقيقت، داخليت پسنديءَ جي تحريڪ آهي، جنهن ۾ ”دادازم“ ۽ ڪيوبزم وغيره به اچي وڃن ٿا. هر جديد ادب سرجيندڙ ۽ پڙهندڙ سمجهي ٿو ته انساني لاشعور کي انتهائي حقيقي سمجهي ڪردارن جو جهان تخليق ڪرڻ سرئيلزم آهي. هن لاڙن ۾ سرت، ساڃاهه بجاءِ بي ترتيب خيالن ۽ جذبن جو هجوم هوندو آهي، هن لاڙي ۾ ادبي طور بي مقصديت وڌيڪ هوندي آهي، جنهن کي حقيقت کان مٿانهون يا ماورائي حقيقت چيو ويندو آهي.هي رجحان دادائيت جي ضد ۾ پيدا ٿيو. هن جو باني ”آندري پريٽون“ هو . هن تحريڪ جي مڃڻ وارن جو چوڻ هو ته عالم محسوسات کان سواءِ هڪ ٻيو عالم به پنهنجو وجود رکي ٿو. جيڪو هن ظاهري ۽ حسي عالم کان بلڪل مختلف آهي. ان عالم تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ اتان جو عقل ۽ منطق کان ڪناره ڪش ٿي وڃڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪري هن ۾خارجي حقيقت ڪا معنيٰ نٿي رکي. ان جي بدران لاشعور جي داخلي حقيقت سڀ تي مقدم آهي. هن قسم جي نقاد جو چوڻ آهي ته فنڪار حقيقت سڀ تي مقدم آهي. فنڪار حقيقتن کي خارجي شين ۾ نه ڳولي، پر ان لاءِ لاشعور جي مدد سان خود پنهنجي وجود جي گهرائين ۾ هليو وڃي.هن رجحان جو سڀ کان وڏو نمائندو ”ڪافڪا“ آهي. سنڌي زبان ۾ ماڻڪ، مشتاق شورو، مدد علي سنڌي، خيرالنساء جعفري، منور سراج، اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻين ۾ سريئلزم جو ڪجهه اثر نظر اچي ٿو. [1].


حقيقت کان مٿانهون، سريئت يا سريئلزم (Surrealism) جي معنا آهي ”حقيقت کان پاسيرو“ يا سچائي کان پَري. هيءَ اصل ۾ داخليت پسنديءَ جي تحريڪ آهي، جنهن ۾ ”دادازم“ ۽ ڪيوبزم وغيره به اچي وڃن ٿا. هر جديد ادب سرجيندڙ ۽ پڙهندڙ سمجهي ٿو ته انساني لاشعور کي حقيقي سمجهي ڪردارن جو جهان تخليق ڪرڻ سرئيلزم آهي. هنن لاڙن ۾ سرت، ساڃاهه بدران بي ترتيب خيالن ۽ جذبن جو هجوم هوندو آهي، هن لاڙي ۾ ادبي طور بي مقصديت وڌيڪ هوندي آهي، جنهن کي حقيقت کان مٿانهون يا ماورائي حقيقت چيو ويندو آهي. هي لاڙا دادائيت جي ضد ۾ پيدا ٿيا. هن جو باني ”آندري پريٽون“ هو . هن تحريڪ جي مڃڻ وارن جو چوڻ هو ته عالم محسوسات کان سواءِ هڪ ٻيو عالم به پنهنجو وجود رکي ٿو. جيڪو هن ظاهري، پڌري ۽ حسي عالم کان بلڪل مختلف آهي. ان عالم تائين رَسڻ لاءِ اتان جو عقل ۽ منطق کان پاسيرو ٿي وڃڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪري هن ۾خارجي حقيقت ڪا معنا نٿي رکي. ان جي بدران لاشعور جي داخلي حقيقت سڀ تي لازمي آهي. هن قسم جي نقاد جو چوڻ آهي ته فنڪار حقيقت سڀ کان مٿاهين آهي. فنڪار حقيقتن کي خارجي شين ۾ نه ڳولي، پر ان لاءِ لاشعور جي مدد سان خود پنهنجي وجود جي گهرائين ۾ هليو وڃجي. هن لاڙي جو سڀ کان وڏو نمائندو ”ڪافڪا“ آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد