سرهاڻ سنڌي ٻاراڻو سافٽ ويئر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جو انٽرنيٽ تي پهريون آن لائين (سرهاڻ سنڌي ٻاراڻو سافٽ ويئر)[سنواريو]

غازي حسين حيدري

دورِ جديد ۾ هر قوم پنهنجي وجود ۽ بقا جو ثبوت ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيڪنالاجي وسيلي ڏئي رهي آهي. جنهن ۾ اهي قومون نه رڳو پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ ٻولي پر تواريخ کي به محفوظ ڪرڻ لاءِ هر ممڪن جتن ڪري رهيون آهن. ان سڄي عمل ۽ جاکوڙ ۾ جيڪا شيءَ سڀ کان وڌيڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن سا آهي ٻولي، ڇاڪاڻ ته ٻولي ئي قوم جي جياپي جو اهم اھڃاڻ آهي.

منهنجي نظر۾ اهي ماڻهو عظيم آهن جيڪي ڪنهن لالچ، لوڀ ۽ سرڪاري مراعاتن کان بالاتر ٿي ڪري پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻولي لاءِ ڪم ڪندا آهن، پوءِ ڇو نه ڪير انهن کي مڃتا طور ايوارڊ ڏئي يا نه ڏئي پر هو فرض سمجهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندا رهندا آهن، صرف ان ڪري ته ڌرتي، قوم ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ انهن جو اهو پورهيو ڪم اچي سگهي. انٽرنيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واهپي بابت جيڪڏهن ڪو ڪم ٿيل آهي ته اهو ٿورن ئي انهن سنڌي ماڻهن جو آهي جيڪي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي فقط قومي جذبي تحت ڪم ڪن ٿا جن ۾ ڪيترائي وڏا نالا آهن. هتي مان صرف محترم علي حسن ملاح جو ذڪر ڪندس جنهن سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي نه صرف اجاگر ڪيو آهي پر آن لائين سنڌي پڙهڻ ۽ سيکارڻ لاءِ انٽرنيٽ تي اهو ڪم ڪيو آهي جنهن جي هن وقت اشد ضرورت آهي. انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ايم بي سنڌي سافٽ ويئر دريافت ڪري سنڌي ٻولي کي نئين حياتي ڏني آهي ۽ سندس جي ڪري ئي اڄ اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ نالي سان واقف ٿيا آهيون. سائين عبالماجد ڀرڳڙي 2000ع ۾ ونڊوکي پهريون ڀيرو يوني ڪوڊ جي بين القوامي اسٽينڊرڊ جي آڌار تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌائين. هن 23 سالن ۾ پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري پيو ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ قابل استعمال بڻائي سنڌي جي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال کي ترويج ڏيئي ۽ ترقي وٺرائي. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي مائڪرو سافٽ ڪمپنيءَ سان ملاقاتون ڪري سنڌي ٻوليءَ کي يوني ڪوڊ ۾ جڳهه ڏياري. هاڻي اسان ان قابل ٿي ويا آهيون ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اي ميل ڪرڻ، ويب سائيٽون ٺاهڻ، ڊيٽا بيس جو ڪم ڪرڻ ۽ ان کان علاوه جديد سافٽ ويئرن تي آسانيءَ سان سنڌي ٻولي لکي سگهون ٿا.

هاڻي سنڌي ٻولي جو دائرو قومي سرحدن کان وڌي عالمي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سافٽ ويئر ايم بي سنڌي کان پوءِ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي خدمت لاءِ هي ٻيو شاهڪار آهي. ڪمپيوٽر تي پيش ڪيل محترم علي حسن ملاح ۽ سندس ٽيم پاران تيار ڪيل سرهاڻ سنڌي ٻاراڻو سافٽ ويئر به وڏي مڃتا ماڻي آهي. هن سافٽ ويئر ۾ تصويرن ۽ آوازن ذريعي ٻارن لاء سنڌي سکيا جا سبق رکيا ويا آهن. وزيوئل هجڻ ڪري ٻار جڏهن هڪ دفعو انهن شين کي ڏسندا ۽ سمجهندا ته گهڻو وقت اهي سڀ شيون کين ياد رهنديون.

http://2torialz.blogspot.com/2014/02/sindhi-tutor.html

سنڌي ٻولي ڪيئن پڙهائجي؟ نصابي تربيتي ادارن جي جوڙيل ڪورسن جي آڌار تي “انڊسليڪان سافٽ ويئر” جي تيار ڪندڙ محترم علي حسن ملاح ۽ سافٽ ويئر انجنيئر سيما ڀٽو سان گڏجي “سرهاڻ سنڌي ٻاراڻو سافٽ ويئر” جوڙي مفت انٽرنيٽ تي جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن، مشقن، ڳڻپ، رنگن، شڪلين، آئيوٽا، ڪِڪ پٽي ۽ سبقن کي صوتيات ۽ تحت اللفظ جي معيار کي نظر ۾ رکندي خوبصورت ۽ متحرڪ شڪلين کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪِڪِ پٽيءَ ۾ موجود اعرابن کي شڪلين سان انهن جي اچارن سميت پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪيل نصابي سافٽ ويئر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي تيار ڪيل نصاب “سنڌي ٻاراڻو ڪتاب” جي اٺاويهن سبقن کي شامل ڪري لفظن ۽ جملن جي اُچار لاءِ آوازن ذريعي هِجي ۽ روان جو به طريقو شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڏسندڙ يا سکندڙ ٻار ۽ بالغ پنهنجي مرضيءَ سان ان کي پزل گيم جيان استعمال ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته پهرئين سبق کان آخري سبق تائين ڪتاب ۾ شامل شين، جانورن ۽ پکين جهڙوڪ طوطي، هاٿي، شينهن، ريل گاڏي، بدڪ، مور، اٺ ، ڍڳي ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جا آواز پڻ موجود آهن، جيڪي ٻارن پاران وڌيڪ پسند ڪيا ويا آهن. ٻارن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ٽرئفڪ جا نشان، جاميٽري جون بنيادي شڪليون، ڳڻپ جو تصور هن درسي سافٽ ويئر ۾ موجود آهي. ٻارن کي ننڍي عمر ۾ هن سافٽ ويئر وسيلي رنگن جي ساڃاهه ڏيڻ لاءِ ڏهه رنگ متعارف ڪرايا ويا آهن. مفت آن لائن درسي سافٽ ويئرwww.indusilicon.com تي موجود آهي، جيڪو سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۽ والدين جي ڌيان جو منتظر آهي. هي درسي سافٽ ويئر بنيادي ڏاڪو آهي، اڃا رياضي، جاگرافي، تاريخ، سائنس ۽ سنڌ جي ساڃاهه بابت ٻيو مواد نه رڳو ڊيسڪ ٽاپ ۽ آن لائن پر ٻين پليٽ فارمن جهڙوڪ: ٽيبليٽ، موبائل ۽ اينڊرائڊ تي پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت ۽ اڻٽر حقيقت آهي.

محترم علي حسن ملاح ۽ سندس ٽيم کي جس هجي جو سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جي بنيادي ڪتاب يعني “سنڌي ٻاراڻو ڪتاب ڪلاس پهريون” کي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ متعارف ڪرائي قابل تعريف ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن سافٽ ويئرکي مڪمل ڪرڻ ۾ جيڪا محنت ڪئي وئي آهي سا سنڌي قوم تي هڪ وڏو احسان آهي، جيڪا جديد دور جي گھرجن مطابق سڀني سنڌ واسين لاءِ هڪ انمول تحفو ثابت ٿيندي. هن مان ايندڙ نسل کي پڻ وڏو فائدو حاصل ٿيندو ۽ ڪرندڙ تعليمي معيار کي وڏو سهارو ملندو.

هن آن لائين ويب سائيٽ ٺهڻ کان پوءِ هاڻي سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر سنڌي ٻولي سکڻ ۽ پڙهڻ نهايت آسان ٿي ويو آهي. هاڻي سنڌي ٻولي جي واڌويجهه ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ اسان جي ادارن جو فرض ٿئي ٿو ته هو هن سافٽ ويئر وسيلي سنڌ جي پرائمري سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائين ته جيئن ٻار ننڍي عمر کان ئي پنهنجي ٻولي سکي ۽ پڙهي سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي ڄاڻ پڻ حاصل ڪري سگهي. اسان کي هاڻي پنهنجي ٻولي بچائڻي آهي ته ان لاءِ اهڙي قسم جا قدم کڻڻا پوندا، تنهن ڪري محترم علي حسن ملاح ۽ سندس ٽيم کي جس هجي جو هن اهو ڪم ڪيو آهي.

آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن جي ترجمان انٽرنيٽ تي “سرهاڻ سنڌي ٻاراڻي سافٽ ويئر” جي باري ۾ چيو آهي ته اسان سنڌ جي تعليم واري سينئر صوبائي وزير جناب نثار احمد کهڙو صاحب، سنڌ جي تعليم کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جناب ڊاڪٽر فضل الله پيچوهو صاحب ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي عرض ڪيون ٿا ته محترم علي حسن ملاح جي ڪيل هن محنت کي سنڌ جي سڀني تعليمي ادارن ۾ اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ جي منظور ڪيل رقمن مان ڪمپيوٽر خريد ڪري اسڪولن ۾ پهرين ڪلاس جي شاگردن کي جديد دور جي آسان طريقي سان تعليم ڏياري وڃي.

ڪا به قوم ان وقت تائين ترقي نٿي ڪري سگهي جيستائين اها پنهنجي تعليم جي شعبي کي بهتر نٿي ڪري. تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته فقط اها قوم ئي دنيا ۾ پنهنجو وجود برقرار رکي سگهي آهي جنهن تعليم جي اهميت کي سمجهيو ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي تعليم جي زيور سان سينگاريو. ڪنهن به فلاحي مملڪت تي اها ذميواري عائد ٿيندي آهي ته هوءَ پنهنجي مستقبل جي معمارن لاءِ بهترين تعليمي سهولتون فراهم ڪري. دنيا جي ڪا به قوم تعليم، سائنس، ٽيڪنالوجي، تحقيق ۽ معلومات کي نظرانداز ڪري ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندي ۽ نه وري عالمي برادري ۾ ڪو اعليٰ مقام حاصل ڪري سگهي ٿي.پاڪستان جي موجوده عوامي جمهوري حڪومت ۽ ان جي اعليٰ قيادت تعليم جي اهميت مان چڱي طرح واقف آهي. تنهن ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تصورات کي سامهون رکندي موجوده حڪومت پاڪستان کي تعليم جي ميدان ۾ ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ گڏ بيهڻ لاءِ تمام اهم ۽ ضروري قدم کڻي رهي آهي.