سرنگھو
سرنگھو:
هن وڻ جو مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن ۾ نالو نشان به ڪونه آهي. ڇاڇري تعلقي ۾ به فقط ڇاڇري شهر ۾ سرڪاري بنگلي جي اڳيان چند وڻ ڏسڻ ۾ ايندا. هيءُ وڻ بلڪل اُڀو ۽ اتاهون ٿئي ٿو. هن جا پن گهڻو ڪري سونئانجهڙي جي وڻ جي پنن جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سندس ڪاٺ بلڪل ڪچو ٽاڪئون آهي، جهڙيءَ طرح پپر جي ڪاٺي ٿئي ٿي، بلڪ ان کان به ڪَچو ٿئي ٿو. هن جي ڪاٺي سواءِ ٻارڻ جي ٻئي ڪنهن به ڪم ۾ ڪانه اچي. نه وري سندس پن ڪنهن ڪم جا آهن. منجهس ڪوبه ڦل ڪونه ٿئي جو ڪار آمد ٿئي. سرنگهوءَ جو وڻ پارڪر واري اُپٻيٽ ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿو. هن وڻ جي اهڙي خاصيت آهي جو هن جي ڪاٺيءَ جو ڪو به ٽڪر چاهي اهو هڪ ڏار يا ٽار هجي، جيڪڏهن سرنگهوءَ مان ڀڃي زمين کي فوٽ کن کوٽي اڀو هڻي ڇڏبو ته بنان ڪنهن تڪليف جي ٿوري ئي وقت ۾ ڦٽي پوندو ۽ پن ڪري وڻ ٿي ويندو. ان ڪري پارڪر ۾ عام طرح گهرن کي ڍنگهرن جا لوڙها ڏيڻ بدران، ماڻهو گهرن کي چوڌاري قطارن ۾ سرنگهوءَ جون ڪاٺيون کوڙي ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن اهي وڻن جي صورت اختيار ڪندا آهن تڏهن هڪڙي عاليشان سرنگهوءَ جي وڻن جي ڀت ٺهي پوندي آهي. پريان ائين پيو سمجهبو آهي ته ڪي مانجهاندڙي جا وڻ قطارن ۾ پوکيل آهن، جهڙيءَ طرح ميرپورخاص جا وڻ قطارن ۾ پوکيل آهن، جهڙي طرح ميرپورخاص گورنمينٽ فروٽ فارم يا ٻين سرڪاري بنگلن ۽ باغن وٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.[1] هي وڻ اُڀو ۽ اُتانهون ٿئي. اُن جا پن ڪنڊي جي پنن جهڙا سنها ٿين. جون مهيني ڌاري گونچ ڪڍي ساوا پن ڪندو ويندو. وسڪاري جو سائو هوندو، اُن وقت ڇانوَ سٺي ڪندو آهي. سرءُ ۾ پن ڇڻيو پون، پوءِ فقط ڪاٺين جا اُڀا لوڙها بيٺا هجن، جي رنگ جا اڇا ٿين، ڇانوَ اصل ڪونه هجي. وري اپريل ڌاري پن ڪونه ٿين پر هرهڪ ٽاريءَ جي ڇيڙي ۾سايون مکڙيون ٿينديون آهن، جي ڦُٽي فوني جي توتاري جهڙا اڇا گل ٿي پوندا آهن، جن جي اندران وار نڪرندا آهن. اصل گلن سان جهنجهيو بيٺو هوندو آهي، ان مهل ڏاڍو وڻندڙ لڳندو آهي. جلد ئي گلن مان ڦَريون ٿينديون آهن، جي ڪُونڀٽ جي ڦرين جيڏيون هونديون آهن، اهي نڪو مال کائين ۽ نڪو ٻئي ڪنهن ڪم اچن، ازخود ڇڻي ختم ٿي وينديون آهن[2]. هن وڻ جي ڪاٺي ڪَچي ۽ اَڀري آهي تنهنڪري ڪنهن به ڪم ڪانه اچي. ٻارڻ جي لاءِ به چڱي ڪانه آهي ڇو ته ٻارڻ سان لات ڪري ٻَرندي ته تڪڙو ٻري ختم ٿي ويندي. جي لاٽ اُجهاڻي ته دُونهون ايترو ڪندي جو ڀرسان ماڻهو ويهي ڪونه سگهندو ۽ ان مان بانس به نڪرندي آهي. پوءِ ويٺو ڦوڪون ڏي، اصل مٿي ۾سُور پئجيو وڃي. ازانسواءِ سرنگهو جي ڪاٺين تي رڌل طعام ڌَپ جي ڪري بيذائقو، اڻوڻندڙ ۽ خراب ٿيندو آهي، جنهن جي کائڻ کان ماڻهوءَ کي بڇان پيئي ايندي. انهيءَ ڪري ٻارڻ جي ڪم به ڪونه اچي.[2].